برونائي دار السلام جي بادشاه جي شان ۽ شوڪت جي ڌوم سڄي دنيا ۾ متل آهي۔ هڪ اندازي موجب سندس ملڪيت ۾ هر سيڪنڊ ۾ 90 يورو جي واڌ ٿئي ٿي ۔ ان واڌ جو مطلب ته هر منٽ ۾ 45400 ، هڪ ڪلاڪ ۾ 324000 ۽ روزانه 7776000 يورو وڌي رهيا آهن۔ سندس استعمال ۾ رهندڙ هر شيء سون ۽ چانديء سان چمڪندي نظر اچي ٿي۔ هو اهڙا ڪپڙا پائيندو آهي جن تي سون ۽ چانديء سان ڀرت ڀريل هجي۔ حسن البدقيه جي محل کي ڏسجي ته سندس محل دنيا جو وڏي ۾ وڏو رائل پيليس آهي۔ 1788 ڪمرن واري محل جي هر ڪمري جي شين تي سون ۽ چانديء جي تھ چڙهيل آهي۔ سندس استعمال ۾ 5000 کان مٿي مختلف گاڏيون آهن۔
بادشاه جي ڌيء جي شاديء جي موقعي تي 14 ڏينهن لاء سموري ملڪ ۾ جشن ملهايو ويو جنهن تي 5 ملين ڊالرن جو خرچو ٿيو۔ شاديء ۾ شهزاديء هيرن جو خوبصورت تاج پاتو جيڪو برطانيه جي راڻيء جي تاج کان به وڌيڪ قيمتي هو۔ سندس شاديء ۾ 25 کان مٿي ملڪن جي سربراهن خاندان سميت شرڪت ڪئي۔

هن کي هڪ خوبصورت بوئنگ 747 جهاز پن آهي جيڪو 100 ملين ڊالرز جو آهي۔ هن جهاز جو باٿ روم به سون جو ٺهيل آهي۔ هن بوئنگ کانسواء کيس 6 ننڍا جهاز ۽ ٻه هيليڪاپٽر پڻ آهن۔