مان پنهنجي جگري ڀاءُ اظهر علي قمبراڻي کي سنڌ سلامت جي محبتن ڀري اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو، ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، ڀاءُ اظهر مونکان آهي ته ننڍو پر مونکان وڏا وڏا ڪم ڪندو آهي، لنڪس ۽ ويب ڊزائننگ هن جو پيشو آهي۔ گرافڪ ڊزائيننگ هن جو مشغلو آهي۔
ادا اظهر علي قمبراڻي ڀاءُ مان اوهان کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿو مان فقير طرفان هي ڪجهه اوهان لاءُ گل قبول ڪجو ادا sindhsalamatsaathsal
فقير سائين اوهان ته ادا اظهر علي قمبراڻي کي گل نه پر الائي ڇا موڪليو اٿو جو ويچارو پاڻ به پريشان نه ٿي ويو هجئي ڪٿي ته ادو فقير ڳالهه ته گلن جي پيو ڪري پر گل هڪڙو به نظر ڪونه پيو اچي۔۔۔۔ فقير سائين مونکي صرف هڪڙي مکڙي نظر آئي آهي۔۔۔ جيڪا لڳي ٿو ته ڪا تازي کلي هجي۔۔۔۔۔۔۔ ادا اظهر قمبراڻي۔۔۔۔ ڀائو اها مُکڙي اوهان قبول ڪيو ادا فقير سائين جي طرفان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون حقير جي طرفان به اوهان کي لک لک واڌايون هجن جو اوهان هن پيار ڀريي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڪهي آيا آهيو۔۔۔۔۔۔ مهرباني ادا
جي ادا اظهر ڀلي ڪري آئين جي ڪري آئين توهان اسان جي مٺڙي ڀاءُ ادا وهاب جا ننڍا ڀاءُ آهيو، اسان لاءِ ڀي بلڪل اولاد وانگر آهيو، الله سائين توهان کي سوڀون ڏي، پڪ ڄاڻ ته اسان جي سنڌي قوم جو آئيندو هاڻي توهان جهڙن نوجوانن جي هٿن ۾ آهي سو اڳيان وڌو، جيڪي ڀي ڏونگر ڏاکڙا جيجل سنڌ ڌرتيءَ تي اچن پنهنجي همت ، پنهنجي ڏانءُ ۽ پنهنجي ڏات سان انهن ڏونگر ڏاکڙن کي ختم ڪري ڇڏيو، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي توهان جي بهترين ڪاوشن جو انتظار رهندو۔
هڪڙي گذارش ادا نثار توهان اهو ڇا لکيو آهي جو۔ شل سنڌ سلامت رهي۔ اسان جي سنڌ کي ڪجهه به ٿيندو رب ڪندو سنڌ هميشه رهندي۔سنڌ اسان جي جان سنڌسنڌسنڌسنڌسنڌسنڌ۔ هڪڙي گذارش