جي ادا اظهر ڀلي ڪري آئين جي ڪري آئين توهان اسان جي مٺڙي ڀاءُ ادا وهاب جا ننڍا ڀاءُ آهيو، اسان لاءِ ڀي بلڪل اولاد وانگر آهيو، الله سائين توهان کي سوڀون ڏي، پڪ ڄاڻ ته اسان جي سنڌي قوم جو آئيندو هاڻي توهان جهڙن نوجوانن جي هٿن ۾ آهي سو اڳيان وڌو، جيڪي ڀي ڏونگر ڏاکڙا جيجل سنڌ ڌرتيءَ تي اچن پنهنجي همت ، پنهنجي ڏانءُ ۽ پنهنجي ڏات سان انهن ڏونگر ڏاکڙن کي ختم ڪري ڇڏيو، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي توهان جي بهترين ڪاوشن جو انتظار رهندو۔مان پنهنجي جگري ڀاءُ اظهر علي قمبراڻي کي سنڌ سلامت جي محبتن ڀري اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو، ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، ڀاءُ اظهر مونکان آهي ته ننڍو پر مونکان وڏا وڏا ڪم ڪندو آهي، لنڪس ۽ ويب ڊزائننگ هن جو پيشو آهي۔ گرافڪ ڊزائيننگ هن جو مشغلو آهي۔