• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو، وڌيڪ معاوضا پنجاب وارن کي مليا

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
پاڪستان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 2010ع واري ٻوڏ جي حوالي سان 25 جنوري تائين وزير اعظم سيڪريٽريٽ ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ ۾ وڌ ۾وڌ نقصان سنڌ جو ٿيو آهي، جڏهن ته جاني نقصان خيبرپختونخوا ۾ ٿيو آهي، انهن انگن اکرن موجب ٻوڏ دوران سنڌ ۾ 411 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ 1235 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 1156 ماڻهو فوت ۽ 1198 زخمي، پنجاب ۾ 110 ماڻهو فوت ۽ 282 زخمي، بلوچستان ۾ 54 ماڻهو فوت ۽ 104 زخمي، آزاد جمون ڪشمير ۾ 71 ماڻهو فوت ۽ 87 زخمي، گلگت بلتستان ۾ 183 فوت ۽ 87 ڄڻا زخمي ٿيا، اهڙي ريت سڄي ملڪ ۾ 1985 ماڻهو فوت ۽ 2946 زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ٽوٽل 17 لک 44 هزار 471 گهر گهٽ يا وڌ متاثر ٿيا آهن، ان مان وڌيڪ تباهي سنڌ اندر آئي، هتي 8 لک 76 هزار 249 گهر گهٽ يا وڌ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 4 لک 97 هزار 700 گهر، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 84 هزار 990، بلوچستان ۾ 75 هزار 596، آزاد جمون ڪشمير ۾ 7 هزار 106 ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 830 گهر گهٽ يا وڌ متاثر ٿيا آهن، مجموعي طور تي سڄي ملڪ اندر 78 ضلعا، 2 ڪروڙ هڪ لک 84 هزار 550 آبادي ۽ 22 لک 44 هزار هيڪٽرن تي بيٺل فصل متاثر ٿيا، هوڏانهن اٿارٽي پاران پنهنجي ويب سائيٽ تي 26 جنوري تائين ٻوڏ متاثرن کي مليل پئسن جا جيڪي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، انهن موجب سنڌ ۾ نقصان ته وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي پر پئسا پنجاب صوبي کي وڌيڪ ڏنا ويا آهن، انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 608822 ماڻهن کي وطن ڪارڊ جاري ڪيا ويا جن کي 11،877،249،535 رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ 532112 وطن ڪارڊ جاري ڪري 9،678،176،550 رپيا ڏنا ويا، خيبرپختونخوا ۾ 198،018 وطن ڪارڊ جاري ڪري 3،789،932،115 ۽ بلوچستان صوبي ۾ 95005 وطن ڪارڊ جاري ڪري 1،750،186،487 رپيا ڏنا ويا، مجموعي طور تي سڄي ملڪ ۾ 1،447،151 وطن ڪارڊ جاري ڪري 27،329،923،687 رپيا ڏنا ويا.


روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيو، وڌيڪ معاوضا پنجاب وارن کي مليا

ادا ڏک ته ان ڳالهه جو ئي ته آهي نه ته نقصان گهڻو سنڌ ۾ فائدو گهڻو پنجاب کي

هن وقت موجود صدر به سنڌي ، وزير آعظم سندس اعتماد وارو ، اسان جو سي ايم به سنڌي

پو۽ به خبر ناهي ڇو ادا جو اسان جي وڏي ڀا۽ کان ڪو پڇڻ وارو ناهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

جيڪڏهن ڪنهن کي جواب جي خبر هجي ته ٻڌائڻ جي مهرباني ڪري .

هي اهڙو موضوع آهي جنهن تي جيترو به لکجي ايترو گهٽ آهي

سدائين گڏ
 
Back
Top