منهنجا ڪافي دوست اهي شڪايتون عام ڪندا آهن ته ليٽيسٽ ڪمپيوٽر هئڻ باوجود ونڊوز جي ڊيسڪٽاپ تائين پهچندي پهچندي بجلي هليو وڃي۔۔۔۔ اهڙا دوست اڪثر ڪمپيوٽر ميموري ۽ پروسيسر وڌائڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن۔۔۔
دوستو اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪمپيوٽر ميموري (ريم) کي هارڊويئر ڪامبينيشن مطابق رکيو وڃي ته توهان جي سسٽم جو بوٽنگ اسٽارٽ اپ تڪڙو ٿي سگهي ٿو ۔۔۔ پر ان باوجود جو ڪيترائي دوست ونڊوز 7 استعمال ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ڪمپيوٽر ۾ هڪ گيگا بائيٽ يا پلس ميموري آهي ۔۔۔ اسٽارٽ اپ جي سست هجڻ جو ذڪر ڪندا رهندا آهن۔۔۔ اهڙن دوستن لاءِ خاص طور ۽ عام طور لاءِ سمورن رڪنن لاءِ هڪ اهڙي ٽپ حاضر آهي جنهن ذريعي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جو اسٽارٽ اپ تيز بڻائي سگهو ٿا۔۔۔۔
سڀ کان پهريان اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري رن پروگرام کوليو جتي msconfig لکي ڪيبورڊ تان انٽر ڪي پريس ڪريو۔۔۔ توهان جي اڳيان سسٽم ڪنفگريشن ونڊو کلي ويندي۔۔۔۔
هتان ٻيون نمبر ٽيب Boot کوليو ۽ No GUI boot آپشن ان چيڪ ڪريو۔۔۔
جنهن کان پوءِ ان ئي ٽيب ۾ موجود Advanced options بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ته هڪ وڌيڪ ونڊو کلندي۔۔۔ جتي Number of processors تي چيڪ لڳائي هيٺان موجود ڊراپ ڊائون لسٽ منجهان وڌ ۾ وڌ وارو انگ چونڊيو۔۔۔۔ ۽ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔
هاڻي اسٽارٽ اپ ٽيب کوليو ۽ هيٺ موجود سمورن پروگرامن تان چيڪ هٽائي ڇڏيو۔۔۔ ياد رهي ته هي اهي پروگرام هوندا جيڪي توهان وقت سر انسٽال ڪندا رهندا آهيو ۔۔۔ اڪثر اهي پروگرام تڪڙا کلڻ ڪري اسٽارٽ اپ ۾ ويهندا آهن جن کي هتان هٽائڻ سان انهن تي ڪو خاص فرق نه پوندو آهي۔۔۔۔
جنهن کان پوءِ Apply ۽ پوءِ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔ ۽ ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪريو۔۔۔ توهان واضح طور نوٽ ڪندو ته توهان جي ڪمپيوٽر جو اسٽارٽ اپ تڪڙو هوندو۔۔۔