• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تازه ترين خبرن مطابق مصر جي شهرن ۾ ٽينڪون نڪري آيون ۔۔۔۔۔فائرنگ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
tadamonegypt2.jpg

تازا ترين خبرن مطابق مصر جي گاديء واري شهر قاهره ۽ سئيز ۾ مظاهرن ۾ تيزيء سبب ٽينڪون پهچي ويون آهن ۽ فائرنگ جاري آهي۔ ڪجه ماڻهون ٽينڪن تي چڙهي ويا آهن۔۔۔۔

مصر ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي۔
 
جواب: تازه ترين خبرن مطابق مصر جي شهرن ۾ ٽينڪون نڪري آيون ۔۔۔۔۔فائرنگ

آءُ پريس ٽي وي ويٺو ڏسان ۔۔۔ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو آهي، مظاهرين جو چڪريون ۽ حڪومتي ڪارندن جا ظلم جاري ۽ ساري آهن ۔۔۔ بس ڏسو قوم ڪيئن ٿي جاڳي ۽ ظالم حڪمران ڪيئن ٿا ڀڄن ۔۔۔؟

ظلم آخر ظلم آهي جڏهن حد کان وڌندو آهي ته مٽجي ويندو آهي ۔۔۔ سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔

بس دعا ڪريو ته اسان وٽ به ڪو عوامي انقلاب اچي ۽ هن ظلم ۽ جمود مان جان ڇٽي ۔۔۔
 
هن وقت ڪرفيو سان گڏ هيليڪاپٽر پڻ نظرداري ڪري رهيا آهن ۔۔۔

اسان وٽ ماڻهن کي گروهن ، مذهبن ، ٻولين ۽ طبقن ۾ ورهايو ويو آهي ، تنهنڪري انقلاب ڪو سولو ڪونه ايندو ۔۔ باقي ڪو رب سولائي ڪري ۽ قوم هڪ ٿي پنهنجي حقن لاء اٿي ته اهو ڪو معجزو ئي هوندو ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: تازه ترين خبرن مطابق مصر جي شهرن ۾ ٽينڪون نڪري آيون ۔۔۔۔۔فائرنگ

آءُ پريس ٽي وي ويٺو ڏسان ۔۔۔ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو آهي، مظاهرين جو چڪريون ۽ حڪومتي ڪارندن جا ظلم جاري ۽ ساري آهن ۔۔۔ بس ڏسو قوم ڪيئن ٿي جاڳي ۽ ظالم حڪمران ڪيئن ٿا ڀڄن ۔۔۔؟

ظلم آخر ظلم آهي جڏهن حد کان وڌندو آهي ته مٽجي ويندو آهي ۔۔۔ سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔

بس دعا ڪريو ته اسان وٽ به ڪو عوامي انقلاب اچي ۽ هن ظلم ۽ جمود مان جان ڇٽي ۔۔۔

خبر ناهي اسان جي نئين تاريخ ڪڏهن ٺآهندي پر ٻين ملڪن جا ماڻهو پنهنجي حق وٺڻ لاءِ به اسان کان اڳتي آهن نيپال کي ٽوڙي ٻه حصا ڪيو بنگلاديشي اسان کان ڌار ٿي ڪشميري پنهنجي آزادي لاءِ جنگ ڪن پيا ..............................................................................پر اسان ان انظار ۾ آهيو ته ڪو اسان جي اڳيان ٿي
 
جواب: تازه ترين خبرن مطابق مصر جي شهرن ۾ ٽينڪون نڪري آيون ۔۔۔۔۔فائرنگ

ادا علي اڪبر شر اڳيان ته هن قوم جي گهڻيئي ٿيا بيٺا آهن پر آهن هڙيئي وڏا مفاد پرست ۽ ۔۔۔۔۔۔۔۔بس چار اکرهجن مڙني تي ۔۔۔۔۔ تباهه ڪري ڇڏيائون قوم کي ۔۔۔۔۔ پاڻهي قوم ڪا مڙسي نه ڪئي ته پو حال ڏسو ٿا پيا !
 
جواب: تازه ترين خبرن مطابق مصر جي شهرن ۾ ٽينڪون نڪري آيون ۔۔۔۔۔فائرنگ

مصر جي صدر حسني مبارڪ پارليامينٽ کي تحليل ڪري ڪابينه ٽوڙي ڇڏي آهي پر پنهنجي استعيفا جو اعلان ڪونه ڪيو آهي۔

هوڏانهن ماڻهن سندس ان ڳاله کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ٻيهر گهرن کان نڪري مظاهرا ڪري رهيا آهن ۽ سندس استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي۔ پر تشدد مظاهرن ۾ هن وقت تائين 16 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن
 
جواب: تازه ترين خبرن مطابق مصر جي شهرن ۾ ٽينڪون نڪري آيون ۔۔۔۔۔فائرنگ

ڳالهه ان کان به چڙهي وئي آهي ۔۔۔ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرن جي شدت کي ڏسي صدر حسني مبارڪ ڪابينه ٽوڙي ڇڏي آهي ۔۔۔ ياد رهي ته انهن هنگامن ۾ هيل تائين 26 ماڻهون مري چڪا آهن۔۔۔ نئين ڪابينه جو اعلان اڄ ٿيندو ۔۔۔ پر مظاهرن کي ڏسي نه ٿو لڳي ته عوام اڃان مطمئن ٿئي جيسين صدر حسني مبارڪ موجود رهي۔۔۔
آمريڪا پڻ اهڙي صورتحال کي گهرائي سان ڏسندو هوندو ۽ يقنن ان جي ڪوشش هوندي ته مصر ۾ اسلام پسند اڳواڻ نه اچن۔۔۔
 
Back
Top