• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوان پروفائيل پيغام

ڪينال مخالف تحريڪ جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته زرداري جو سياسي مستقبل هاڻ اونداهين ۾ وڃايل آهي. سنڌي عوام ۾ سندس خلاف جيڪا نفرت آهي، سا ڪڏهن به ٿڌي نه ٿيندي.
وٺي نئون جنم ورنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ
مري بہ يار جيئنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

جتي محفل متل ھوندي ڪبيون ڪي رمز جون ڳالهيون
غزل ۽ گيت پڙھنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

چڙھيا اڀ ڪين آھيون پر سنڌ تي جي ھلان ٿيندي
مٿان کان هيٺ لھنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

ڏسو جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ڏنڊا تاڻي اٿي پئجو
اسين پيا ڏڍ ڏينداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

سگھاري سوچ جي خاطر سگھارا شعر چئي ساجد
ڪوي ٻوليون پيا ٻرنداسون سڃاڻڻ ڪم اوھان جو آ
جڏھن توھان زندگي جي ھر حال کي خوش رکڻ جي لاء فن يا ڪلا کي وس ۾ ڪري ڇڏيو، تہ آئين سمجھيو، توھان پنھنجي انمول زندگيء ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي آھي.
#مڪيش ڪمار ڪولھي
مدد ڪرڻ سکو فائدي کان بغير...
ملڻ جلڻ سکو... مطلب کان بغير..
عاجزي سان هلڻ سکو.. غرور کان بغير...
زندگي جيئڻ سکو.. رياء ڪاري کان بغير..✨🫶🏻
جيڪڏهن توهان جي زندگي ۾ ڪا گهٽتائي آهي ته ان کي پنهنجي ربّ العالمين جي ويجهو وڃڻ جو وسيلو بڻايو. صبر ڪريو ۽ دعائون گهرو، اللّه تعاليٰ کان وڏو ڪو به غمخوار ناهي.
اللّه پاڪ زندگي جي هر موڙ تي توهان ۽ توهان سان لاڳاپيل هر رشتي جي حفاظت فرمائي. آمين ثم آمين
هر ڪنهن جي زندگي ۾ ڪا نه ڪا گهٽتائي، ڪو نه ڪو خال، ڪا نه ڪا اڻپورائي هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته اسان کي اللّه پاڪ ڪيئن ياد اچي؟ دعائن سان رابطو ڪيئن جُڙي؟ سندس محبت کي ڪيئن سمجهي سگهون؟
آزمائشون چيتريون به سخت هجن، اللّه پنهنجن بندن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ٿو ڇڏي. پري ته اسين پاڻ هليا ٿا وڃون، وساري ته کيس اسين پاڻ ٿا ڇڏيون.
پرويز مشرف، نواز شريف ۽ عمران خان لاءِ ڪعبي جو دروازو کليو، يا هُو پيرين اگهاڙي مديني جا رستا هليا ۽ سلطان صلاح الدين ايوبِي حاجين تي حملو ڪندڙ صليبين کي ختم ڪرڻ لاءِ ته وقت ڪڍيو پر فتنن ۽ جنگين سبب حج ادا نه ڪري سگهيو.
هُو ڄاڻي پيو ته مسلمانن جي اجتماعي معاملن جو دفاع سندس ذاتي عبادتن کان اهم آهي ۽ پرکڻ جو معيار تهجد يا ڪعبي جا دروازا نه، پر اهو آهي ته هن جي حڪومت ۾ الله جو نظام غالب آهي يا نه.
Back
Top