
هن ديس جي هرڪا دري منهنجي اندر ۾ ٿي کُلي!
تحرير: عامر وساڻ
تحرير: عامر وساڻ
شاعرن هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. سنڌي ادب ۾ ٻين صنفن سان گڏ شاعريءَ کي به وڏي اهميت حاصل آهي، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا شاعر گذريا آهن، جن پنهنجي شاعريءَ ۾ املهه رنگ چٽيا آهن. شاعري احساسن جي ترجمان هوندي آهي. شاعريءَ جي حوالي سان سنڌ اندر وڏن نالن ۽ نوجوانن جي دلين جي شاعر حسن درس جو نالو پڻ آهي. حسن درس جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو.
سندس جنم 5 سيپٽمبر 1966ع ۾ ٽنڊوالهيار تعلقي جي ڳوٺ مشائخ هوتيءَ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد حسن ۽ قلمي نالو حسن درس هو. پاڻ مينهون غلام رسول جو فرزند هو، هن پنهنجي پرائمري تعليم مشائخ هوتي ۽ باقي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. سندس علمناڪ وڇوڙي سڄي سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي. سندس امر سٽون:
نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي
سندءِ ۽ دل کي ڄاڻو ڪجي دل ڏجي
اڏامڻ کان اڳتي نڪرندي ”حسن“
پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي
سندءِ ۽ دل کي ڄاڻو ڪجي دل ڏجي
اڏامڻ کان اڳتي نڪرندي ”حسن“
پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي
شيخ اياز موجب حسن درس نوجوان دلين جو ڀلوڙ شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت تشبيهون، ٻوليءَ جو حسن ۽ ٽيڪنڪ ستارن جيان جرڪي ٿي. سندس خوبصورت شاعري ساز ۽ آواز جو حسين سنگم آهي. سندس شاعريءَ کي مختلف فنڪارن به ڳايو آهي. حسن درس شاعريءَ سان گڏ هڪ سٺي آواز جو مالڪ پڻ هو. سندس آواز سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ جهرجهنگ تائين پهتو. پاڻ FM91 ميوزڪ هاءِ وي ٽنڊوآدم تي پڻ پروگرام ڪيائين ۽ ٽنڊوآدم کي لفظن جي ڀيٽا ڏنائين.
حسن درس فقير منش انسان هو، مرڪ هميشه هن جي چپن تي پوپٽن جيان سجيل رهي. حسن درس جو جسماني وڇوڙو ته يقينن هڪ اذيتناڪ گهڙي آهي، پر سندس گيت، غزل نظم ۽ آواز هميشه تاريخ جي ورقن ۾ زنده رهندو. حسن درس جي شاعريءَ ۾ سندس سنڌ سان محبت ۽ اپٽار سج جي روشنيءَ جيان پکڙيل آهي، جنهن جي سوجهري سڄيءَ سنڌ کي روشن ڪري ڇڏيو.
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿوٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
هڪڙو خواب سهانو جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو
*****
پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
ورڙ واٽ تي اڳيان، جت رڻ رڙي ٿو پيو.
لڳي وئي لاڙ سان آ لائون، اوهان کي ڇا ڀلا ٻيو چئون
اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڻي ٿو پيو.
عمر جي آڱرين سان ڏس، ڦلن وانگر چئون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.
(روزانه عبرت 17 جون 2011)
********************************************************
دل جي ڪيٽي بندر ۾ حسن درس حيات رهندو!
تحرير: رزاق کٽي
ضروري ناهي ته زبردست شاعر زبردست ماڻهو به هجي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته سنڌ جو مڻيادار شاعر ۽ اسان جو انتهائي معتبر مائٽ شميشرالحيدري ان ڏنهن مونکي اهو نه چوي ها، جڏهن سنڌ جي هڪ وڏي شاعر مون مٿان 10 ڪروڙ جي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪيو هو. منهنجو اهو ٻاراڻو ضد ته سٺا شاعر سٺا ماڻهو به هوندا آهن، تڏهن هن مونکي سمجهائيندي چيو هو ۽ گهڻا ڏينهن پوءِ حسن درس به انهي ئي ڳالھه سان اتفاق ڪيو هو، جڏهن مون هُن سان اها ڳالهه ڪئي هئي.
منهنجي ذهن جي ڪنهن به خاني ۾ ڪڏهن اهو تصور ئي نه هو ته هي اکر لکڻ جو بدنصيب موقعو منهنجي حصي ۾ ايندو ۽ هن مختصر مضمون کان پوءِ مونکي حسن درس جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو. زندگي جتي پنهنجي سمورين سچاين ۽ خوبصورتين سان مالامال آهي، اُتي زندگي جو الميو اهو به آهي ته حسن درس جهڙا ماڻهو اسان کي ڇڏي هليا ويندا آهن. حسن درس ڪيترو خوبصورت شاعر هو، ان لاءِ ڪنهن کان به سرٽيفيڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي. توهان پنهنجي گهر يا دڪان مان ٻاهر نڪري روڊ تي بيهو، اوهان کي پڙهيل لکيل نوجوان نظر اچي ته اوهان هُن کي روڪيو ۽ انهي کان پُڇو ته حسن درس ڪير هو؟ هو اوهان کي ٻڌائيندو ته حسن ڪير هو. هن سنڌي شاعري کي جديد دور جو اهڙو ويس ڍڪايو، جنهن لاءِ سنڌي شاعري صدين کان ڳولھا ٿي ڪئي. هُن اهڙن خيالن سان اسان جي ٽهي جي شاعر ي کي مالامال ڪيو، جنهن جو انهي کان اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن تصور ئي نٿي ڪيو، سنڌ جا هزارين شاعر اڄ به حسن درس جي صف ۾ بيهڻ جون سڌون ڪندا آهن، هو واقعي سنڌ جو گلزار هو، جنهن کي جن به سڃاتو انهن هُن سان پيار ڪيو. اڄ به سنڌ جا سوين شاعر حسن درس جي شاعري جهڙو گهاڙيٽو گهڙڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. هن جڏهن ساري سنڌ پرين جو پاڇو لکيو هو ته هن جي تصور ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته سائين جي ايم سيد جهڙو ماڻهو اهو نظم ٻڌي پنهنجا لڙڪ لاڙي ويهندو، يا جڏهن هن لاڙ تان ڀيرا ڪندي ستار ورڙ جي ڳوٺ ۽ ان جي مهمان نوازي کان متاثر ٿي ۽ بوڙيندي جي روايت کي جياريندڙ استاد مير محمد لنڊ کي خراج ڏيندي لکيو هو ته،
ملڻ هي مير محمد جو جوانين کي جڙي ٿو پيو،
ورڙ هن واٽ تي ويٺا، جتي سج پويان لڙي ٿو پيو،
اوهان مُرڪي، ملي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي،
اسان جي ڳاله جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
ورڙ هن واٽ تي ويٺا، جتي سج پويان لڙي ٿو پيو،
اوهان مُرڪي، ملي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي،
اسان جي ڳاله جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
حسن درس، جيتوڻيڪ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو، پر مونکي خبر آهي ته هن سڄي سنڌ سان ائين پيار ڪيو، جيئن انهي جو حق هو. هن دولت بدران دوستن جي دولت گڏ ڪئي، هر ماڻهو هن سان انهي ڪري به دوستي رکڻ جو خواهشمند هو ته حسن ايڏي وڏي قد ڪاٺ جو شاعر آهي، جنهن جي قد ڪاٺ جا شاعر يا حياتي ڪونه هئا، يا جن کي پيدا ٿيڻو آهي، هو انهي ڪري ڀلو ماڻهو هو جو هو لاڳاپا رکڻ ۽ نڀائڻ ڄاڻندو هو. هن سنڌ جي ماڻهو کي اندر تائين پرکيو، هو انهي جي روح ۾ لهي ويو ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته ڪئين شاعري، لفظن جون ڇيرون پائي ۽ حسين خيالن جا ويس ڍڪي اسان جي روحن کي گرمائيندي رهي. انهي شاعري جو اثر گهڻا ورهيه ٿيا، پر اڃا تائين اهڙو ئي تازو آهي جهڙو ڪالهه هو. اسان سمهجون ٿا ته حسن جيتوڻيڪ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو پر هو اسان جي دلين ۾ هميشھ جيئرو رهندو، هو ائين ئي کلندو رهندو جيئن اڳي کلندو هو. اسان هُن جي مُرڪ کي به ائين سانڍي رکنداسين، جيئن اسان هن کي، هُن جي جيئري ساهن ۾ سانڍيو هو. دنيا ۾ اهڙو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو مري نٿو، پر اصل ڳالهه آهي ته ماڻهو مرندو تڏهن آهي جڏهن هو تاريخ جي قبرستان ۾ گمنام قبرن مان ڪا هڪ قبر بڻجي وڃي ۽ بس!! پر حسن اسان جي ايندڙ نسلن جي دلين تي به پنهنجا ديرا ائين ئي ڄمائيندو جيئن هو اسان جي دلين جي ديرن ۾ ويٺل آهي، اسان جي دلين جي ڪيٽي بندر ۾ هُن جي ٻيڙي سدائين لنگر ٿيندي رهندي ۽ اسان هُن جو ۽ هُن جي شاعري جو پنهنجي اکين ۾ پيار جو سرمو پائي آڌر ڀاءُ ڪندا رهنداسين. هن جي وڃڻ سان سنڌ کي ٻه وڏا نقصان ٿيا آهن. هڪ اهو ته سنڌ هڪ اهڙي شاعر کان محروم ٿي وئي، جنهن جي سيني مان اڃا الائي ڪيترا شعر لفظن جو روپ ڌاري اچڻا هئا. ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي ته سنڌ هڪ اهڙي ڀلي ماڻهو کان محروم ٿي وئي آهي، جيڪو بنا ڪنهن لالچ جي سنڌ ۽ ماڻهن سان پيار ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو، پر هو ۽ هن جي شاعري سدائين اسان سان رهندي. بس!! ماڻهو جو ڪمال ئي اهو آهي ته هن سان سمورا ماڻهو ائين پيار ڪن، جيئن حسن سان ڪن ٿا.
(روزانه عبرت 17 جون 2011)
********************************************************
هُو البيلو هو!
تحرير: فراز چانڊيو
قيد هستي کي ڪيئن ڊاهيان مان
مارئي جي پڪار آهيان مان
اڄ ته ٿڪجي پيو هان، چؤ ڪيسين
زندگانيءَ جو ڳاهه ڳاهيان مان
ڪنهن گل نوبهار سان گڏجي
آشيانو الڳ ٿو ٺاهيان مان
زندگي ٿي وئي آ مٺڙو گيت
ڪنهن ڪنول سان پيو نڀايان مان
عمر گذري وئي ”اياز“ الا!
مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان.
********************************************************
هُو البيلو هو!
تحرير: فراز چانڊيو
قيد هستي کي ڪيئن ڊاهيان مان
مارئي جي پڪار آهيان مان
اڄ ته ٿڪجي پيو هان، چؤ ڪيسين
زندگانيءَ جو ڳاهه ڳاهيان مان
ڪنهن گل نوبهار سان گڏجي
آشيانو الڳ ٿو ٺاهيان مان
زندگي ٿي وئي آ مٺڙو گيت
ڪنهن ڪنول سان پيو نڀايان مان
عمر گذري وئي ”اياز“ الا!
مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان.
حسن تون ڀلي هليو وڃ، مان توکي روڪيان نه ٿو، ڇو ته زوري ڪير ڪنهن کي رهائي به نه ٿو سگهي ۽ اِهو ته منهنجي وس ۾ به ناهي ته مان توکي پاڻ وٽ روڪي رکان. تون ڀل هليو وڃ، پر مون کان موڪلائي ته وڃ. مون کي کڻي نه ٻڌاءِ ته ڪيڏانهن پيو وڃين، ڪنهن سان پيو وڃي يا شايد اُن پار پيو وڃين، جتان تون موٽندي به نه، پر ائين رات جي پيٽ ۾ گُهگُهه اونداهه ۾ ائين ڀلا پنهنجن کي ڇورو ڇنو ڪري ڇڏي وڃبو آهي ڇا!؟ نه هر گز نه، گهٽ ۾ گهٽ مون کي اُٿاري اهو ته چئو ته مان ڊگهي ننڊ واري سفر ڏانهن وک کڻڻ شروع ڪئي آهي ۽ هاڻ منهنجو نه موٽڻ لامحال آهي. اڳ توکان موڪلاڻي مهل موڪلائيندو به نه هئس، ڇو ته مون کي پڪ هوندي هئي ته پاڻ وري ملنداسين، اچانڪ پڪوڙا چوڪ جي گهٽي ۾، ڪڏهن حيدر چوڪ تي ته ڪڏهن ٽنڊوآدم جي ڪنهن روڊ تي، پر حسن، يار اڄ ته مون کان موڪلائي وڃ. جي موڪلائين نه ٿو ته ايترو ته ڪر جو اکين ۾ اکيون ملائي بس اشارن جي ٻولي ۾ شاعر هئڻ ناتي شاعراڻي انداز ۾ مون کي محسوس ته ڪرائي ته تون هاڻ مون کي پنهنجي مُرڪ کان پنهنجي ڀاڪر کان هميشه هميشه لاءِ محروم ڪري رهيو آهيان، تون وڃين رهيو آهين!
حسن تو پاڻ ئي چيو ته:
زندگي ڀلي اهڙي، ٽُڪ جي رلي جهڙي،
مان وڇايان، تون نه ويهين،
ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.
مان ته اِن رلي تي به ويٺو هئس ۽ دير تائين توسان مدهوشيءَ ۾ دل جا حال به اوريا پئي، ڪڏهن ڪائنات تي پئي ڳالهايو ته ڪڏهن عام رواجي مسئلن تي، مان به توسان زندگي ڀر اِن رلي تي ويهي ڪچهريون ڪرڻ لاءِ آتو هئس. مون توسان نينهن جو ناتو جوڙڻ گهريو هو، مون توکي وقت ڏنو پئي ته جيئن پراڻي وسڪي جيان پنهنجو رشتو پراڻو ٿئي ته جيئن اهڙو ناتو وڌيڪ مدهوش ٿئي جتي پاڻ گڏجي اُن گهري مدهوشيءَ جا مزا ماڻيون. پر تو ته اڳ ئي حسين ۽ دلربا زندگي، جنهن کي تو ٽُڪ جي رلي سان مشابهت ڏني، اُها زندگيءَ جي رلي تو ويڙهي ڇڏي، اُهو به بنا ٻڌائڻ جي.
صبح ساڻ موبائل کوليم ته آپي جو پيغام (Massage) مليو ته تنهنجو دوست حسن درس توکان وڇڙي ويو آهي ته يقين نه پئي آيو، تصديق لاءِ ادا کان پڇيم، دوستن کان پڇيم، پر ظفر جو پيغام آيو ته:
Beautiful and young poet Hasan Daras Passed away in a road accident in Hyderabad today.
بس سست ئي اکيون پورجي ويون. انڌيرو ڇائنجي ويو، حسن تنهنجي تصور جو پاڇو گردش ڪرڻ لڳو. گذريل ملاقاتون ياد اچڻ لڳيون، گذاريل لمحا به آڏو اچي بيٺا، ائين پئي محسوس ٿيو ته تون منهنجي سامهون ويٺو آهيان. مون سان هم ڪلام آهين. ساڳي ئي کري لهجي ۾ مون سان مخاطب آهين. سڄي جسم ۾ عجيب لرزشون جاڳي اٿيون، اکين جي ڪنارن تي ٻاڦ اچي وئي ۽ جڏهن ڳوڙهن گول دائرن جي شڪل اختيار ڪئي ته تون ياد آئين. جڏهن تنهنجي يادگيري ورايو ته پڪ سمجهيم ته تون به منهنجي ڳوڙهن جيان مون کان وڇڙي چڪو آهين. مون کان گهڻو، تمام گهڻو پري وڃي چڪو آهين، ڄڻ ته مُلڪ عدم جو حصو بڻجي چڪو آهين. پر پوءِ به ڀلا ائين وڇڙبو آهي ڇا، ائين ڪٽجي ڌار ٿبو آهي ڇا!
اڪثر ٿيندو ائين آهي جو هم عمر دوستيون هونديون آهن، جنهن جو سبب به اهو ئي هجي ٿو جو اهڙين دوستين ۾ جهل پل نه هوندي آهي ۽ دماغ کي اورانگهي ماڻهو دل تي تڪڙو اچيو بيهو رهي، پوءِ جيڪي حال اورڻ جا مزا ايندا آهن، اُهي ڳولهي به نه ملندا آهن. ساڳي ئي بي تڪلف دوستي هئي حسن سان. جيتوڻيڪ عمرين جا به فرق هئا، پر جڏهن ڳالهيون دماغ کان دل تي رسنديون آهن ته عمريون به منهن ويڙهيو ڇڏين. عمرين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، عمرون ته گذاريل ڏينهن ۽ سالن سان سلهاڙيل هونديون آهن، جيڪي پيون وڌنديون آهن. حسناڪي ته دل جي محتاج هوندي آهي، جي دل هوندي آهي جوان ته حسناڪيءَ جي اهميت به هوندي آهي ته زندگي جو به مزو هوندو آهي، جي دل کي پوڙهو ڪري ڇڏبو آهي ته زندگي ڀيانڪ موت جو ڏيک ڏيندي آهي. حسن دل جو جوان هو، جنهن سان ڳالهائبو هو ته ائين لڳندو هو ته پنهنجي ئي عمر جو هجي ۽ جي ويهندو پاڻ جيترن سان ته انهن جهڙو ٿي ويندو هو. عجيب خاصيتن جو مالڪ هو جو پنهنجي دل جي دنيا ۾ ئي پسار پيو ڪندو هو. باقي سندس لاءِ دنيا هڪ آوارا ٻار جيان هوندي هئي، جنهن کي هو سمجهي چڪو هو ته هتي پنهنجي ئي طريقي سان هلبو ته هلي سگهبو، جي نهاربو هيڏانهن هوڏانهن ته گهٽ ۽ ٻوسٽ جي دز چڙهي ويندي.
حسن کي ڏسندو هئس ته مون کي وليم ورڊس ورٿ جي هوا وانگيان آزاد شاعري ياد ايندي هئي، جيڪو ڪڏهن ڊيفوڊلس جون جهمريون ڏسي ساڻن گڏ جهمريون هڻي پنهنجو ”اوپيرا هائوس“ ٺاهيندو هو، ڪنهن هيڪلي ڇوڪري کي ٻني ۾ هارپو ڪندي ڏسي اُن منظر کي لفظن سان ائين ترڇو هو جو هڪ لفظن جو خوبصورت مجسمو جڙي راس ٿيندو هو، ڪنهن ڳوٺ کي خالي ويران ڏسي اُن تي رت جا ڳوڙها واهبا هئا يا ڪنهن ڪڪيءَ جو طوفاني رات ۾ پيچرو ڀلجي موت جي گهاٽ ۾ لهڻ کي ائين پيش ڪبو ڄڻ ته اُها اڄ به هٿ ۾ لينٽرن کڻي جهونگاريندي اُنهي پيچري تي هلندڙ هجي. مون لاءِ لوسي گري (Lucy Gray) هڪ شاهڪار ڪردار رهيو آهي، جنهن کي آئون بار بار پڙهندو آهيان ته عجيب سُرور ۾ مبتلا ٿي ويندو آهيان، ڇو ته ان ڪردار ۾ آئون زندگي ۽ موت جي ٻن الڳ الڳ ندين کي گڏ وهندي ڏسندو آهيان ۽ اُن ڪردار ۾ صفا گم ٿي وڃڻ کانپوءِ اُهي ٻئي نديون گڏجندي مون کي هڪ ئي ندي لڳندي آهي، تنهن کانپوءِ آئون موت سان به ايترو ئي رومانس ڪندو آهيان، جيترو آئون زندگي سان ڪندو آهيان. حسن يقينن تون منهنجي لاءِ لوسي گري جو ڪردار بڻجي چڪو آهين. تنهنجي وڇوڙي کي زندگيءَ سان گڏيل محسوس ڪيان ٿو. جسم ته عارضي آهن، جن جو جدا ٿيڻ اڻٽر آهي، اِها حقيقت سائنسي طور منطقي بنيادن تي به آئون تسليم ڪيان ٿو. پر يار سوچون ته پنهنجي وس ۾ آهن، يادگيريون ته موت جو ڏنگ به نه ٿو کسي سگهي، تون مون کي هرپل ياد رهندي. آئون هاڻ جڏهن به ورڊس ورٿ کي پڙهندس ته تون مون سان گڏ هوندي، تنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ هوندو ۽ پوءِ تون مون کان هٿ ڪڏهن به نه ڇڏائي سگهندين، ڇو ته مون کان اهڙو لمحو برداشت نه ٿيندو آهي، جڏهن هٿ ڇڏائبا آهن ته آڱرين جي جدا ٿيڻ شرط ساهه جي تنگ جسم جي تنبوري مان ڇڄندي محسوس ٿيندي آهي ۽ آئون ائين ئي ڪندس جيئن تو چيو ته:
”نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي“
(روزانه عبرت 17 جون 2011)
********************************************************
حسن! تون ائين وڇڙي وئين.....!؟
فياض چنڊ ڪليري
ڇُلي پيون لاڙ جون اکڙيون،
لٿي آ شام منڇر تي،
مگر سي دادليون ڇوليون،
نه ڇُهنديون پير سي ڪڏهين!
نه ئي تارا تڪينداسين،
ڳهريل نيڻ شاعر جا،
سموري لاڙ جو لهجو،
اُڻيو هُن پنهنجي شعرن ۾.
حُسن جون ڪوڙڪيون ڪيئي،
پيون هُون هُن جي پيرن ۾!
سندس رولاڪ نيڻن جو،
نه ڪوئي ڇيهه، سرحد هُئي،
سندس شعرن جي مالها ۾
سموري سنڌ ٽڙندي هُئي!
سموري سنڌ هُن لاءِ،
پرينءَ جو ڄڻ ته پاڇو هُئي.
حُسن جو حَسن پوڄاري،
وڻن ۽ پيچرن، تارن،
گلن سان هئي سندس ياري،
سندس نظمن جي ٻانهن ۾،
خُماريل ڪئي جوانيون هُيون،
حجابي لاڙ جي صورت،
دليون ڪيئي ديوانيون هُيون!
سُخن جي ڇانءُ ۾ ويهي،
ڪئي هُن آبياري هُئي،
حُسن، فطرت ۽ خوابن جي،
سنگت جو لاڏلو شاعر،
اچانڪ ائين هليو ويندو....!؟
اڌورا پيگ، رُٺل اکڙيون،
ڏسن ٿيون راهه روئيندي،
اڃا ڪمري ۾ خوشبو آ،
سندس بي ربط ٽهڪن جي.
اڃان ڪي اڻ ڏٺل واديون،
اڃان ڪي اڻ ڇهيل جذبا،
هُئا ڪاڳر تي جي لَهڻا،
اُهي سڀ خواب بڻجي ويا،
حَسن! تون ائين وڇڙي وئين،
ولر کان ڪونج جيئن وڇڙي،
ازل جي گونج جيئن وڇڙي
حَسن! تون ائين وڇڙي وئين!؟
(روزانه عبرت 17 جون 2011)
لٿي آ شام منڇر تي،
مگر سي دادليون ڇوليون،
نه ڇُهنديون پير سي ڪڏهين!
نه ئي تارا تڪينداسين،
ڳهريل نيڻ شاعر جا،
سموري لاڙ جو لهجو،
اُڻيو هُن پنهنجي شعرن ۾.
حُسن جون ڪوڙڪيون ڪيئي،
پيون هُون هُن جي پيرن ۾!
سندس رولاڪ نيڻن جو،
نه ڪوئي ڇيهه، سرحد هُئي،
سندس شعرن جي مالها ۾
سموري سنڌ ٽڙندي هُئي!
سموري سنڌ هُن لاءِ،
پرينءَ جو ڄڻ ته پاڇو هُئي.
حُسن جو حَسن پوڄاري،
وڻن ۽ پيچرن، تارن،
گلن سان هئي سندس ياري،
سندس نظمن جي ٻانهن ۾،
خُماريل ڪئي جوانيون هُيون،
حجابي لاڙ جي صورت،
دليون ڪيئي ديوانيون هُيون!
سُخن جي ڇانءُ ۾ ويهي،
ڪئي هُن آبياري هُئي،
حُسن، فطرت ۽ خوابن جي،
سنگت جو لاڏلو شاعر،
اچانڪ ائين هليو ويندو....!؟
اڌورا پيگ، رُٺل اکڙيون،
ڏسن ٿيون راهه روئيندي،
اڃا ڪمري ۾ خوشبو آ،
سندس بي ربط ٽهڪن جي.
اڃان ڪي اڻ ڏٺل واديون،
اڃان ڪي اڻ ڇهيل جذبا،
هُئا ڪاڳر تي جي لَهڻا،
اُهي سڀ خواب بڻجي ويا،
حَسن! تون ائين وڇڙي وئين،
ولر کان ڪونج جيئن وڇڙي،
ازل جي گونج جيئن وڇڙي
حَسن! تون ائين وڇڙي وئين!؟
(روزانه عبرت 17 جون 2011)