• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نجيب جروار طرفان موجوده مواد

  1. نجيب جروار

    شمون جو ٻانگو..!!

    استاد دادن جي لاري ماڻهن سان ائين سٿي پئي جيئن ماناري تي ماکي جا مڻ چمبڙيا پيا هجن بس جون اندريون سيٽون رڳو ماين سان ئي ڀريل هيون فقط پڇاڙي واري سيٽ تي ڪجھ پريسن ۽ بيمار مريض ويٺا هئي، ڪجھ ٻار ۽ عمر رسيده ماڻهو بس ۾ بيٺا هئا باقي سڄي خلق خدا جي ڇت تي ڪمند جي اڙن وانگي سٿي پئي هئي، شمن به پنهنجي...
  2. نجيب جروار

    تو کان پوءِ بادل برسيا

    تو کان پوءِ بادل برسيا، نيڻ اڃارا تو لاءِ ترسيا شهر سڄو ٿي دشمن بيٺو پٿر پٿر لڱ تي برسيا. پل پل منهنجون پڪارون تو لاءِ شهر سڄي ۾ پڇائون تو لاءِ تو لاءِ اندر ۾ شعلا ڀڙڪيا تو کان پوءِ بادل برسيا. تنهنجو ڇا وڃڻ ٿي ويو شهر سڄو ڄڻ ڀسم ٿي ويو چئوڪ چئوڪ ۾ مون تي چرچا تو کان پوءِ بادل برسيا...
  3. نجيب جروار

    مستقبل تي نظر

    اسان جنهن پاسي نظر ڊوڙائينداسين اسان کي مصروف زندگي نظر ايندي، انسان ساري عمر ڪنهن نه ڪنهن ڪِرت ۾ مصروف رهي ٿو ۽ هر ڏاڪي تي اسان جون مصروفيتون مختلف رهن ٿيون، ٻالڪپڻ کان نوجواني واري عرصي کي زندگي جو حساس عرصو چيو وڃي ٿو ، ڇاڪاڻ ته ان عمر ۾ ڪيل اسان جي فيصلن جو اثر سڄي عمر رهي ٿو يا ائين کڻي...
  4. نجيب جروار

    امن جي ڌرتي تي نفرت جو ٻج ڇٽيندڙ دهشتگرد......... نجيب جروار

    دنيا ۾ هر روز ڪيترائي نت نوان مسئلا جنم وٺن ٿا ۽ اسان مان ڪي ماڻهو ترت ئي انهن جو حل ڳوليندا انهن کي ختم ڪندي آيا آهن، هر ملڪ توڙي خطي جو پنهنجو پنهنجو مسئلو آهي ڪٿي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي آهي ته ڪٿي تعليم جي تباهي آهي ته ڪٿي وري وسيلن جي اڻ هوند ۽ڪٿي وري دهشتگردي، فقط دنيا ۾ پاڪستان جو صوبو...
  5. نجيب جروار

    مهرباني سليمان وساڻ صاحب

    مهرباني سليمان وساڻ صاحب
  6. نجيب جروار

    پنهنجو تعارف

    آئون لياقت يونورسٽي آف ميڊڪل اينڊ هيلٿ سائنسزجو شاگرد آهيان، علم ۽ ادب ۾ دلچسپي هئڻ جي ڪري مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهندو آهيان ۽ پنهنجي پياري دوست رسول بخش جوڻيجو کان هن ويب سائيٽ جو ٻڌو، سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جي لا بهترين ڪم ڪري رهيو آهي. نجيب جروار قاسم آباد، حيدرآباد
Back
Top