سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڪافي پراڻو آهي، ان سلسلي ۾ اسان وٽ سياحن ۽ محققن جا احوال موجود آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ (مسلمانن جي دور ۾) سنڌي ۽ عربي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. سن 270هه (883)ع ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو به ڪيو ويو. ان مان ثابت آهي ته سنڌي نه فقط...