منهنجي شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    ير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو!
    جو هَٽيو سو ڪَٽيو، مون کي پَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    زندگي، جنگ جاري جيئڻ جي، مگر امن، انصاف لئه،
    پنهنجي قومي حقن لئه اچو ۽ مچو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهن کي ڦاڙيو، اڌو اڌ ڪريو،
    هڪڙو سِر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻَڌو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    سنڌ جي رات آ، وَر وَڪڙ واٽ ۾، قهر جي ڪاٽ آ،
    پاڻ وٽ جوت آ، جُنگ جوڌو جَٿو، ڪجھ ته اڳتي وڌو!

    سِرُ تَريءَ تي رکڻ کان اڳي سورمؤ، هوڏي سامهون ڏسو،
    سوڀ سهڻيءَ جي سيني تي نظرون رکو، ڪجھ ته اڳتي و
     
  2. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهنجي شاعري

    ادا توهان جا خيال تمام خوبصورت آهن،هڪ گذارش ته هي غزل شايد توهان 6 ڀيرا وزن فاعلاتن تي لکيو آهي جنهن کي توهان نڀائي نه سگهيا آهيو، اجرڪ واري بند ۾ ٿورو غور ڪجو،اميد ته توهان پاڻ ڄاڻي ويندا؟ء منهجي راء کي تنقيد جو ويس نه ڏيندا
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجي شاعري

    پيارا فياض منصور سائين؛ پهرين محترم اياز جاني کان اهو طئه ڪرائجي ته اها شاعري آهي ڪنهنجي۔ ان کان پوءِ ٽيڪنيڪ تي ڳالهايو وڃي ان هوندي به جنهن ڇهن فاعلاتن جي توهان ڳالهه ڪئي آهي پنهنجي نهايت ئي حقير ۽ ڪم تر راءِ موجب اهي ڇهه فاعلاتن (2212) ڪونهن ڇهه فاعلاتن واري شاعري تمام گهڻي ڊگهي مطلب ٽنڊو محمد خان شهر کان وٺي دادو جي پياري شهر سيتاپور تائين ٿي ويندي۔ هي شاعري ڇهه فاعلن (212) تي مُبني آهي هاڻي 6 فاعلن واري وزن جي شاعري جو ڪهڙو بحر بڻجي ٿو خبر ڪونه پئجي سگهي۔ باقي 6 فاعلن هن ريت جُڙن ٿا۔ تقطيع هي ٺهي ٿي.

    1. هي جو اج فاعلن هن ۾ جو مان و حذف ڪيو ويو
    2. رڪ آ وي فاعلن
    3. ڙو پ يو فاعلن هن مان هن مان هه ۽ ي حذف ڪيو ويو
    4. تنهن کي ڦا فاعلن هن ‌۾‌ تنهن مان ٻئي نون ۽ کي مان ي حذف ڪيو ويو
    5. ڙي ا ڌو فاعلن
    6. اڌ ڪ رو فاعلن هن مان ي حذف ڪيو ويو


    وڌيڪ پيارا فياض منصور ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه آهي ئي ڪونهي ۔ اسان ته هُونئن ئي ٽي درجي وارا شاعر آهيون شاعريءَ جو پهريون ڪچو قائدو پڙهون پيا۔ انهي شاعري جي دريا ۾‌ صفا ڪناري تي ننڍڙن ٻارن جيان ٿاڦوڙ هڻون پيا۔ لک لائق جو سنڌ سلامت تي پهريون ڀيرو توهان ڪنهنجي شاعريءَ تي ٽيڪنيڪ جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏني آهي ۽ شاعريءَ جي حوالي سان مون به پنهنجي ناقص ۽ حقير راءِ ڏني آهي۔
     
  4. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهنجي شاعري

    ادا ناز صاحب توهان جي وڏي مهرباني ادا هڪ عرض ته هي غزل 6 ڀيرا فاعلن تي لکيو ويو آهي مونکان 6 ڀيرا فاعلاتن لکجي ويو معزرت
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجي شاعري

    تڏهن ته پيارا فياض منصور مون توهان کي چيو هو ته توهان شاعر ابن شاعر آهيون ۽ مان ٽي درجي وارو شاعر، گهٽ ۾ سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي به اهو اعزار هاڻي ٿي ويو ته شاعريءَ جي ٽيڪنيڪ جي حوالي سان به هتي تعميري تنقيد ۽ بحث اسين ونڊي سگهون ٿا۔ پيارا فياض مون شايد اهو به چيو هو ته خُوب گُذري گي جب مل بيٺينگي ديواني دو۔ لک لائق ادا
     
  6. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهنجي شاعري

    وڏي مهرباني سائين
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري

    سنڌ سلامت جي دوست شاعرن کي گذاريش آهي ته محبت کان علاوه ڪجهه پنهنجي نڪور شاعري اسان جي آقا حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن تي ڪري اسان سان ونڊ به ڪن ته مهرباني ٿيندي
     
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: منهنجي شاعري

    تمام سٺي ڪوشش آهي مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو