بدر ڌامراهو
ادب ۽ زندگي
ادب معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان، اڻ چٽو ۽ مبهم اصطلاح آهي، جيڪو گهڻو ڪري اجتماعي طور ناول، ناٽڪ، مضمون ۽ شعر، مطلب ته نثر ۽ نظم لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هي اصطلاح مبهم ڇو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب يا ڪارڻ اهو آهي ته نظريا هميشه بدلجندا رهن ٿا. جنهن جي ڪري هن لفظ جي وسعت ۾...