• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صاحبڏنو شيخ طرفان موجوده مواد

  1. صاحبڏنو شيخ

    حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري رحه.

    حضرت پير شيخ قرهيو ڀانڊاري رحه. جڏهن اُتر جون ٿڌڙيون هيرون سرديءَ ۾ اضافو ڪنديون آهن ۽ سائيبيريا کان اُڏام ڪري اسانجا مهمان پکيئڙا پنهنجا پر کولي سامونڊي پٽي جي آڪاش تي ايندا آهن تڏهن خوبصورتي وارا نظارا چوگرد اکين کي تسڪين بخشيندا آهن سردي جي انهي جوڀن واري رُت ۾ بر ۾ بازارون ۽ جنگل ۾ منگل...
  2. صاحبڏنو شيخ

    جُنگ نهاري جوهري ڪي داناءَ دوست ڪجن ، جهڙي ٿَهڙي لهر نه لُڏڻا ،ڌرتيءَ جيان نه ڌُٻن ، پڪا پرين...

    جُنگ نهاري جوهري ڪي داناءَ دوست ڪجن ، جهڙي ٿَهڙي لهر نه لُڏڻا ،ڌرتيءَ جيان نه ڌُٻن ، پڪا پرين ڪجن ڪچن مان ڪين ٿئي! (لطيف سائين)
  3. صاحبڏنو شيخ

    نظم “مــــان غـــدار آهـيـان”

    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. چيم سچ، سوريءَ سزاوار آحيان. مان پورهيت پنوهارن کي پچندي ڏسان ٿو، مان مارۡن مٿي مچ مچندي ڏسان ٿو، بگھاڙن کان تن کي نـ بچندي ڏسان ٿو، نشي ۾ نگهبان نچندي ڏسان ٿو، جلان ٿو پچان ٿو ، تڏهن ڪجه لکان ٿو، ڪري مان چڪو پان اقرار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. جڏهن...
  4. صاحبڏنو شيخ

    اياز دانش

    اياز دانش نئين ٽهي جو بهترين شاعر آهي لاڙ جو هي جوشيلو ۽ خوبصورت لفظن جون مالهائون شاعري ۾پُوئندڙ شاعر جنهن جي شاعري هن دور جي اعليٰ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي.سندس بهترين تخليق جو اندازو هن شاعري مان خُوب ڪري سگهجي ٿو. شام لڙي جو سج لهي ٿو، من ڪيڏو سور سهي ٿو. ڏينهڙا گذرن تڪڙا ڪيڏا، وقت هٿن...
  5. صاحبڏنو شيخ

    حسن درس ساري سنڌ پرين جو پاڇو

    ساري سنڌ پرين جو پاڇو جيڪو جر تي جاڳي ٿو ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو هڪڙو خواب سهانو جيڪو روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو ڪارو نانگ ، مٿان چانڊوڪي ڪارونجھر تي مور نچي ٿو مونکي هڪڙو خيال اچي ٿو ساري سنڌ پرين جو پاڇو جيڪو جر تي جاڳي ٿو
  6. صاحبڏنو شيخ

    حسن درس نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي

    سنڌ جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جي بهترين شاعري جنهن سموري سنڌ کي پرين جو پاڇو سمجهي پُوڄيو. نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي . سندي دل کي ڄاڻو ڪجي دل ڏجي . ملڻ کي رلي جئين مٿان اوڍجي. وڇوڙو وڇاڻو ڪجي دل ڏجي. سڄڻ کان سواءِ جي سمهڻ سوچجي. پٿر جو وهاڻو ڪجي دل ڏجي. امله دل جي قيمت ته ڪهڙي لڳي. ٽڪو تنهن جو...
  7. صاحبڏنو شيخ

    ڪڪر ڪارُونڀار جهڙِ نيڻئُون نه لهي ، جَهڙا مُنهِنجا سُپِرين تَهڙا ميگَهه مَلِهار ، کڻ اکيُون کِل...

    ڪڪر ڪارُونڀار جهڙِ نيڻئُون نه لهي ، جَهڙا مُنهِنجا سُپِرين تَهڙا ميگَهه مَلِهار ، کڻ اکيُون کِل يار ته وڃنِ سُور سنڌا ڪريو! (لطيف سائين)
  8. صاحبڏنو شيخ

    آڪاش انصاري جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،

    جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي، جنھن نه سانگين جي سَڱ کي سڃاتو ھتي، تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي، تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي. جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي، منھنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل ھجي، ذھن جنھن جو اڃان ڀي ورھايل ھجي، تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي. جنھن...
  9. صاحبڏنو شيخ

    ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي

    رات جي سانت ۾ ڪنهن ستاري مثل، صبح جي نور ۾ ڪنهن نظاري مثل، ماءُ جي روح ۾ راس لولي جيئان، ڪنوار جي ذهن ۾ ڪنهن پرولي جيئان، سنڌ جاڳي پئي سنڌ جاڳي پئي. ( ڊاڪٽر آڪاش انصاري) سمورن سڄڻن کي ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي واڌايون.
  10. صاحبڏنو شيخ

    شيخ محمد سومار

  11. صاحبڏنو شيخ

    پنهنجي مُوڙي خيالن واري ، لِيڪَن منجهه لِڪايان ، جهان سڄي کان هڪڙي پاسي ، ليڪا ڊاهيان ٺاهيان،...

    پنهنجي مُوڙي خيالن واري ، لِيڪَن منجهه لِڪايان ، جهان سڄي کان هڪڙي پاسي ، ليڪا ڊاهيان ٺاهيان،. (شيخ محمد سومار)
  12. صاحبڏنو شيخ

    اڄ ملنديس ماءِ ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا ، جيجا جوڳياڻي ٿيان مونکي جهلِ مَ پاءِ ، هوت ٻاروچي لاءِ آئون...

    اڄ ملنديس ماءِ ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا ، جيجا جوڳياڻي ٿيان مونکي جهلِ مَ پاءِ ، هوت ٻاروچي لاءِ آئون ڪنين ڪُنر پائيان . (لطيف سائين)
  13. صاحبڏنو شيخ

    تون ڳالهه ڪرين ٿو زلفن جي مان اڻڀن اڻڀن وارن جي ، تون ڪُوڪَ ٻُڌين ٿو ڪويل جي مان پيٽ بُکايل ٻارن...

    تون ڳالهه ڪرين ٿو زلفن جي مان اڻڀن اڻڀن وارن جي ، تون ڪُوڪَ ٻُڌين ٿو ڪويل جي مان پيٽ بُکايل ٻارن جي، (شيخ اياز)
  14. صاحبڏنو شيخ

    ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان مشاعرو

    هن سال ايڪتا ڏهاڙو 13 نومبر 2015 تي ملهائڻ جي اعلان کانپو سنڌجي سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن جون جوسرگرميون عروج تي آهن تازو سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين طرفان ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لا مُشاعرو منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ انڊس پبلڪ اسڪول بدين ۾ ويهڪ ٿي گُذري جنهن جي صدارت صاحبڏنو شيخ ڪئي...
  15. صاحبڏنو شيخ

    مينهن ٿي چوي ڳئون کي: هل ڙي پڇ ڪاري....!!

    سائين سيال صاحب هتي ته مان ئي آهي ان جو جيڪو سڄو ڪارو هُجي ۽ ٻئي کي چوي ٿو ڪارو ؟ پنهنجي ضمير ۾ ته ڪير ڏسي ئي نٿو ٻئي تي تنقيد ڪرڻ ته سولي ئي لڳندي آهي . سڄي مهذب معاشري کي خراب ڪندڙ ماڻهو ئي ٻين تي تنقيد ڪري پاڻ کي پاڪ پوتر سمجهي ٿو! هي ڪهڙي دانائي آهي ؟ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. هتي مينهن ڀل...
Back
Top