تون ئي ٻڌاء توکي مان ڇا لکان،
يا لکي آرزو، مقدر جي جفا لکان.
ڇا وعدا ڪري وري آئين نه تون،
توکي مجبور يا مان بي وفا لکان.
تون وئين مگر يادن ڪين ڇڏيو،
مان ويجهو يا پاڻ کان جدا لکان.
يا لکان حور يا مهڪ امبر لکان،
يا لکان سندر سُڳڻِيءَ جزا لکان.
تو اڳيان دنيا جا سڀ خدا اڌورا،
تون آن اتم اڃا به...
جام مست پيار ساقي مستيءَ جي رات آئي،
منهنجي لبن تي هر هر سپرينءَ جي تات آئي.
مستين جي رات آهي مستيءَ پر ٿيان مان،
اڄ سرمست حوائن ۾ سهڻيءَ جي ياد آئي.
لبڙن تي ناءُ دلبر جو آيو ته مون مسڪرايو،
عجيب من جي اهڙي دلبريءَ جي ياد آئي.
پر مد هوش ٿيون آهن آڇي اڃا وري به آڇي،
اچي اکڙن ۾ ڏس تون مستيءَ...