سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي ٽربيونل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو [JUSTIFY]دوها (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي آزاد اينٽي ڪرپشن ٽربيونل معطل پاڪستاني ڪرڪيٽرن اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سلمان بٽ، فاسٽ بالر محمد عامر ۽ محمد آصف خلاف اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت سلمان بٽ تي 10 سالا، محمد آصف تي 7 سالا ۽ محمد عامر تي 5 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي پابندي هنئي وئي آهي، تفصيل موجب آزاد اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ڪالهه دوها ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي 9 ڪلاڪن تائين ڊگهي ٻڌڻي ڪئي، جنهن بعد ٽربيونل جي سربراهه مائيڪل بيلوف پريس ڪانفرنس ڪندي رانديگرن خلاف سزا ٻڌائي، هن رانديگرن جي ڏوهي هجڻ جو اعلان ڪيو، مائيڪل بيلوف سزا ٻڌائيندي چيو ته سلمان بٽ تي 10 سال، محمد آصف تي 7 سال ۽ محمد عامر تي 5 سال پابندي لڳائي وئي آهي، سلمان بٽ کي 5 سال ۽ محمد آصف تي 2 سال سسپينڊيڊ سزا آهي، جيڪڏهن اهي رانديگر قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي نه ڪندا ۽ سندن رويو بهتر رهيو ته سندن پابندي جي مدت 5-5 سالن بعد ختم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته محمد عامر جي 5 سال جي سزا ساڳي برقرار رهندي، ان کي سسپينڊ سزا جي رعايت حاصل نه هوندو، قطر جي گادي واري شهر دوها ۾ قطر فنانشل سينٽر جي عمارت ۾ ڪالهه حتمي ٻڌڻي صبح ساڍا 9 وڳي شروع ٿي، ان ۾ معطل ٽئي رانديگر شريڪ ٿيا، ٻڌڻي ۾ عامر ۽ سلمان وڪيلن سان گڏ پيش ٿيا، جڏهن ته آصف ٽربيونل آڏو اڪيلو پيش ٿيو، واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ برطانوي اخبار نيوز آف دي ورلڊ رانديگرن خلاف اسپاٽ فڪسنگ جو انڪشاف ڪيو هو، اخبار دعويٰ ڪئي هئي ته ان جي نمائندي ڏيڍ لک پائونڊ مظهر مجيد کي ڏنا، جنهن بعد مظهر کيس ٻڌايو ته پاڪستاني بالر ڪهڙي وقت نو بال ڪندا، پاڪستاني رانديگرن کان گذريل مهيني 6 کان 11 جنوري تائين 6 ڏينهن ٻڌڻي ڪئي وئي هئي، ٻڌڻي بعد مائيڪل بيلوف اعلان ڪيو هو ته فيصلو 5 فيبروري تي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته سزا يافته رانديگر 21 ڏينهن اندر سوئيٽزرلينڊ جي راندين بابت عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ اپيل ڪرڻ جو حق رکن ٿا.[/JUSTIFY]
جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي نو بال جو اعتراف به ڪري چڪا آهن اهو به چون پيا ته سزا تمام گهڻي آهي ان جو ايترو سوچيو به نه هو معنى ته ڪيس ۾ انوال آهن بي قصور نه آهن ........... هاڻي وري مون جي ذاتي خيال مطابق ته انهن کي ٿوري سزا ٻڌائي وئي آهي انهن کي تاحيات ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سزا ملي ها ۽ جيل ۽ ڪجهه مالي طور تي پڻ سزا ملي ها ته جيئن آئنده لا۽ وري ٻيو ڪو اهڙو قدم نه کڻي سگهي ادا سليمان صاحب انهن جي اڍائي لک کان وڌيڪ پرمنٿ پگهار آهي ۽ هڪ ٽيسٽ کيڏڻ تي ٽئي يا چار لک روپيا الڳ هوندا اٿن ٻيو مراعتون الڳ حاصل اٿن . جيڪڏهن ايترين سهولتن هوندي به ڏکيا آهن ته انهن کي سڌو جيل جي ضرورت آهي سدائين گڏ
جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي منهنجي راءِ ٿوري مختلف آهي. چيو ويندو آهي ته اهي ملڪ جا نمائندا آهن، جڏهن ته انهن جا ئي کيسي هميشه سڻڀا هوندا آهن، هنن سان ملڪ يا قوم کي اڃ تائين ڪهڙو فائدو رسيو آهي؟ ڪرڪيٽ تي ئي پابندي لڳي نه صرف کلاڙين تي.
جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي بهرحال جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو۔ اڳتي لا سوچجي ۽گذشته مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي۔
جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي آءِ سي سي جو فيصلو سٺو آهي....۽ هنن رانديگرن کي سزا به سٺي آهي..پاڻ کي ته ڪرڪيٽ زهر لڳندي آهي.
جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي ڏوهه ٿيو يا نه ٿيو،،،، پر هي ڏوهه ايترو سنگين ته ڪونه هو، ساڳئي طرح ٻين ٽيمن جا رانديگر به اسپاٽ فڪسنگ سان گڏ ميچ فڪسنگ ڪندا رهيا آهن۔ پر انهن جي ملڪن جو عوام ، ميڊيا، حڪومت انهن جي پٺڀرائي ڪندي آهي۔۔ پر هتي ان ڪري سزا مِلي جو هي رانديگر پاڪستاني، مسلمان هئا۔۔ ان ڪري سزا ڏني وئي ته اها به عام سزا کان مٿي۔۔ ٻين کي ڀلي سزا ڏني وڃي پر محمد عامر اڃان 18 سالن جو آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ڱي ايترو ڀلوڙ بالر وري ملڻ مشڪل اهي ان کي ته گهٽ سزا ڏني وڃي ها۔۔۔
جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي ادا ڀلو ٿيو آهي اهي پنجابي ڏوڪڙن جي ڪري ملڪ جي عزت کي مليا ميٽ ڪرڻ وارا آهن انهن رشوت خورن کي ملڪ بدر ڪرڻ کپي
جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي ساڳئي جڳهه تي انڊيا جو سُريش رائنا به اسپاٽفڪسنگ ۾ سنئون سڌو مُلوث رهيو آهي، ان جي خلاف ڪو ايڪشن نه کنيو ويو۔۔۔۔