سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي ٽربيونل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

    [​IMG]

    [JUSTIFY]دوها (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي آزاد اينٽي ڪرپشن ٽربيونل معطل پاڪستاني ڪرڪيٽرن اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سلمان بٽ، فاسٽ بالر محمد عامر ۽ محمد آصف خلاف اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت سلمان بٽ تي 10 سالا، محمد آصف تي 7 سالا ۽ محمد عامر تي 5 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي پابندي هنئي وئي آهي، تفصيل موجب آزاد اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ڪالهه دوها ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي 9 ڪلاڪن تائين ڊگهي ٻڌڻي ڪئي، جنهن بعد ٽربيونل جي سربراهه مائيڪل بيلوف پريس ڪانفرنس ڪندي رانديگرن خلاف سزا ٻڌائي، هن رانديگرن جي ڏوهي هجڻ جو اعلان ڪيو، مائيڪل بيلوف سزا ٻڌائيندي چيو ته سلمان بٽ تي 10 سال، محمد آصف تي 7 سال ۽ محمد عامر تي 5 سال پابندي لڳائي وئي آهي، سلمان بٽ کي 5 سال ۽ محمد آصف تي 2 سال سسپينڊيڊ سزا آهي، جيڪڏهن اهي رانديگر قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي نه ڪندا ۽ سندن رويو بهتر رهيو ته سندن پابندي جي مدت 5-5 سالن بعد ختم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته محمد عامر جي 5 سال جي سزا ساڳي برقرار رهندي، ان کي سسپينڊ سزا جي رعايت حاصل نه هوندو، قطر جي گادي واري شهر دوها ۾ قطر فنانشل سينٽر جي عمارت ۾ ڪالهه حتمي ٻڌڻي صبح ساڍا 9 وڳي شروع ٿي، ان ۾ معطل ٽئي رانديگر شريڪ ٿيا، ٻڌڻي ۾ عامر ۽ سلمان وڪيلن سان گڏ پيش ٿيا، جڏهن ته آصف ٽربيونل آڏو اڪيلو پيش ٿيو، واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ برطانوي اخبار نيوز آف دي ورلڊ رانديگرن خلاف اسپاٽ فڪسنگ جو انڪشاف ڪيو هو، اخبار دعويٰ ڪئي هئي ته ان جي نمائندي ڏيڍ لک پائونڊ مظهر مجيد کي ڏنا، جنهن بعد مظهر کيس ٻڌايو ته پاڪستاني بالر ڪهڙي وقت نو بال ڪندا، پاڪستاني رانديگرن کان گذريل مهيني 6 کان 11 جنوري تائين 6 ڏينهن ٻڌڻي ڪئي وئي هئي، ٻڌڻي بعد مائيڪل بيلوف اعلان ڪيو هو ته فيصلو 5 فيبروري تي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته سزا يافته رانديگر 21 ڏينهن اندر سوئيٽزرلينڊ جي راندين بابت عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ اپيل ڪرڻ جو حق رکن ٿا.[/JUSTIFY]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

    نو بال جو اعتراف به ڪري چڪا آهن اهو به چون پيا ته سزا تمام گهڻي آهي ان جو ايترو سوچيو به نه هو معنى ته ڪيس ۾ انوال آهن بي قصور نه آهن ...........

    هاڻي وري مون جي ذاتي خيال مطابق ته انهن کي ٿوري سزا ٻڌائي وئي آهي انهن کي تاحيات ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سزا ملي ها ۽ جيل ۽ ڪجهه مالي طور تي پڻ سزا ملي ها ته جيئن آئنده لا۽ وري ٻيو ڪو اهڙو قدم نه کڻي سگهي

    ادا سليمان صاحب انهن جي اڍائي لک کان وڌيڪ پرمنٿ پگهار آهي ۽ هڪ ٽيسٽ کيڏڻ تي ٽئي يا چار لک روپيا الڳ هوندا اٿن ٻيو مراعتون الڳ حاصل اٿن .

    جيڪڏهن ايترين سهولتن هوندي به ڏکيا آهن ته انهن کي سڌو جيل جي ضرورت آهي

    سدائين گڏ
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

    منهنجي راءِ ٿوري مختلف آهي.
    چيو ويندو آهي ته اهي ملڪ جا نمائندا آهن، جڏهن ته انهن جا ئي کيسي هميشه سڻڀا هوندا آهن، هنن سان ملڪ يا قوم کي اڃ تائين ڪهڙو فائدو رسيو آهي؟
    ڪرڪيٽ تي ئي پابندي لڳي نه صرف کلاڙين تي.
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

    بهرحال جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو۔
    اڳتي لا‌ سوچجي ۽‌گذشته مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

    آءِ سي سي جو فيصلو سٺو آهي....۽ هنن رانديگرن کي سزا به سٺي آهي..پاڻ کي ته ڪرڪيٽ زهر لڳندي آهي.
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

    ڏوهه ٿيو يا نه ٿيو،،،، پر هي ڏوهه ايترو سنگين ته ڪونه هو، ساڳئي طرح ٻين ٽيمن جا رانديگر به اسپاٽ فڪسنگ سان گڏ ميچ فڪسنگ ڪندا رهيا آهن۔ پر انهن جي ملڪن جو عوام ، ميڊيا، حڪومت انهن جي پٺڀرائي ڪندي آهي۔۔ پر هتي ان ڪري سزا مِلي جو هي رانديگر پاڪستاني، مسلمان هئا۔۔ ان ڪري سزا ڏني وئي ته اها به عام سزا کان مٿي۔۔
    ٻين کي ڀلي سزا ڏني وڃي پر محمد عامر اڃان 18 سالن جو آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ڱي ايترو ڀلوڙ بالر وري ملڻ مشڪل اهي ان کي ته گهٽ سزا ڏني وڃي ها۔۔۔​
     
  7. سمیع اللہ بلوچ

    سمیع اللہ بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

    ادا ڀلو ٿيو آهي اهي پنجابي ڏوڪڙن جي ڪري ملڪ جي عزت کي مليا ميٽ ڪرڻ وارا آهن انهن رشوت خورن کي ملڪ بدر ڪرڻ کپي
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي

    ساڳئي جڳهه تي انڊيا جو سُريش رائنا به اسپاٽ‌فڪسنگ ۾ سنئون سڌو مُلوث رهيو آهي، ان جي خلاف ڪو ايڪشن نه کنيو ويو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو