سلمان بٽ 10، آصف 7 ۽ عامر 5 سال ڪرڪيٽ کيڏي نه سگهندا:آءِ سي سي ٽربيونل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

دوها (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي آزاد اينٽي ڪرپشن ٽربيونل معطل پاڪستاني ڪرڪيٽرن اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سلمان بٽ، فاسٽ بالر محمد عامر ۽ محمد آصف خلاف اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت سلمان بٽ تي 10 سالا، محمد آصف تي 7 سالا ۽ محمد عامر تي 5 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي پابندي هنئي وئي آهي، تفصيل موجب آزاد اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ڪالهه دوها ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي 9 ڪلاڪن تائين ڊگهي ٻڌڻي ڪئي، جنهن بعد ٽربيونل جي سربراهه مائيڪل بيلوف پريس ڪانفرنس ڪندي رانديگرن خلاف سزا ٻڌائي، هن رانديگرن جي ڏوهي هجڻ جو اعلان ڪيو، مائيڪل بيلوف سزا ٻڌائيندي چيو ته سلمان بٽ تي 10 سال، محمد آصف تي 7 سال ۽ محمد عامر تي 5 سال پابندي لڳائي وئي آهي، سلمان بٽ کي 5 سال ۽ محمد آصف تي 2 سال سسپينڊيڊ سزا آهي، جيڪڏهن اهي رانديگر قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي نه ڪندا ۽ سندن رويو بهتر رهيو ته سندن پابندي جي مدت 5-5 سالن بعد ختم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته محمد عامر جي 5 سال جي سزا ساڳي برقرار رهندي، ان کي سسپينڊ سزا جي رعايت حاصل نه هوندو، قطر جي گادي واري شهر دوها ۾ قطر فنانشل سينٽر جي عمارت ۾ ڪالهه حتمي ٻڌڻي صبح ساڍا 9 وڳي شروع ٿي، ان ۾ معطل ٽئي رانديگر شريڪ ٿيا، ٻڌڻي ۾ عامر ۽ سلمان وڪيلن سان گڏ پيش ٿيا، جڏهن ته آصف ٽربيونل آڏو اڪيلو پيش ٿيو، واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ برطانوي اخبار نيوز آف دي ورلڊ رانديگرن خلاف اسپاٽ فڪسنگ جو انڪشاف ڪيو هو، اخبار دعويٰ ڪئي هئي ته ان جي نمائندي ڏيڍ لک پائونڊ مظهر مجيد کي ڏنا، جنهن بعد مظهر کيس ٻڌايو ته پاڪستاني بالر ڪهڙي وقت نو بال ڪندا، پاڪستاني رانديگرن کان گذريل مهيني 6 کان 11 جنوري تائين 6 ڏينهن ٻڌڻي ڪئي وئي هئي، ٻڌڻي بعد مائيڪل بيلوف اعلان ڪيو هو ته فيصلو 5 فيبروري تي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته سزا يافته رانديگر 21 ڏينهن اندر سوئيٽزرلينڊ جي راندين بابت عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ اپيل ڪرڻ جو حق رکن ٿا.