اها آڪٽوبر نومبر 1987 جي ڳالھ آهي. عبدالماجد کي اهو به احساس هيو ته جيڪو ڪم ڪمپيوٽر سائنس انجنيئر (حسام الدين جا فرزند) ڪرڻ کان قاصر رهيا آهن سو کانئس ڪيئن ٿيندو جنهن کي ڪمپيوٽر سائنس جي باري ۾ صرف بنيادي ڄاڻ هئي. پر هن الله تو آهر ڪري، پنهنجي شوق جي ڪري، ان ۾ هٿ وڌو. چوندا آهن همت مردان مدد خدا. هن معاملي ۾ به ايئن ئي ٿيو ۽ هفتي ٻن اندر کيس ابتدائي ڪاميابي ٿي ۽ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌي جو پرسنل ڪمپيوٽر وسيلي ٽائپ سيٽ ٿيل پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو ته ٻڌائيندو آهي ته سندس خوشي جي ڪا انتها نه رهي ۽ هن قادر مطلق جا بي انداز ٿورا مڃيا جنهن سندس نصيب ۾ اها ڪاميابي لکي هئي.
ان ابتدائي ڪاميابي جي خبر ان وقت هلال پاڪستان ڏني. بعد ۾ هن اخبار جو هڪ مضمون به ٽائپسيٽ ڪري هلال پاڪستان وارن کي ڏنو جيڪو نومبر يا ڊسمبر 1987 ۾ ڇپيو. اهو انعام شيخ جو لکيل ڪک پن نالي هڪ ڪالم هو. ان کان علاوه ڪراچي جي هڪ ڪاليج جي مخزن نقوش جو سنڌي سيڪشن به ٽائپسيٽ ڪري ڏنائين. اهڙي ننڍڙي ابتدا سان سنڌي ۾ ڪمپيوٽر جي استعمال يعني سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ابتدا ٿي ۽ سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ان انقلاب جي شروعات ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ ان جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي. عبدالماجد، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪا ڊگري نه هوندي به، اڪيلي سر پنهنجي محدود وسائل ذريعي مختصر عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر باوجود پنهنجي وسائل ۽ ڄاڻ جي سالن ۾ به نه ڪري سگھيا.
سندس جي ويب سائيٽ تان کنيل