سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سنڌ جي انهن سپوتن مان هڪ شخصيت جو جنم ڏينهن جنهن جي خدمتن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي۔ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي بي انتها بلندين تي پهچائيندڙ شخصيت ، سنڌ جي وفادار ، سنڌ جي عاشق سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جنم ڏينهن جون لکين واڌايون۔

    سائين ماجد جون ڪيل خدمتون اهي به بغير ڪنهن معاوضي جي ڪنهن کان به لڪيل ڪونهن۔ اڄ اسان سنڌ سلامت تي به سندس محنتن جي طفيل ويٺا آهيون۔ سنڌ جي اهڙي محسن شخص لاء دعا آهي ته جڳ جڳ جيئن ، خوش رهن ، زندگيء جون اڻ کٽ بهارون مانن ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪن۔

    [​IMG]

    عبدالرشيد سمون ، محمد سليمان وساڻ ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي



    [​IMG]
    عبدالرشيد سمون ، رضوان گل ، مولوي رحيم بخش ڏاهري ، محمد سليمان
    وساڻ ، سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ، بشير احمد شاد ۽ سائين بخش وساڻ

    _____

    ماجد ڀرڳڙي: عشق کان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار تائين
    منير ڀرڳڙي
    جڏهن به جديد سنڌ جي تاريخ لکبي ته ماجد ڀرڳڙي جي بيان کان سواءِ اها اڻ پوري ليکبي . ڇو ته جديد دنيا ۽ جديد سنڌ “ ڪمپيوٽر ايج” جي دور جي دنيا کي سڏجي ٿو. ماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻوليکي ڪيئن ڪمپيوٽر تي آندو، ان لاءِ هن جو محرڪ ڪهڙو هو ؟ هن کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آيا ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪيو. هڪ جاگيردار ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هي شخص سي ايس ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ به وڏيرو ڇو ڪونه ٿيو، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ڇو نه بڻيو ؟ ۽ هن سنڌ جي ٻولي جي خدمت ۾ ئي پنهنجي خوشي محسوس ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ هن سنڌي قوم جي نوجوانن خاطر نوان درکولڻ لاءِ ڇو پنهنجي ماضي ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳايو ؟ اهڙا کوڙ سارا سوال کڻي هن همراهه سان ملڻ جو سوچيو پر پوءِ خبر پئي ته ماجد آمريڪا شفٽ ٿي چڪو آهي. ٽن يا چئن سالن کان پوءِ سنڌ ايندو آهي. هن سان فيس بوڪ تي رابطو ٿيو ۽ واعدو ڪيائين ته جيئن هو سنڌ ايندو تيئن ملاقات ڪندو. 13 ڊسمبر 2011 تي سندس ڀيڻ جي گهر ڪراچي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ملاقات ٿي ۽ ان طويل ملاقات ۾ هن جو پروفائيل مڪمل ڪيو، جيڪو سموري سنڌ واسين لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو.
    خانداني شجرو
    ماجد ڀرڳڙي، لاڙڪاڻي جي مشهور سياسي شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي جو پٽ آهي. هن جو تڙ ڏاڏو جان محمد ڀرڳڙي هو ، جنهن کي عثمان نالي پٽ هو ۽ ان عثمان ڀرڳڙي کي عبدالجليل نالي پٽ ڄائو ۽ عبدالجليل کي واري عبدالغفور پيدا ٿيو. ماجد جي ماءُ جو نالو خورشيد بانو آهي ۽ سندس ناني جو نالو “ رحيم خاتون” آهي.ماجد ڀرڳڙي اٺ فيبروري اوڻيهه سئو اٺيتاليهه ۾تعلقي شهداد ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. بقول هن جي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ۾ اتي هڪ ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن هوندي هئي ڇو ته ان جي سامهون ٻه وڏا ڀرڳڙين جا ڳوٺ هوندا هئا. ان ڪري انگريزن ان ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي “ ڀرڳڙي اسٽيشن” رکيو هو. انگريزن جي دور کان پوءِ اها اسٽيشن ختم ٿي وئي.ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان هن پرائمري تعليم 1953ع ۾ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم چار سال جي هوندي هئي ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم ڇهه سال جي هوندي هئي. هن اها مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ اسڪول بئراج ڪالوني سکر، نوشهرو فيروز، لاڙڪاڻو مان هن جي تعليم 1963ع ۾ مڪمل ٿي. فتح محمد قريشي ۽ واحد بخش شيخ هن کي سٺا استاد لڳا. انٽر آرٽس ۾ “ ميٿميٽڪس” هن جو سبجيڪٽ رهيو.1968 ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آرٽس ۾ ڪئي.
    سياست کان بيزاري ۽ بيگانگي:
    1963ع ۾ هن جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي سياست ۾ سرگرم هو. هن جا دوست قاضي فضل الله ۽ قاضي فيض محمد هئا پر هي سياست ۾ نه رهيو. 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ هن جو دوست اعجاز قريشي هو، جنهن وٽ ان دور جي کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڄام ساقي ايندو هو.ان دور ۾ يونيورسٽي جو استاد محب الله شاهه هو، پوءِ جنهن نوڪري ڇڏي (C S S ) سي ايس ايس ڪيو، اهو هن کي سٺو لڳو ۽ جنرل هسٽري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڙهائيندو هو، اهو به بهتر استاد لڳو. ان دور جي ون يونٽ تحريڪ، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اڳيان اڳيان هئا، ان ۾ هن حصو نه ورتو يعني پنهنجي ڪم سان ڪم رکيائين هن ڀلجي به سياست ۾ حصو نه ورتو.
    عشق جي شروعات :
    1969ع ۾ هن ايم اي ( M A ) داخلا سان گڏو گڏ ايل ايل بي (L L B )۾ به داخلا ورتي ۽ گڏوگڏ C S S جي تياري به شروع ڪري ڇڏي، هن وٽ ڪو به ان دور ۾ “ خاڪو” نه هو ته هن کي ڇا ٿيڻو آهي پر صرف مائٽن کي ڏيکارڻ لاءِ هن مڙئي داخلا وٺي ڇڏي هئي پر هو هاڻي هڪ ، ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ڪنهن به ڳالهه سان هاڻ هن کي دلچسپي نه رهي هئي، تيستائين وري هو تعليم جاري نه رکي سگهيو هو، جيستائين هن جي نرگس سان شادي نه ٿي هئي. “ عشق” شادي کان پوءِ به جاري رهيو. 1970ع ۾ شادي کان پوءِ ان مان هن کي چار ٻار پيدا ٿيا يعني ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي پر هن کي “ ڇاتي جي ڪئنسر” گهڻو وقت جيئڻ نه ڏنو. منهنجي ملاقات ۾ عبدالماجد ٻڌايو ته ٽي سال اڳ۾ وفات ڪري وئي هئي. پر عبدالماجد ان کي ياد ڪندي ڳوڙها روڪي نه سگهيو.
    [​IMG]
    نئين شروعات :

    1970ع ۾ سي، ايس، ايس ۾ پاس نه ٿي سگهيو هو ڇو ته هو مڪمل طور ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. پر 1971ع ۾ هن جو ايل ايل بي جو ڪم به هلندو رهيو ۽ ٻيهر سي ايس ايس ۾ ويٺو ۽ ٽاپ ۾ پاس ڪيائين. سڄي پاڪستان ۾ صرف هن کان اٺ ماڻهو وڌيڪ مارڪون کڻي سگهيا هئا. هو هاڻي انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿي آيو. سندس پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو، لاڙڪاڻو هن جو جنم ڀومي هئي ۽ ماجد جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي حريف هو. پوءِ دير سان 1976ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙي کي ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ ان ۾ ئي رهيو. ان ڪري پهرئين هن لنوايو، پر پوءِ هو اتي مقرر ٿيو. پر چارسال هو اتي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن خبر پئي ته ماجد انتهائي ايماندار آفيسر آهي ته پوءِ هن ڪجهه ڪارڪنن جي خواهش جي باوجود هن کي بدلي نه ڪرايو بلڪه هو اتي ڪيترو ئي عرصو رهيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ هن کي محسوس ٿيو ته هن کي هاڻي هتي نه رهڻ گهرجي ۽ هن پرڏيهه وڃڻ جون تياريون ڪيون. هن ان دور ۾ ايم اي به ڪري ڇڏي هئي، پر جيئن ته هو رشوت نه وٺندو هو ان ڪري هن کي معاشي تنگدستي به ٿي ۽ ضياءُ الحق جي ڪاري دور هن کي ذهني طور وڏو ڌچڪو هنيو. هن آمريڪا جي Arizona tucsan يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ ٽن سالن جي موڪل تي روانو ٿي ويو.
    جڏهن هو ڌرتي ڇڏي چڪو:
    هن اتي M B A جي ڊگري مئي 1985ع ۾ وٺي ڇڏي ۽ ٻيهر واپس پاڪستان آيو پر هن سروس جوائن نه ڪئي. ان وقت ان ڊگري جي هتي ڪابه اهميت نه هئي. جيئن ته هن جي ايل، ايل، بي ڪيل هئي، ان ڪري هن انڪم ٽيڪس جي وڪالت جو ڪم شروع ڪيو، اتي به هن کي مزو ڪونه آيو. لاهور مان ڪنهن دوست جي چوڻ تي Desktop Publication جو ڌنڌو شروع ڪيائين.هن هڪ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ورتو، حالانڪه هن کي “ ڪمپيوٽر آپريٽ ڪرڻ به نه ايندو هو ، پر پوءِ به هن سکيو. هن ڏٺو ته اردو ڪمپوزنگ ٿئي پئي پر سنڌي زبان ڪمپوز ڪانه پئي ٿي، پوءِ هن تبديليون ڪيون. بقول هن ته هن جي ڪم ۾ هن جي پٽ وڏي مدد ڪئي. ڪافي ڪمپيوٽر پرگرامن ۾ تبديلي کان پوءِ 1987ع جي آخري حصي ۾ هو سنڌي زبان کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    تاريخي ڏاڪو
    ڏسو ته ارتقا ۽ ضرورت ڪيئن ماڻهو کان وڏا ڪم سرانجام ٿي ڏياري. هڪڙو اهڙو ماڻهو جنهن جي فيملي ۾ سياست عام هجي پر هو سياست ۾ نه وڃي ۽ وڃي آفيسر شاهي ۾ شامل ٿئي. اهڙي آفيسر شاهي جنهن لاءِ ماڻهو سڪندا ۽ تڙپندا هجن پر هو اتي به راشي نه هجڻ سبب اڻ فٽ ٿي ويو ۽ وري دنيا جي سپرپاور آمريڪا مان M B A ڪئي هجي. ان کي هتي ڪوبه روزگار نه ملي ۽ هو وري ڪمپيوٽر جي دنيا ڏانهن وڃي حالتن جي جبر ڪري هن سنڌي ڪمپوزنگ ايجاد ڪئي ان سان سنڌي قوم کي ته فائدو ٿيو پر ان فرد جي زندگي تي ضرور رحم اچي ٿو، پر فطرت جي اصولن کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. شايد فطرت کي اهو ڪم ماجد ڀرڳڙي کان ڪرائڻو هو. هن ڪم کي سنڌ جي وڏي اديب سراج ميمڻ ۽ علي احمد بروهي ڏاڍو ساراهيو. پهريون مضمون انعام شيخ جو روزاني “ هلال پاڪستان” ۾ سنڌي ڪمپيوٽر تي آندو ويو. انعام شيخ ان دور ۾ “ ڪک پن” جي عنوان سان ڪالم لکندو هو. هو پوءِ ان ڪم ۾ جنبي ويو ۽ ٻيهر ڊسمبر 1987ع ۾ آمريڪا ويو ۽ ڪجهه ٽول (Tool) خريد ڪيائين ته جيئن سنڌي ڪمپيوٽر کي وڌيڪ سڌارجي. پوءِ هن ان ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون. هن کان پوءِ “ڪنهن ڪمپني سمورا حق ۽ واسطا خريد ڪيا. ان کانپوءِ اهڙن ڪمپيوٽرن کي اخبار “ هلال پاڪستان ، عبرت ۽ ٻين خريد ڪيو ۽ ايئن سنڌي ڪمپيوٽر تي شيون ڇپجڻ شروع ٿيون. هن چيو ته پوءِ اياز شاهه اهو واڌارو ڪيو جو 1995ع ۾ ان کي P C تي آندو. پوءِ ماجد ڪوشش ڪئي ته اڃا به سنڌي ڪمپيوٽر کي ترقي ڏيارڻ ۽ يونيورسل ڪوڊ ڏيارڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي وڏي ڪمپني جي پال نيلسن سان ملاقات ڪئي ۽ ان هن سنڌي زبان جي مارڪيٽ بابت ٻڌايو، ان ڪري هن جي ڪوشش سان 2001 ۾ اهو سسٽم به رکيو ويو. اڄ جيڪو سنڌي قوم سنڌي ڪمپيوٽر جي ڪري پنهنجي زبان ۽ تهذيب بچائي ۽ مقابلو ڪري رهي آهي ان ۾ ماجد ڀرڳڙي جو ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. هن جي ايماندار روش ۽ ڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي جستجو جي ڪري هو ڪنهن هڪ هنڌ نه رهي سگهيو ۽ نتيجي ۾ هن جو اولاد گهڻو پڙهي نه سگهيو. ماجد ڳالهه ٻولهه ۾ بار باراهڙو اظهار ڪندو رهيو، هن وقت آمريڪا ۾ هن جي پٽن سان گڏ رهائش آهي. ايڊريس هي آهي.washington State 7622- 232, nd Street 5E Woodinvelle, W A 98072 ،هن کي موسيقي ۾ محمد جمن ۽ محمد يوسف وڻن ٿا. ليکڪن ۾ حسام الدين راشدي ۽ علي محمد راشدي کان متاثر آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي ايم سيد هن جا پسنديده سياستدان آهن هن هڪ صوفي شيخ سيد احمد ابن مصطفيٰ ال ، الوي جي مناجات کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو نالو intimate آهي هو سنڌي زبان جو اهڙو سپاهي آهي، جنهن پنهنجي ٻولي کي جديد رنگ ڏئي اَمر بنائي ڇڏيو آهي. سنڌي ڪمپيوٽر جو جڏهن به ذڪر ٿيندو هن جو نالو زنده رهندو.ڪٿي به هجي ڪيڏي مرتبي تي ڇو نه هجي، ڪهڙي به هنڌ رهندو هجي پر سنڌ لاءِ هو سنڌي ٻولي جو بچاءُ ڪندڙ اڳين صف جو اهو سپاهي آهي، جنهن کي سنڌ ڪڏهن به نه وساري سگهندي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 فيبروري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين عبدالماجڊ ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سنڌي ٻوليءَ‌ جي محسن، مردِ مجاهد سائين عبدالماجد ڀرڳڙي کي سندس چاهڻ‌ وارن، خصوصي طور تي سنڌ سلامت ۽ ان جي ميمبرن پاران دل جي گهراين سان جنم ڏڻ جي مبارڪ باد هجي۔۔ توهان جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل محنت بلڪل لاجواب آهي، توهان پنهنجي کوجنا ۽‌ وري محنت سان اهڙي شئي (ايم بي سنڌي سافٽ ويئر) ترتيب ڏني جنهن ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ‌ اسان جهڙن ڪم علم ماڻهن لاءِ بنهه ايترو آسان بڻائي ڇڏيو جو هاڻي سنڌي يا انگريزي لکڻ‌ مهل گهڻي تبديلي نه ٿي ڪرڻي پوي۔۔ اوهان جا ٿورا تيستائين ڳائبا رهبا جيستائين انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي موجود رهندي۔۔۔ ايم بي سنڌي سافٽ‌ويئر جي اچڻ‌ ۽ عام ٿيڻ‌ کان اڳ ۾ مون کي ياد آهي ته ادبي حلقن ۾ اهو بحث هلندو هو ته جديد ڪمپيوٽر جي انگريزي ۾‌هجڻ‌جي ڪري سنڌي ٻولي جو اصلي لکڻ‌جو طريقو مٽجي ويندو ۽ فقط رومن ۾ لکي ويندي پر اوهان ان سوچ کي غلط ڪري ڏيکاريو ۽‌ پنهنجي لڳاتار جاکوڙ سان هن ڪمپيوٽر جي دنيا ۾‌ ايم بي سافٽ ويئر جي ذريعي سنڌي لکڻ‌ کي سولو بڻائي سنڌين کي مستقبل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ‌ نيون شيون ترتيب ڏيڻ‌ جو هڪ دڳ ڏيکاري ڇڏيو۔۔۔
    هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان کي جنم ڏينهن جي مبارڪ۔۔۔​
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين عبدالماجڊ ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جو جنم ڏينهن آهي۔ اسان کين نئين سال سان گڏ سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيا ڏيون۔

    پنهنجي پاران ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران کين دعا آهي ته رب پاڪ کين هميشه خوش رکي ۽ دين محمدي جي واڌاري لاء ڪيل سندن خدمتن تي رب پاڪ جي خاص مهرباني ٿئي۔


    سائين جون ڪيل خدمتون لاجواب آهن انهن جي جيتري به ڳالهه ڪجي سا گهٽ ٿيندي

    فقير پاران به سائين کي دل جي گهرائين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي

    سدائين گڏ
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين عبدالماجڊ ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سنڌ جي سپوت مانَ واري سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن لاء سندن جنم ڏينهن تي هن عاجز طرفان به ڪريم رب جي بارگاه بيڪس پناه ۾ دعائون آهي شال رب مهربان سائين جن کي صحت و عافيت سان وڏي ڄمار بخشي سندن سايو اسان جي مٿان تا دير قائم و دائم رکي ته جيئن پاڻ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي تا دير رهنمائي فرمائيندا رهن. الله تعالي سائين جن جي عزت ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي کين ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي نصيب فرمائي. آمين.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 فيبروري 2014
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سائين عبدالماجڊ ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين جن کي مون پاران به جنم ڏينهن جو لک لک وڌايون۔۔۔۽ کوڙ ساريون دعائون سائين جن جيڪو سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ عام ڪيو آهي۔اسانکي ان تي وڏو ناز وفخر آهي۔
    سائين جو نالو ٻڌندي دل کي سُڪون ۽ سائين جي لا کوڙ ساريون دعائون اندر مان نڪري اچن۔۔۔اسان سائين جن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون۔۔مهرباني ادا سليمان وساڻ جو اوهان سائين جن کي ياد ڪيو۔​

    [​IMG]
     
  6. سمیع اللہ بلوچ

    سمیع اللہ بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين جنم ڏينهن تي مبارڪون ڏيڻ هندوانه رسم آهي ان کان مسلمانن کي بچڻ کپي
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    [justify]اسانجون دعائون آهن ته سنڌ جون محترم شخصيتون ۽ سنڌ جا سڄڻ ماڻهون وڌندا رهن ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ڪندا رهن، سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ جن ماڻهن پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي، انهن ۾ سائين محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن به آهن ۔۔۔

    اسانجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون سائين جن سان گڏ آهن ۔۔۔ اميد ته اسانجا سڄڻ سائين سنڌ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائندا رهندا ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪندا رهندا ۔۔۔

    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بو بهار جي ۔۔@};-@};-

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  8. ربنوازبلوچ

    ربنوازبلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نوڪر
    ماڳ:
    ڪراچي گلشن اقبال
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون
     
  9. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    انهي ڳالهه ۾ سچ پچ ڪو شڪ ڪونهي ته جتي سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي لکي وڃي ۽‌سائين ڀرڳڙي جو نالو نه اچي اهو ٿي نٿو سگهي، بلڪل سائين جون خدمتون سائيبر دنيا تي سنڌي زبان ۾ بي باڪ آهن انهن کي سرهائيندي اسان به سائين جن کي جنم ڏينهن تي مبارڪ پيش ڪيون ٿا۔
     
  10. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    مون پاران سائين جن کي جنم ڏينهن جون لک مبارڪون۔ سائين جن جي لاءِ دعائون اسان پاران سائين جن جو جيڪي خدمتون سنڌي ٻولي کي اجاگر ۾ اهي قابلي ساراه ڪرڻ جوڳيون آهن اميد ته سائين جن اهڙيون ڪوششون ڪندا رهندا ته جيئن اسان جهڙن جي رهنمائي ٿي سگهي۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    اڄ سنڌ سلامت جنهن هستي جي ڪري آهي اڄ ان جو جنم ڏينهن آهي۔

    جي ها سنڌي ٻولي جو محسن سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جنهن جي سنڌ دوستي ۽ ٻولي دوستي جو ثبوت ايم بي سنڌي جي صورت ۾ اسان سنڌين جي ٻولي کي جيئندان بخشي رهيو آهي۔ اسان جون دعائون آهن ته سنڌ جو هي محسن سدائين خوش رهي۔
     
  12. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    يقينن سائين جن جون خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون ناهن اڄ جيڪڏهن اسان ڪمپيوٽر ۾ سنڌي آساني سان پڙھون ۽ لکون ٿا ته اھا ڪوشش سائين عبدالماجد جن جي آھي اھڙيون شخصيتون شايد ئي سنڌ ۾ آهن جن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر ناھي ڇڏي، سائين جن کي مون ناچيز طرفان کوڙ ساريون جنم ڏڻ واڌايون هجن، جتي به هجن سدا خوش ھجن سنڌي ٻولي جي جاکوڙ ڪندا رهن " آمين
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون سائين محترم عبد الماجد ڀرڳڙي صاحب جن لا، ڌڻي تعالا کين هميشه سلامت رکي، ۽ سنڌي ۽ سنڌين تي سندن هميشه مشفقانه سايو رهي۔
    هن مناسبت سان اسان سائين محترم عبد الماجد ڀرڳڙي صاحب جن کي هڪ التجا به ڪندا سون ته پاڻ سنڌي ٻولي جي ان پروجيڪٽ کي مائڪروسافٽ وارن سان ڳالهائي ونڊوز ۾ به شامل ڪرائن تاڪِ سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪري، اميد آهي ته سائين جن اهڙو قدم جلد کڻندا جنهن سان ٻولي وڌيڪ وڌي اهو سائين جن جو احسان سنڌي قوم تا قيامت نه وساريندي، لک ٿورا۔
    طاهر سنڌي
     
  14. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جو نالو صدين تائين ياد رکيو ويندو۔۔۔۔۔
    جنم ڏينهن تي سڄي سنڌ جون نيڪ تمنائون سائين جن لاء۔۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي لاء دعائون ۽ سندس جنم ڏينهن تي کيس واڌايون پيش ڪيون ٿا۔​
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ڄام احمد سمون

    ڄام احمد سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    137
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڪنهن جي منهن ۾ مصري ڪنهن جو وات گلاب،
    سوئي ماڻهو لاجواب، لطف جنهن جي لفظن ۾۔
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون۔
     
  17. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين جن کي منهنجي طرفان جنم ڏينهن تي مابرڪ هجي
    سڌائين خوس هجي سائين عبالماجد
     
  18. ڄام احمد سمون

    ڄام احمد سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    137
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    تون علم ۽ ادب جي کاڻ آهين،​
    سچ ۽ سونهن جو اهڃاڻ آهين،​
    تنهنجي ڇا ڪندو تعريف هي ”آزاد“​
    تون ته پنهنجو مٽ پاڻ آهين۔​
    ۔۔۔۔ڄام احمد آزاد سمون۔۔۔۔​
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ماجد اسان جو آهي پيارو
    اڀ ۾ چمڪي جيئن روشن تارو
    دعا آهي سدا هجي سوڀارو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو