مست
سينيئر رڪن

بلڪل هاڻي انڌا به ڪار هلائيندا، بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح اکين جي بصارت رکندڙ ماڻهو هلائيندا آهن۔۔۔ مٿي ڏنل تصوير مارڪ ريڪوبونو جي آهي، جيڪو ڏسڻ جي صلاحيت کان محروم آهي پر ڪار هلائي سگهي ٿو، ڇو ته ڪار ئي آهي جنهن کي هلائڻ لاءِ اکين جي ضرورت نه آهي، ڪوبه هلائيندڙ فقط پنهنجي دماغ سان ۽ سينسرز سان ان کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو۔۔۔ ان ڪار پهرين آمريڪا جي فلوريڊا شهر ۾ پنهنجي پهرين ٽيسٽ ڊرائيو پڻ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪئي۔۔ هي ڪار اهڙي ٽيڪنالاجي تي ٺهيل آهي جنهن کي پاڻ nonvisual Technology چوندا آهيون۔۔۔
مارڪ ريڪوبونو فلوريڊا شهر جي مين ريسنگ ٽريڪ تي هن ڪار کي وڏي وقت تائين بنا ڪنهن تڪليف جي هلائي ڏيکاريو۔۔۔ خاص طور تي انڌن ماڻهن لاءِ ٺهرايل هن ڪار ۾ وڏي تعداد ۾ڪيمرائون، سينسر ۽ مختلف الارم لڳل آهن۔ اهي سينسر بلڪل اکين وانگر ڪم ڪندا ۽ سينسر گاڏيءَ جي اڳيان ايندڙ ڪنهن به رڪاوٽ کي محسوس ڪرڻ بعد اهو اميج ٺاهي هٿ جي دستانن ۾لڳل سينسرز ذريعي دماغ تائين منتقل ٿيندو۔۔ اهڙي طرح اکيون نه رکندڙ ماڻهو به آرام سان هن گاڏيءَ کي هلائي سگهندا۔ هٿ جي دستانن ۾موجود سينسر ۽ ڊرائيونگ ٽيسٽ جا مخصوص سينسر ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته ڪهڙي جڳهه تي موڙ ڪاٽڻو آهي يا نه۔۔۔