• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي انڌا به ڪار هلائيندا ۔۔۔ مطلب ته ڊوڙائيندا۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
blind_373142f.jpg

بلڪل هاڻي انڌا به ڪار هلائيندا، بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح اکين جي بصارت رکندڙ ماڻهو هلائيندا آهن۔۔۔ مٿي ڏنل تصوير مارڪ ريڪوبونو جي آهي، جيڪو ڏسڻ‌ جي صلاحيت کان محروم آهي پر ڪار هلائي سگهي ٿو، ڇو ته ڪار ئي آهي جنهن کي هلائڻ‌ لاءِ اکين جي ضرورت نه آهي، ڪوبه هلائيندڙ فقط پنهنجي دماغ سان ۽‌ سينسرز سان ان کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو۔۔۔ ان ڪار پهرين آمريڪا جي فلوريڊا شهر ۾ پنهنجي پهرين ٽيسٽ ڊرائيو پڻ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪئي۔۔ هي ڪار اهڙي ٽيڪنالاجي تي ٺهيل آهي جنهن کي پاڻ nonvisual Technology چوندا آهيون۔۔۔
مارڪ ريڪوبونو فلوريڊا شهر جي مين ريسنگ ٽريڪ تي هن ڪار کي وڏي وقت تائين بنا ڪنهن تڪليف جي هلائي ڏيکاريو۔۔۔ خاص طور تي انڌن ماڻهن لاءِ‌ ٺهرايل هن ڪار ۾‌ وڏي تعداد ۾‌ڪيمرائون، سينسر ۽ مختلف الارم لڳل آهن۔ اهي سينسر بلڪل اکين وانگر ڪم ڪندا ۽ سينسر گاڏيءَ‌ جي اڳيان ايندڙ ڪنهن به رڪاوٽ کي محسوس ڪرڻ بعد اهو اميج ٺاهي هٿ جي دستانن ۾‌لڳل سينسرز ذريعي دماغ تائين منتقل ٿيندو۔۔ اهڙي طرح‌ اکيون نه رکندڙ‌ ماڻهو به آرام سان هن گاڏيءَ‌ کي هلائي سگهندا۔ هٿ جي دستانن ۾‌موجود سينسر ۽ ڊرائيونگ ٽيسٽ جا مخصوص سينسر ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته ڪهڙي جڳهه تي موڙ ڪاٽڻو آهي يا نه۔۔۔
 
جواب: هاڻي انڌا به ڪار هلائيندا ۔۔۔ مطلب ته ڊوڙائيندا۔۔

واه ادا واه مطلب ته هاڻي اسان به ادي عمران کي ڪار وٺي ڏيڻ جي تياري ڪريون هههههههههههه
 
جواب: هاڻي انڌا به ڪار هلائيندا ۔۔۔ مطلب ته ڊوڙائيندا۔۔

واھ سان واھ اهي اٿئي۔۔انگريز جن کي انڌن جو قدر آهي۔۔۽ هتي سڄن کي به ڪو لفٽ نه ٿو ڪرائي۔۔واھ‌ڙي انگريز جا پُٽ۔۔شاباس
 
جواب: هاڻي انڌا به ڪار هلائيندا ۔۔۔ مطلب ته ڊوڙائيندا۔۔

واه ادا واه مطلب ته هاڻي اسان به ادي عمران کي ڪار وٺي ڏيڻ جي تياري ڪريون هههههههههههه

فقير سائين۔۔۔ مان ته سدائين توهان جهوني جي سهولت ڳوليندو آهيان، مون کي ڪهڙي خبر ته اوهان جي دوست کي ڪهڙي ضرورت آهي۔ مطلب ته جهڙو جهونو تهڙا دوست۔۔۔۔ الائي جي ڪهڙو عمران آهي، باقي اسان وارو عمران ته لکن ۾ هڪڙو آهي​
 
جواب: هاڻي انڌا به ڪار هلائيندا ۔۔۔ مطلب ته ڊوڙائيندا۔۔

واھ سان واھ اهي اٿئي۔۔انگريز جن کي انڌن جو قدر آهي۔۔۽ هتي سڄن کي به ڪو لفٽ نه ٿو ڪرائي۔۔واھ‌ڙي انگريز جا پُٽ۔۔شاباس

مطلب ته پاڻ کي هاڻي سڄن جي باري ۾‌ڪا تنظيم جوڙڻ‌گهرجي جيڪا انهن جي لفٽ‌ڪرائڻ جي لائي ڪوشش ڪري۔۔۔۔ ها ها ها
 
Back
Top