هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ريمنڊ ڊيوس جو ريمانڊ وٺڻ تي آمريڪا جو سخت احتجاج،
    پاڪستان تي عالمي سفارتي قانون جي ڀڃڪڙي جو الزام​

    نوٽ هي نوٽ ڪجهه ڏينهن اڳ جو آهي ۔
    لاهور(بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ ٻن ماڻهن جي قتل ۾ ملوث آمريڪي اهلڪار ريمنڊ ڊيوس جي ناجائز هٿيارن واري ڪيس ۾ هڪ لک رپين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٻن ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي جسماني ريمانڊ ۾ 8 ڏينهن واڌ ڪئي وئي. هوڏانهن آمريڪا پنهنجي شهري ريمنڊ ڊيوس کي عدالت ۾ پيش ڪري ريمانڊ وٺڻ تي سخت احتجاج ڪندي ان کي سفارتي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي ۽ ريمنڊ ڊيوس جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.خبر موجب ريمنڊ ڊيوس کي خميس جي صبح جو لاهور ڪينٽ جي عدالت جي جج ظفر اقبال سيال جي عدالت ۾ سخت سيڪيورٽي جي پهري ۾ عدالت جي وقت کان هڪ ڪلاڪ ڏهه منٽ پهريان 7 لڳي 50 منٽن تي پيش ڪيو ويو، جتي نئين ڊسٽرڪٽ پراسيڪيوٽر جنرل عبدالصمد عدالت کي درخواست ڪئي ته اڃا تائين ريمنڊ ڊيوس جي تفتيش مڪمل ناهي ٿي، هو تفتيش آفيسرن سان ڪو به تعاون نه ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سوال جو جواب ڏئي رهيو آهي، هن کان حادثي ۾ ملوث گاڏي جنهن ۾ چار اهلڪارن هڪ موٽر سائيڪل سوار عباد الرحمان کي ٽڪر هڻي مارڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا هئا، انهن جي باري ۾ ۽ ريمنڊ جي لائنس جي باري ۾ وڌيڪ معلومات وٺڻي آهي ان ڪري وڌيڪ اٺن ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو وڃي. ان تي عدالت اٺن ڏينهن جو ريمانڊ ڏيندي ريمنڊ کي چيو ته اوهان ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا جنهن تي ريمنڊ چيو ته مون کي هڪ فون ڪرڻ ڏني وڃي، جنهن تي عدالت جي حڪم تي ان کي فون ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جڏهن ته عدالت جڏهن ان کان پڇيو ته ڇا پستول تنهنجو آهي، جنهن سان تو فائرنگ ڪري ٻن شهرين کي قتل ڪيو، جنهن تي ريمنڊ چيو ته ها پستول منهنجو آهي ۽ مون پنهنجي بچاءَ لاءِ انهن تي فائرنگ ڪئي هو منهنجو پيڇو ڪري رهيا هئا ۽ منهنجي گاڏي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته عدالت ان کان پڇيو ته هو تنهنجو ڪهڙي جاءِ کان پيڇو ڪري رهيا هئا ۽ تون ڪاڏي وڃڻ چاهين پيو، جنهن تي ريمنڊ چيو ته هو ان جي باري ۾ نٿو ٻڌائي سگهي، مون کي سفارتي تحفظ حاصل آهي، منهنجي باري ۾ اوهان منهنجي سفارتخاني کان معلومات وٺي سگهو ٿا مان نٿو ٻڌائي سگهان جڏهن ته ريمنڊ جي درخواست تي هن جو ميڊيڪل چيڪ اپ به ڪرايو ويو. جڏهن ته عدالت ريمنڊ جي ناجائز هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي هن کي هڪ روپين جي ضمانت جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، ضمانت جي رقم جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ 14 ڏينهن جيل ڪاٽڻ جو حڪم به ڏنو، ٻئي طرف تفتيش ٽيم دعويٰ ڪئي آهي ته انهن کي ريمنڊ ٻين 4 جوابدارن جن عباد الرحمان کي گاڏي جو ٽڪر هڻي ماريو هو، جن جي باري ۾ معلومات ڏئي ڇڏي آهي، گاڏي ۾ ريمنڊ اڪيلو نه ان سان هڪ ٻيو به اهلڪار موجود هو، جيڪو قونصليٽ جي گاڏي اچڻ تي انهن جي گاڏي ۾ ويهي فرار ٿي ويو، ٽيم جو چوڻ آهي ته ريمنڊ کي اردو، انگلش، عربي سميت ٻيون به ڪيتريون ئي زبانون اچن ٿيون، ريمنڊ پنهنجي ٽرائل جو دفاع ڪرڻ لاءِ اڃا ڪو وڪيل مقرر ناهي ڪيو، بعد ۾ ايڊووڪيٽ الاهي بخش لغاري هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته وقت کان اڳ ۾ ريمنڊ ڊيوس جو ريمانڊ ڏئي سول جج قانون ۽ آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي، اسان کي مقتولن جي وارثن طرفان ڪيس ۾ دليل ڏيڻا هئا پر وقت کان پهريان ريمانڊ ڏئي اسان کي دليل ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي، ان ڪري ريمانڊ ڏيندڙ جج جي خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف بئريسٽر جاويد اقبال جعفري به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جعلي نالي تي ويزا وٺي پاڪستان آيو، ان ڪري وفاقي حڪومت کي حڪم ڪيو وڃي ته ان جي ويزا کي رد ڪيو وڃي ۽ ريمنڊ جو بيان حاصل ڪرڻ لاءِ سچ ۽ ڪوڙ کي ظاهر ڪرڻ واري مشن گهرائي ان تي ان جو بيان ورتو وڃي ته خبر پوي ته ريمنڊ پاڪستان ڇاجي لاءِ آيو هو. ملڪ ۾ دهشتگردي ڪرڻ آيو هو يا جاسوسي ڪرڻ ، جڏهن ته نوشاد ايڊووڪيٽ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت کي حۡڪم ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ ايندڙ غير ملڪين جي لسٽ صوبن جي حوالي به ڪئي وڃي ته جيئن خبر پوي ته ڪيترا غير ملڪي ڪهڙي ڪم سان آيا.هوڏانهن آمريڪا لاهور واقعي ۾ گرفتار ٿيل ريمنڊ ڊيوس کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ وٺڻ تي پاڪستان آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس آمريڪي سفارتخاني جو رڪن آهي، کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ذريعن موجب آمريڪي سفارتخاني چيو آهي ته پاڪستان کي 20 جنوري تي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته ريمنڊ ڊيوس آمريڪي سفارتخاني جو ميمبر آهي، پاڪستان آمريڪي حڪومت کي ٻڌائڻ کانسواءِ ريمنڊ ڊيوس کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ سندس ريمانڊ حاصل ڪيو، آمريڪي سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ريمنڊ ڊيوس کي آمريڪي حڪومت کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن سبب کيس قانوني مدد نه ڏئي سگهياسين. ويانا ڪنوينشن تحت ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي استثنيٰ حاصل آهي، پاڪستان پنهنجون ذميواريون، عالمي قانون تحت پوريون ڪري، ريمنڊ ڊيوس کي غيرقانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو آهي. آمريڪي سفارتڪار جي گرفتاري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ٻئي طرف آمريڪا جي پرڏيهي وزارت پڻ مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ريمنڊ ڊيوس کي فوري طور آزاد ڪري، هوڏانهن برطانيا ۾ رهندڙ عالمي قانون جي ماهر صبغت الله قادري چيو آهي ته ڪو به ملڪ جيڪڏهن پنهنجي سفارتڪار کي ڪهڙي به نالي سان ميزبان ملڪ موڪلي ٿو ته هن کي تسليم ڪرڻو پوندو، هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به سفارتڪار ميزبان ملڪ ۾ ڪهڙي به ڪم سان اچي ٿو ته ان کي سفارتڪار سمجهيو ويندو آهي.چاهي هو قتل ۾ ملوث هجي يا جاسوس ڪندو هجي، ان کي سفارتي استثنيٰ حاصل هوندو آهي، پاڪسان ان جو پابند آهي ته هو سفارتڪارن کي استثنيٰ ڏئي.ظ
    بشڪريه عبرت
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    يار ممتاز وگهيا ، هي ته مها پرين آهي، انهي کي انگل ڪرڻ جُڳائي به ٿو هتي ته جيڪي، ننڍا ننڍا پرين آهن اهي به انگل جا واهڻ واري ڇڏيندا آهن هي ته صاحب بهادر پرين آهي، تون ڏسجان ممتاز وگهيا تون ڏسجان انهي پرين جا انگل ۽ آرا عاشق ضرور مڃيندا، ضرور مڃيندا۔ مجال آهي جو ڪير انهن انگل ۽ آرن کان پاڻ بچائي۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    هاهاهاها۔۔ڇڏ اُستاد اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر يار
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    [justify]سائين آثار ته اهي پيا ٻڌاين ته ته پرينءَ‌جا انگل پورا ٿيڻ وارا آهن ۽‌ پرين پنهنجي ملڪ وڃڻ‌وارو آهي۔۔ سلام آهي اسان جي حڪومت کي ، جنهن جي سفارتڪارن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي آمريڪا جي ايئرپورٽن تي ڪپڙا لاهي به تلاشي ورتي وڃي ٿي ۽ هتي آمريڪا جو هڪ پرائيوٽ ڪمپنيءَ‌جو ملازم پوري طرح سان بي فڪر ٿي سرِ عام ٽي خون ڪري ٿو ۽ ان کي وري ايتري عزت سان رهايو وڃي ٿو ۽ هاڻي ته آزاد ٿيڻ وارو آهي۔۔۔۔۔[/justify]​
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    يار مست اهي ڳالهيون نه ڪري ته مست ڇا جو۔؟؟؟؟؟
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    آمريڪا پاڪستاني عدالتن جو احترام ڪري​

    ريمنڊ ڊيوس لاهور ۾ ٻه نوجوانن جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿيل آهي ۽ عدالت جي رمانڊ تي پوليس جي حوالي آهي. آمريڪا پاڪستان تي لڳاتار اهو پريشر پيدا ڪري رهيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس سفارتڪار آهي ۽ سفارتڪار کي ڇوٽ حاصل آهي. هن وقت تائين جي مليل اطلاع موجب ريمنڊ ڊيوس وٽ صرف سفارتي پاسپورٽ آهي جڏهن ته پاڪستان ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ويزا جاري نه ڪئي ويئي هئي پر هو هڪ ”بزنيس مين“ جي طور تي پاڪستان آيو هو هاڻي جڏهن هو رڱيل هٿن سان ٻن پاڪستانين جي قتل ۾ ۽ مشڪوڪ سرگرمين ۾ ڏٺو ويو آهي ته آمريڪا ان بعد ئي چئي رهيو آهي ته کيس سفارتي ڇوٽ حاصل آهي، جيڪڏهن ريمنڊ ڊيوس سفارتڪار هو ته انهيءَ آمريڪين کي پاڪستان ۾ دهشت گردي جي امڪانن تحت سفارتخاني مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اطلاع ڇو نه ڏنو، جيڪڏهن هو سفارتڪار هو ته هن وٽ هڪ پرائيويٽ ڪار ۽ هٿيار گڏ ڇو هئا؟ انهيءَ جو اصل نالو ڇا آهي؟ ۽ ڪيڏانهن وڃڻ چاهي پيو ۽ ڪٿان ۽ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان ۽ ڪهڙي سلسلي ۾ ملي آيو هو.اهي اهڙا سوال آهن جن جو هن وقت تائين جواب نه ريمنڊ ڊيوس ڏيئي سگهيو آهي ۽ نه آمريڪي سفارت خانو ٻڌائي رهيو آهي. ريمنڊ ڊيوس وٽان به دوربينون، ماسڪ، نقشه ۽ اهڙي قسم جون ٻيون مشڪوڪ شيون مليون آهن ۽ اهڙين مشڪوڪ شيون کڻڻ مان انهيءَ جو مقصد ڇا هو؟ ۽ هو غيرقانوني هٿيار کڻي ڇو گهمي رهيو هو؟. انهيءَ کي پاڪستاني عوام کي مارڻ جا اهڙا غيرقانوني اختيار ڪنهن ڏنا آهن. ڇا سفارتڪار جو مقصد ماڻهو مارڻ آهي؟ ۽ اهڙو ڪڌو عمل ڪرڻ کان پوءِ به چئجي ته هن کي جنيوا ڪنوينشن تحت ڇوٽ حاصل آهي. جيڪڏهن ريمنڊ ڊيوس سفارتڪار هو ته پوءِ قانوني طرح سفارتي ويزا وٺي پاڪستان ڇو نه آيو؟ ڇا ڪنهن به ماڻهو وٽ سفارتي پاسپورٽ جو هئڻ جو مقصد سفارتڪاري ئي آهي؟ جيڪو به ماڻهو ڪنهن به ملڪ ۾ جنهن به مقصد سان ويزا وٺي اچي ٿو ته اهو ملڪ کيس سندس مليل ويزا تحت ئي ٽريٽ ڪندو. جنيوا ڪنوينشن ۾ ڪنهن به طرح اهو نه چيو ويو آهي ته ڪنهن سفارتڪار کي لاءِ محدود ڇوٽ حاصل آهي. اسين مڃون ٿا ته اصولن ۽ اخلاقن سفارتڪارن کي ڪجهه قدر ڇوٽ ضرور هوندي پر انهيءَ جو مقصد ڪنهن کي به ماڻهو مارڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ نه هوندو آهي.هاڻي آمريڪا جنيوا ڪنوينشن تحت ڇوٽ حاصل هئڻ جو غيرقانوني پريشر ڏيئي جنيوا ڪنوينشن جي قانون کي ئي مشڪوڪ بنائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ڪار اڻڌري حيثيت رکندڙ ادارو جنيوا ڪنوينشن تحت حاصل ٿيندڙ ڇوٽ بابت قانوني اخلاقي ضابطن ۽ حالتن جي چٽيءَ طرح تشريح ڪري ۽ اسين سمجهون ٿا ته عدالتن کان وڌيڪ اهڙو ٻيو ڪو به پليٽ فارم نه آهي جيڪو جنيوا ڪنوينيشن جي بهتر تشريح ڪري سگهي. جيئن ته هاڻي ريمنڊ ڊيوس جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي ۽ پاڪستاني عدالتون هن وقت ڪنهن جي به دٻاءَ هيٺ نه آهي ۽ بلڪل آزاد آهن انهيءَ ڪري آمريڪا کي به گهرجي ته وڌيڪ مشڪوڪ بنائڻ کان بهتر آهي ته آمريڪا پاڪستاني عدالتن جو احترام ڪري ۽ پنهنجا ماهر وڪيل مقرر ڪري اچي پنهنجو ڪيس پاڪستاني عدالتن ۾ وڙهي ان کان پوءِ پاڪستان جون عدالتون جيڪو به فيصلو ڪن انهيءَ کي آمريڪا ۽ پاڪستان جي عوام کي مڃڻ گهرجي. بشڪريه ويچار ڊيسڪ
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ريمنڊ ڊيوس مامري سان پاڪستاني سياست ۾ لاهو چاڙهو ​

    پاڪستان ۾ ريمنڊ ڊيوس واري مامري بابت چوٻول ٿي رهيا آهن ۽ عدالتي ايوانن ۾ به ريمنڊ ڊيوس واري مامري جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڪجهه سياسي ۽ مذهبي جماعتون انهيءَ مامري تي سياست پڻ ڪري رهيون آهن. ڪجهه ماڻهو انهيءَ مامري کي پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي حوالي سان اهم فيصلو سمجهي رهيا آهن ۽ انهن جو خيال آهي ته ريمنڊ ڊيوس وارو مامرو پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي ٻيهر طئه ڪندو. مبصرن موجب 27 جنوري تي لاهور ۾ ريمنڊ ڊيوس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال سان دهشتگردي خلاف جاري جنگ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي ڇاڪاڻ ته ريمنڊ ڊيوس واري مامري دهشتگردن جي آمريڪا مخالف جذبن واري باهه تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪيو آهي. سياسي پارٽين سان همدردي رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهيءَ مامري بابت جلسا جلوس ۽ روڊن تي نعريبازي ٿيڻ سان خطرو وڌي ويندو.مبصرن موجب دهشتگرد، ڊيوس جي مامري بابت پاڪ آمريڪا بحث کان فائدو ماڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا پر مبصر اِها ڳالهه ڪونه ٻڌائي رهيا آهن ته دهشتگردن پاران ڪنهن به قسم جو ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو. پر ڪجهه مبصر چئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ آمريڪي هدف جي اردگرد حد بندي ٿي سگهي ٿي رياست ۽ ملڪي مامرن بابت مبصرن جو خيال آهي ته ڊرون حملا، ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس، افغانستان ۾ موجود نيٽو هيلي ڪاپٽرن پاران پاڪستاني سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ نيٽو ڪنٽينر کي باهه ڏيڻ اهڙا مامرا هئا جن جي باري ۾ عوامي سطح تي آمريڪا خلاف بُرو ردعمل ڏسڻ ۾ ايندو هو. انهن مامرن کي هميشه دٻايو ويندو هو پر ريمنڊ ڊيوس ڪيس انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو آهي. انهن مبصرن جو خيال آهي ته شهرن جون ڀتيون آمريڪا مخالف نعرن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڳاڙهيون ٿيڻ واريون آهن.ڪراچي جي رهواسي ۽ مذهبي تنظيم سان تعلق رکندڙ نسيم اختر چيو آهي ته ڊيوس واري مامري بابت پاڪستاني ۽ آمريڪي راءِ ۾ اختلاف آهي. آمريڪي سفارتخاني چيو آهي ته آمريڪا جو شهري سفارتخاني جو ملازم آهي ۽ سفارتي قدرن تحت کيس مقامي قانونن کان ڇوٽ مليل آهي تنهنڪري کيس رها ڪيو وڃي جڏهن ته پاڪستاني حڪام جو چوڻ آهي ته انهيءَ مامري تي عدالتي ڪارروائي جاري آهي تنهنڪري عدالتي فيصلن ۾ مداخلت ڪونه ڪندا سين اڱاري تي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڊيوس جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو ويو هو. تنهنڪري انهيءَ حوالي سان اربعا ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ گهرو مامرن واري وزير رحمان ملڪ ٻڌايو ته عدالتي حڪم جي تعميل ڪندي آمريڪي شهري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. رحمان ملڪ اِها ڳالهه پڻ ٻڌائي آهي ته وفاق پاران پنجاب حڪومت مٿان دٻاءُ ڪونه وڌو ويو آهي ٻئي پاسي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ صدر آصف علي زرداري ڪيترا ئي ڀيرا چيو آهي ته انهيءَ حوالي سان عدالتي فيصلو ڪبو ۽ انهيءَ مامري جي باري ۾ ٻنهيءَ ملڪن پاران ڇا ردعمل سامهون ايندو انهيءَ حوالي سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. پر ٻنهيءَ ملڪن دوران جيڪڏهن ڪو اختلاف آهي ته انهيءَ جو سڀ کان گهڻو فائدو دهشتگرد ماڻي سگهن ٿا ۽ دهشتگردي جي خلاف جاري ويڙهه متاثر ٿي سگهي ٿي. بشڪريه ويچار ڊيسڪ
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ريمنڊ ڊيوس ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڪم ڪري رهيو هو​

    نوٽ امريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڪم ڪري رهيو هوان بابت توهان هي وڊيو رپورٽ ڏسو۔ جنهن ۾ ڪجهه حقيقتون پڻ ٻڌايون ويون آهن
    http://www.youtube.com/watch?v=IAwXDj_jdFs
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    سلام آهي ان ماءُ کي جنهن پاڪستان جي هڪ معصوم نياڻي عافيه صديقي جي رهائي جي بدلي پنهنجي لخت جگر جو خون هڪ آمريڪي کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سلام آهي ان امڙ کي۔
     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔


    ادا ممتاز بهترين جانڪاري سان ڀرپور ونڊ ڪئي آهي اوهان هن لا اوهان کي جس هجي ، باقي هن مضمون جو تعلق “ بليڪ واٽر ” وارن سان آهي ته مون الفاروق سنڌي ۾ جي شماري ذوالقعده 1430 ،مطابق نومبر 2009 ۾ هن تي هڪ مضمون لکيو هيو جيڪو ونڊ ڪيو آهي اوهان اهو پڻ ڏسي سگهو ٿا ، مهرباني

    بليڪ واٽر ۽ جا ڪرتوت
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ريمنڊ کي سفارتي ڇوٽ نه ڏئي پاڪستان مايوس ڪيو: لاڳاپا پيچيدا ٿي ويا: آمريڪا

    واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ): آمريڪي انٽيليجنس اداري سي آءِ اي جي سربراهه ليون پينٽا چيو آهي ته پاڪستان سان لاڳاپا پيچيدا ٿي ويا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاملن تي اختلاف آهن. واشنگٽن ۾ سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ليون پينٽا ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي گڏيل دشمنن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن لاءِ تعاون وڌائڻ سميت ٻين قدمن جي ضرورت آهي. ليون چيو آهي ته پاڪستان فاٽا ۾ شدت پسندن خلاف ڪارروائين ۾ ڀرپور تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ايٽمي هٿيارن تي خرچ ڪرڻ بدران اها رقم پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر چيو آهي ته پاڪستان پاران ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ڇوٽ نه ڏيڻ تي آمريڪا کي مايوسي ٿي آهي. ريمنڊ تي آمريڪا اڳ ئي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري چڪو هو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا مفاد گڏيل ۽ مقصد هڪڙا آهن. لاهور ۾ انساني جانين جي ذيان تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته سينيٽر جان ڪيري جو پاڪستان جو دورو گڏجي ڪم ڪرڻ جي اسان جي نيت جي عڪاسي هو. هوڏانهن آمريڪي سينيٽر جان مڪين چيو آهي ته پاڪستان حڪومت جو ريمنڊ ڊيوس سان سلوڪ سٺو ناهي، آمريڪي سفارت ڪار کي جيل ۾ رکڻ تي ڳڻتي آهي. آمريڪي فوج جي سربراهه ايڊمرل مائيڪ مولن چيو آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. پاڪستاني فوج جو سهڪار حوصلائتو آهي. جڏهن ته آمريڪا جي دفاع واري وزير رابرٽ گيٽس چيو آهي ته پاڪستان اقتصادي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي. بشڪريه عوامي آواز
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    [justify]ادا ممتاز هن موضوع جا اپڊيٽس ڏئي اوهان تمام بهترين ڪم ڪريو پيا، ڌڻي اوهان کي سلامت رکي،،،
    بس هن ڪافر جي اها ئي سزا آهي: صرف ڦاسي،،،[/justify]
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ريمنڊ ڊيوس ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڪم ڪري رهيو هو​

    http://www.youtube.com/watch?v=iPkzT5jiLFY
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ادا ممتاز ماشاءَ الله اصل هن موضوع کي کنيو بيٺا آهيو، زبردست ادا۔۔۔
     
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ريمنڊ ڊيوس ڪيس کان پوءِ شروع ٿيل سياسي راند!​

    امداد علي سومرو
    هڪ پاسي ريمنڊ ڊيوس، ٻئي پاسي 10 نقاطي ايجنڊا تي ڊيڊلائين ويجهو اچڻ ۽ ٽئين پاسي مخدوم شاهه محمود قريشي جي اڻ اعلانيل بغاوت، اهي ٽئي اشوز اهڙا آهن جن سبب پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت هڪ دفعو وري پريشانن ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي آهي. ريمنڊ ڊيوس اهو آمريڪي اهلڪار، جنهن 27 هين جنوري تي جيل روڊ لاهور جي قرطبه چوڪ وٽ ٻن پاڪستاني نوجوانن فيضان حيدر ۽ فهيم کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ان جي مدد لاءِ آيل آمريڪي سفارتخاني جي گاڏي ون وي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي موٽر سائيڪل سوار نوجوان عبادالرحمان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو پارٽي سان معاملو ڪهڙو به هجي پر ان کي ريمنڊ ڊيوس واري معاملي بعد وزارت تان هٽائڻ کان پوءِ عام تاثر اهو آهي ته ان کي آمريڪا جي دٻاءَ سبب ان ڪري هٽايو ويو، ڇاڪاڻ ته مخدوم ۽ ان جي پرڏيهي وزارت ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ڇوٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري اهي ٻئي معاملا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. جيڪڏهن وفاقي حڪومت سموري آمريڪي دٻاءَ باوجود ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ڇوٽ نه ڏني ۽ فيصلو عدالتن تي ئي ڇڏيو ويو. هن وقت چيو پيو وڃي ته مخدوم شاهه محمود قريشي هن معاملي تي مبينا طور تي جيڪو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو شايد ان کي نه ملي سگهي. ڇاڪاڻ ته مخدوم شاهه محمود قريشي کي هن وقت ان ڪري عوامي همدردي ۽ ميڊيا ۾ مقبوليت ۾ ملي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هن واضح لفظن ۾ اهو چيو آهي ته هن ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ڇوٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ هو سچ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. گهڻي ڀاڱي حقيقت به اها ئي نظر اچي رهي آهي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جنهن وفاقي حڪومت تي آمريڪي دٻاءَ سبب پنهنجي پرڏيهي وزير کي هٽائڻ جو الزام هنيو پيو وڃي، ان ئي وفاقي حڪومت جي صدر، وزير اعظم يا ڪنهن ذميوار عملدار ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ڇوٽ ڏيڻ جي سرِ عام ڳالهه ناهي ڪئي. البته پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فوزيه وهاب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي ڇوٽ حاصل هجڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر فوزيه وهاب جي ان بيان کي ڪجهه دير اندر ايوان صدر ان جي ذاتي راءِ قرار ڏنو ۽ فوزيه وهاب به اها وضاحت ڪري ڇڏي ته اهو بيان سندس ذاتي هو، اها پارٽي يا حڪومت جي پاليسي ناهي. ان بعد اهي به خبرون آيون ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ خاص ڪري شريڪ چيئرمن آصف زرداري فوزيه وهاب جي ان بيان جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي. ان ڪري ئي ٽي ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل پارٽي جي ڪور ڪميٽي ۾ جتي مخدوم شاهه محمود قريشي کي دعوت نه ڏني وئي، اتي فوزيه وهاب کي پڻ اجلاس ۾ نه گهرايو ويو. جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ريمنڊ ڊيوس جي معاملي کي حساس سمجهي ٿي، اهو ئي ڪارڻ هوندو جو وزير اعظم ريمنڊ جي معاملي تي بيان بازي ڪرڻ کان سمورن وزيرن کي منع ڪيو ويو آهي.
    جڏهن پارٽي جي ڪور ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا به اهو فيصلو ڪيو آهي ۽ بيانن جي حد تائين پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت جو به اهو ئي موقف سامهون ايندو رهيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جي ڪيس جو فيصلو عدالت ڪندي. صدر ۽ وزير اعظم ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي آمريڪا مان سيڙجي آيل سينيٽر جان ڪيري کي به اهو ئي جواب ڏنو ته، پوءِ سوال اهو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي به ته اهو ئي چاهي ٿي، جيڪو مخدوم شاهه محمود قريشي جو موقف آهي ته آخرڪار شاهه محمود قريشي کي ڇو هٽايو ويو ۽ ڇو شاهه محمود قريشي پاڻ سان گڏ هٽايل سڌ سماءَ واري وفاقي وزير قمرالزمان ڪائره وانگر پارٽي جي فيصلي تي خاموش رهڻ بدران پريس ڪانفرنس ۽ ٽي وي چئنلز کي انٽريوز ڏئي دٻيل لفظن ۾ پارٽي سان بغاوت جو تاثر ڏئي رهيو آهي؟
    ان سوال جا ڪيترائي جواب سامهون آيا آهن. پيپلز پارٽي جي ڪن دوستن جو خيال آهي ته مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي خاص ڪري دهشتگردي خلاف جنگ يا پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان وفاقي حڪومت يا پارٽي جي پاليسي بدران عسڪري قيادت جي پاليسي ۽ موقف کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. اهو اهڙو الزام آهي، جيڪو پيپلز پارٽي جي حلقن ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي مٿان هڪ محدود پئماني تي لڳايو پيو وڃي. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته مخدوم شاهه محمود مبينا طور تي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي انتقام جو نشانو بنيو آهي. خيال اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جڏهن 2008ع جي چونڊن بعد وزير اعظم جي نامزدگي ٿي رهي هئي ته ان وقت يوسف رضا گيلاني جي مقابلي ۾ سندس ئي شهر جو هڪ ٻيو مخدوم ۽ گادي نشين شاهه محمود قريشي پڻ پنهنجي حق ۾ لابنگ ڪري رهيو هو. نه صرف ايترو، بلڪه مختلف وقتن تي جڏهن پيپلز پارٽي اندر وزير اعظم کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنجيده يا گپ شپ جي حد تائين بحث ٿيا ته انهن ۾ به مخدوم شاهه محمود قريشي کي يوسف رضا گيلاني جي جاءِ تي وزير اعظم چونڊرائڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. اهي معاملا شاهه محمود قريشي ۽ وزير اعظم گيلاني درميان ٻه طرفي يا هڪ طرفي ٽڪراءَ جو ڪارڻ بنيو ۽ وزير اعظم گيلاني شاهه محمود قريشي خلاف لابنگ ڪري ان کي وزارت تان هٽائي ڇڏيو. جهڙي نموني سان سمورن وفاقي وزيرن کان استيعفائون وٺي، نئين ڪابينا تشڪيل ڏني وئي ان جو جيڪڏهن بغور جائزو وٺجي ته اهو شڪ ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي ته اها سڄي پرئڪٽس مخدوم شاهه محمود قريشي کي هٽائڻ لاءِ ڪئي وئي، پوءِ چاهي سبب آمريڪا جو دٻاءُ هجي، قيادت جو شڪ يا وزير اعظم گيلاني جي سياست، پر سمورن وزيرن کان استيعفائون وٺڻ جو بنيادي ڪارڻ ته اهو ئي نظر پيو اچي ته مخدوم شاهه محمود قريشي کان پرڏيهي معاملن وارو قلمدان واپس وٺڻو هو. مخدوم شاهه محمود قريشي اڃا تائين ته پارٽي جي قيادت خلاف ناهي ڳالهيو، پر ان جي انداز مان پارٽي سان گلائون ۽ شڪايتون صاف نظر اچي رهيون آهن. شاهه محمود قريشي هن وقت تائين ته ڏکويل انداز ۾ پاڻ سان ٿيل ڪار تي حيرت جو اظهار ڪري رهيو آهي پر جيڪڏهن هن پارٽي سان کليل بغاوت شروع ڪئي ته ان سان پيپلز پارٽي سان کي بهرحال وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.
    سمجهيو اهو پيو وڃي ته جيڪڏهن شاهه محمود قريشي پارٽي جي قيادت سامهون ٿي بيٺو ۽ حالتون موجوده صورتحال وانگر ان جي حق ۾ رهيون ته هو سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي اترين ۽ لاڙ جي ڪجهه ضلعن ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي جا لکين مريد رهن ٿا، جيڪڏهن اُهي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي هر تڪ ۾ پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ سيٽ کٽڻ جو سببب نه بنجن پر گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽي جون سيٽون خراب ڪرڻ جو سبب ضرور بنبا. ان ڪري شاهه محمود قريشي کي ناهيد خان يا صفدر عباسي يا وري فاروق لغاري وانگر سمجهندڙ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي پڪ سان شاهه محمود قريشي جي حوالي سان ڪا غلط فهمي هوندي ۽ شايد اهڙن اڳواڻن کي پارٽي قيادت خاموش رهڻ جو حڪم به شاهه محمود قريشي جي سياسي وزن سبب ئي ڏنو هوندو. قريشي جي معاملي ۾ حالتون اڳتي ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون، هو مخدوم امين فهيم وانگر ڪجهه وقت ناراض رهڻ بعد ٻيهر پارٽي اندر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجو خدمتون آڇيندو يا ناهيد خان ۽ صفدر عباسي وانگر پارٽي جي قيادت سان بغاوت ڪندي پنهنجو نئون سياسي سفر شروع ڪندو، ان جي جيتري ذميواري مخدوم تي آهي، اوتري ئي شايد پارٽي قيادت تي به آهي ته هو ناراض يا ڏکويل مخدوم شاهه محمود کي پرچائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي ٿي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب ڪجهه وقت اندر سامهون اچي ويندا پر پيپلز پارٽي جنهن جو اقتدار گذريل ٽن سالن کان بحرانن کي منهن ڏيندي ئي گذريو آهي، ان سامهون هڪ نئون مسئلو ۽ سياسي دٻاءُ ڪر کنيو بيٺو آهي ۽ اهو آهي مسلم ليگ نون جي قيادت جو پيپلز پارٽي خلاف کُلي کيڏڻ وارو فيصلو.
    ان لاءِ بنياد نواز شريف جي ان 10 نقاطي ايجنڊا کي بنايو پيو وڃي، جنهن تي عمل لاءِ نواز شريف پيپلز پارٽي کي 45 ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏني هئي، جيڪا 22 هين فيبروري تي پوري ٿيندي ۽ ان بعد نواز شريف يا ان جي جماعت جي ٻين اڳواڻن جي ڪيل اعلانن مطابق جيڪڏهن ايجنڊا تي ڏنل وقت ۾ عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ پيپلز پارٽي کي 23 يا 24 هين فيبروري تي پنجاب حڪومت کان الڳ ڪيو ويندو. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان اڳ مسلم ليگ نون پنجاب ۾ مسلم ليگ قاف کي ٽوڙي قائم ڪيل فارورڊ بلاڪ کي يونيفڪيشن بلاڪ جي نالي سان الڳ پارلياماني گروپ طور پنجاب اسيمبلي ۾ رجسٽرڊ به ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ يونيفڪيشن بلاڪ جي پارلياماني ليڊر ڊاڪٽر طاهر علي جاويد پنهنجي 47 ايم پي ايز سميت مسلم ليگ نون جي حڪومت جي حمايت ڪرڻ جا اعلان پڻ ڪري چڪو آهي. ان ڪري جيڪڏهن پنجاب ۾ مسلم ليگ نون ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر پيپلز پارٽي کي حڪومت کان الڳ ڪندي ته هو يونيفڪيشن بلاڪ کي نئين اتحادي طور پاڻ سان ملائي ڇڏيندي ۽ ان بعد مسلم ليگ نون سمورا حجاب لاهي پيپلز پارٽي خلاف ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون جو جيڪو اتحاد يا ٻنهي ۾ جيڪا مفاهمت هئي، اها ته هونئن به پهرين ڏينهن کان وٺي بيانن جي حد تائين رهي، سواءِ قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي جي ڪجهه بلن جي مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي هر فورم تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ئي رهيون آهن. چوڌري نثار، ڊاڪٽر بابر اعواڻ کان ويندي راڻا ثناءُ الله ۽ راجه رياض تائين ٻنهي جماعتن جي چونڊيل نمائيندن ۽ وزيرن جي بيانن مان ته ڪڏهن به سياسي ميدان ۾ مفاهمت نظر نه آئي آهي. هاڻي ته اليڪشن جو وقت اچي رهيو آهي، ان ڪري ٻئي جماعتون بهاني بهاني هڪ ٻئي جي خلاف ميدان ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪنديون. في الوقت ته مسلم ليگ نون وٽ 10 نقاطي ايجنڊا تي عمل نه ڪرڻ جو بهانو آهي ۽ هو ججن جي بحالي واري معاملي وانگر هن معاملي تي پيپلز پارٽي جي قيادت خاص ڪري صدر زرداري تي معاهدا ۽ وعدا پورا نه ڪرڻ جا الزام هڻي ان کي عوام ۾ غيرمقبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ممڪن آهي ته ان سلسلي ۾ نواز شريف سڄي ملڪ ۾ عوامي جلسا به ڪري.
    جيتوڻيڪ آئين مطابق عام چونڊون فيبروري 2013ع ۾ ٿيڻيون آهن، پر پاڪستان ۾ ڪڏهن به چونڊون نه ڪي وقت تي ٿيون آهن، نه ڪي چونڊيل اسيمبلين کي وقت پورو ڪرڻ ڏنو ويو آهي، ان ڪري عام طور تي اهو به سمجهيو پيو وڃي ته ايندڙ ٻئي سال يعني 2012ع ۽ 2013ع عام چونڊن جا سال ٿي سگهن ٿا. ان ڪري نه رڳو مسلم ليگ نون بلڪه پيپلز پارٽي پنهنجي عوامي مقبوليت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ٻي جماعت کي سياسي طريقي سان غيرمقبول بنائڻ تي ننهن چوٽي جو زور لڳائينديون. ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي ته اهو سلسلو شروع به ٿي چڪو آهي. مسلم ليگ نون نه رڳو ريمنڊ ڊيوس جي معاملي کي بگاڙڻ جو الزام پيپلز پارٽي مٿان هڻي رهي آهي، بلڪه عوامي سطح تي اها به پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ريمنڊ ڊيوس کي سفارتڪار نه هجڻ باوجود سفارتي ڇوٽ ڏئي آمريڪا حوالي ڪرڻ چاهي ٿي. پنجاب جي وڏي وزير ٽي ڏينهن اڳ اهو بيان به جاري ڪري ڇڏيو هو ته رحمان ملڪ کيس فون ڪري چيو هو ته وفاقي حڪومت ريمنڊ ڊيوس کي ڇوٽ ڏئي آزاد ڪرڻ لاءِ دستاويز تيار ڪري رهي آهي. اهو شهباز شريف جو الزام آهي، جنهن جي ترديد رحمان ملڪ ڪري چڪو آهي. حقيقت ڇا به آهي، پر ان بنياد تي مسلم ليگ نون پنهنجي عوامي مقبوليت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ پيپلز پارٽي جي ساک خراب ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ضرور ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي مسلم ليگ نون مٿان اهي الزام هڻي رهي آهي ته مسلم ليگ نون جي صوبائي حڪومت ريمنڊ ڊيوس جي ڪيس کي مس هينڊل ڪيو آهي، جنهن سان پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن. پيپلز پارٽي کي ان موقف سان عوامي سطح تي ته ڪو فائدو نه ٿيندو، پر ان سان مسلم ليگ نون کي سفارتي سطح تائين آمريڪا يا ٻين قوتن سامهون پڪ سان نقصان رسي سگهي ٿو ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوشش به اها ئي آهي. سو ايندڙ ڪجهه ڏينهن پاڪستان جي سياست ۾ تبديلي ۽ کُلي ميدان لڳڻ جا ڏينهن آهن ۽ اهي ملاکڙا ايندڙ عام چونڊن تائين برقرار رهي سگهن ٿا.
    اهو به امڪان آهي ته نواز شريف نه رڳو عوام ۾ نڪري، بلڪه ريمنڊ ڊيوس، 10 نقاطي ايجنڊا جهڙن معاملن کي بنياد بنائي وقت کان اڳ عام چونڊن جو به مطالبو ڪري. منهنجي اطلاع مطابق مسلم ليگ نون جي قيادت جي اڪثريت نواز شريف کي اها راءِ ڏئي ڇڏي آهي ته هو ميدان ۾ لهي ۽ وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪري ته جيئن رڳو 10 نقاطي ايجنڊا بلڪه ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي مسلم ليگ نون جو جيڪو موقف آهي، ان کي پاپولر ووٽ جي شڪل ۾ ڪيش ڪرائي سگهجي. جيڪڏهن اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿي ته پيپلز پارٽي کي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ ڪهڙا پتا کيڏڻ گهرجن، ان بابت اڃا تائين پيپلز پارٽي مونجهاري جو شڪار آهي بشڪريه ڪاوش .
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ڊيوس هٿان ماريل ٻه ماڻهو ڪير هيا؟​

    زرار پيرزادو
    شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت کسجڻ کان پوءِ پنهنجن بيانن ۽ تقريرن ۾ اهو تاثر ڏيندو رهيو آهي ته کيس ريمنڊ ڊيوس جي خلاف بيان ڏيڻ تي هٽايو ويو آهي پر حڪومت فوزيه وهاب کي ريمنڊ ڊيوس جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي هٽائي حساب برابر ڪندي بظاهر اهو ثابت ڪيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن کي پارٽي پاليسيءَ کان هٽي ڪري بيان ڏيڻ ڪري پاسيرو ڪيو ويو آهي.
    عام طور تي حڪومت اهو تاثر ڏيندي رهي آهي ته ريمنڊ ڊيوس ڪيس ۾ آمريڪا جو دٻاءُ قبولڻ بدران عدليه ۽ قانون جي فيصلن تي عمل ڪيو ويندو، ايئن لڳي ٿو ته حڪومت سڄو بار عدالت تي وجهي پنهنجي جند ڇڏائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي.
    انهيءَ حوالي سان وزيراعظم گيلاني جو اهو بيان آڏو رکي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن ان مونجهاري جي تصديق ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن حڪومت ڊيوس جي معاملي تي عالمي دٻاءُ ٿي قبولي ته ملڪي عوام ٿو ناراض ٿئي ۽ جيڪڏهن اُها ملڪي عوام جي خواهشن موجب ٿي فيصلو ڪري ته عالمي طاقتون ٿيون ڪاوڙجن“ ان ڪري وچان ئي اهو معاملو عدالت جي حوالي ڪيو ويو آهي.
    هوڏانهن حڪومت وچ ۾ اهو به تاثر ڏنو هو ته ريمنڊ ڊيوس جي معاملي کي خود آمريڪا خراب ڪيو آهي، جيڪڏهن اها سنئين سڌي ۽ ظاهر ظهور طور مداخلت نه ڪري ها ته چُپ چپات ريمنڊ آمريڪا جي حوالي به ٿي چڪو هجي ها پر آمريڪا ڊيوس بابت اهڙي پاليسي اختيار ڪئي جنهن مان اهو تاثر عام ٿيو ته آمريڪا کي پاڪستان جي ڪا پرواهه ئي ناهي ۽ اهو هڪ بيان ذريعي ئي ريمنڊ کي آمريڪا گهرائي وٺندو.
    پر ايئن نه ٿيو، ڳالهه وڌندي ۽ وچڙندي وئي ۽ هاڻي حڪومت لاءِ به اهو ممڪن ناهي ته اها آمريڪا جي سکڻي دٻاءَ يا گذارش تي ريمنڊ سولائيءَ سان سندن حوالي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته ملڪي عوام هاڻي اهو ئي ڏسڻ ٿو چاهي ته حڪومت آمريڪا آڏو گوڏا ٿي کوڙي يا مزاحمت ٿي ڪري.
    سياسي حلقن ۾ ريمنڊ ڊيوس جي حوالي سان اهي به سرٻاٽ ٿي رهيا آهن ته اصل ۾ مسئلو ڪو ٻيو آهي؟ عام ماڻهن کي اها ته خبر پئجي وئي آهي ته ريمنڊ ڊيوس آمريڪي جاسوس آهي، جنهن کي هر قيمت تي آمريڪا تحفظ ڏيندو پر اُهي ٻه ماڻهو ڪير آهن جن کي ريمنڊ قتل ڪيو ۽ جن ڪري آمريڪا ۽ پاڪستان جا ملڪي ۽ سفارتي لاڳاپا سخت متاثر ٿي رهيا آهن. ڇا حڪومت ريمنڊ ڊيوس هٿان ماريل ٻن عام ماڻهن لاءِ ايڏو اسٽينڊ وٺي سگهي ٿي؟ اهو سوال ڏاڍو اهم ۽ دلچسپ آهي.
    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪڙا انومان اهي به آهن ته ريمنڊ ڊيوس هٿان ماريل اهي ٻه ماڻهو ڪي عام نه پر آءِ ايس آءِ جا اهلڪار هيا.
    بشڪريه ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو