مست
سينيئر رڪن
ڇا پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي؟؟؟
پاڪستان ۽ ان جي معيشيت جي موجوده حالت کي ڏسي ان سوال جو جواب هر پاڪستاني ۽ ٻاهريون ماڻهو هاڪار ۾ ڏيندو.. پر سوئس بينڪ جي هڪ ڊائريڪٽر ان ڳالهه جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي.. ان جو موقف آهي ته سوئس بئنڪ ۾ پاڪستان جي آمرن، حڪمرانن، سياسي ليڊرن، سِول ۽ آرمي بيوروڪريسي جي ماڻهن جا 28 ٽريلين يعني (28،000،000،000،000) پاڪستاني روپيا آهن.. شايد هي ايترا زيرو آهن جن کي ڏسي ڳڻڻ لاءِ جهوني فقير ته ڇا پر مون جهڙي مست کي به عينڪ لڳائڻي پوندي... ڇا توهان کي کي خبر آهي ته انهن پئسن سان ڇا ٿو ڪري سگهجي؟؟- پاڪستان جو 30 سالن تائين ٽئڪس فري بجيٽ تيار ڪري سگهجي ٿو.
- 60 ملين (60،000،000) بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏئي سگهجي ٿو.
- پاڪستان جي هر ڳوٺ کان وٺي اسلام آباد تائين چار لائنن وارو روڊ تيار ڪري سگهجي ٿو.
- هميشه جي لاءِ 600 عوامي سماجي پروگرامن جي فراهمي ڪري سگهجي ٿي. (جيئن بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ وغيره)
- 60 سالن تائين پاڪستان جي هر هڪ شهري کي هر مهيني 20 هزار روپين جي امداد ڏئي سگهجي ٿي.
- آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرضن کان ملڪ جي هميشه لاءِ جان ڇڏرائي سگهجي ٿي.
ڊيلي رپورٽر بارسلونا۔۔
بس مصيبت اها آهي جو اهو سمورو پئسو پاڪستان ڪيئن آڻجي؟؟؟
فيسبوڪ تي هڪ خبر کان ترجمو ڪيل۔۔۔
