پاڪستان ۽ ان جي معيشيت جي موجوده حالت کي ڏسي ان سوال جو جواب هر پاڪستاني ۽ ٻاهريون ماڻهو هاڪار ۾ ڏيندو.. پر سوئس بينڪ جي هڪ ڊائريڪٽر ان ڳالهه جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي.. ان جو موقف آهي ته سوئس بئنڪ ۾ پاڪستان جي آمرن، حڪمرانن، سياسي ليڊرن، سِول ۽ آرمي بيوروڪريسي جي ماڻهن جا 28 ٽريلين يعني (28،000،000،000،000) پاڪستاني روپيا آهن.. شايد هي ايترا زيرو آهن جن کي ڏسي ڳڻڻ لاءِ جهوني فقير ته ڇا پر مون جهڙي مست کي به عينڪ لڳائڻي پوندي... ڇا توهان کي کي خبر آهي ته انهن پئسن سان ڇا ٿو ڪري سگهجي؟؟
هل ته سهي، ابا ايترا زيرو پاڻ نه ڏٺا نه ڳڻيا آهن ۔۔۔ نه وري ايترن زيرو لڳل ڪو انگ سمجهه ۾ ايندو آهي ۔۔۔ باقي ڇا جي ايم سيد هروڀرو رڙيون ڪندو هو ته بابا الله جي واسطي سنڌ ۽ سنڌ جي نعمت کي سمجهو ۽ ان جي مالڪي ڪيو ۔۔۔
اهو ته اهو مال آهي جيڪو هليو ويو آهي پر جيڪو موجود آهي الله جا شڪر انکان گهڻو آهي بس صرف مالڪي ڪرڻ جي دير آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ فطرت اڃان جيئري آهي ۽ فطرت مالا مال هوندي آهي بس فرق صرف انسان جي بد افعالين جو آهي ۔۔۔
بس ڙي ادا توهان ڪو قوم کي سمجهايو باقي پاڻ چونداسون ته چوندا ته چوي ٿو ۔۔۔
الله مالڪ آهي ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار