• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي؟؟؟

مست

سينيئر رڪن
ڇا پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي؟؟؟​
پاڪستان ۽ ان جي معيشيت جي موجوده حالت کي ڏسي ان سوال جو جواب هر پاڪستاني ۽ ٻاهريون ماڻهو هاڪار ۾ ڏيندو.. پر سوئس بينڪ جي هڪ ڊائريڪٽر ان ڳالهه جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي.. ان جو موقف آهي ته سوئس بئنڪ ۾ پاڪستان جي آمرن، حڪمرانن، سياسي ليڊرن، سِول ۽ آرمي بيوروڪريسي جي ماڻهن جا 28 ٽريلين يعني (28،000،000،000،000) پاڪستاني روپيا آهن.. شايد هي ايترا زيرو آهن جن کي ڏسي ڳڻڻ لاءِ جهوني فقير ته ڇا پر مون جهڙي مست کي به عينڪ لڳائڻي پوندي... ڇا توهان کي کي خبر آهي ته انهن پئسن سان ڇا ٿو ڪري سگهجي؟؟
  • پاڪستان جو 30 سالن تائين ٽئڪس فري بجيٽ تيار ڪري سگهجي ٿو.
  • 60 ملين (60،000،000) بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏئي سگهجي ٿو.
  • پاڪستان جي هر ڳوٺ کان وٺي اسلام آباد تائين چار لائنن وارو روڊ تيار ڪري سگهجي ٿو.
  • هميشه جي لاءِ 600 عوامي سماجي پروگرامن جي فراهمي ڪري سگهجي ٿي. (جيئن بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ وغيره)
  • 60 سالن تائين پاڪستان جي هر هڪ شهري کي هر مهيني 20 هزار روپين جي امداد ڏئي سگهجي ٿي.
  • آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرضن کان ملڪ جي هميشه لاءِ جان ڇڏرائي سگهجي ٿي.
    ڊيلي رپورٽر بارسلونا۔۔
اهي سڀ ڳالهيون ڄاڻڻ کان پوءِ ڪنهن دوست کي دل جو دورو ته نه پيو آهي نه؟؟؟
بس مصيبت اها آهي جو اهو سمورو پئسو پاڪستان ڪيئن آڻجي؟؟؟​
فيسبوڪ تي هڪ خبر کان ترجمو ڪيل۔۔۔​
181726_10150420500620160_576205159_17475044_767423_n.jpg
 
جواب: ڇا پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي؟؟؟

28،000،000،000،000

هل ته سهي، ابا ايترا زيرو پاڻ نه ڏٺا نه ڳڻيا آهن ۔۔۔ نه وري ايترن زيرو لڳل ڪو انگ سمجهه ۾ ايندو آهي ۔۔۔ باقي ڇا جي ايم سيد هروڀرو رڙيون ڪندو هو ته بابا الله جي واسطي سنڌ ۽ سنڌ جي نعمت کي سمجهو ۽ ان جي مالڪي ڪيو ۔۔۔

اهو ته اهو مال آهي جيڪو هليو ويو آهي پر جيڪو موجود آهي الله جا شڪر انکان گهڻو آهي بس صرف مالڪي ڪرڻ جي دير آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ فطرت اڃان جيئري آهي ۽ فطرت مالا مال هوندي آهي بس فرق صرف انسان جي بد افعالين جو آهي ۔۔۔

بس ڙي ادا توهان ڪو قوم کي سمجهايو باقي پاڻ چونداسون ته چوندا ته چوي ٿو ۔۔۔

الله مالڪ آهي ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار
 
جواب: ڇا پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي؟؟؟

بس ادا الله تعالى ئي هن ملڪ جو وارث آهي باقي هنن نا اهل حڪمرانن جا ڪرتوت ڏسي دل ٿي سڙي ۔

الله تعالى کان دعا آهي ته هن ملڪ جي حڪمرانن کي ۽ عوام کي سڌي واٽ تي هلائي ۽ اسلام ۽ مسلمانن کي صحيح سمجه ۽ عمل جي توفيق عطا فرمائي
 
Back
Top