موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2011۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    @};-موکي متارا ڪير هيا شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اِيئَن!
    ليکيا جي لِکَڻ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن؟
    هُئڻ ڪيا هِيئَن، وانجيا، پَسُ! وِصال کان.

    ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ايئن ڪري!
    آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳري؛
    دوئِي ڌار ڌري، جهُ خُلَّت خنجر آئيو.

    ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اَڌَ!
    اِيَ تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءِ جا قَوال سين.

    قاتلَ ڪمائِي ڪري، وَهُ ماکي جي ڪن؛
    وٽان ويهِي تن، پِيجِ ڪي پياليون.

    هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
    پوڄَ پيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ؛
    ته هَٽَ تنهنجي هنڌِ، موکي! ڪو مانُ لهي.

    هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
    وٽِي واٽاڙئن کي، تان پياري پَرَکُ؛
    سا لِکَ لهي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.

    گَھٽَنِ ۾ گُھٽِڪَنِ، وَٽـيُون پِيَنِ وِهَ گاڏيُون؛
    بَرخِيز بده ساقِي! پيار کي پِريَن؛
    پِڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون مَنجھيان.

    آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛
    مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.

    وجھج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛
    ٿيندي سُڌ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛
    پِره جا پياڪَ، جُه سي اَڱڻ آئيا.

    جُه سي اَڱڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃ؛
    سائِي ٿِيندين اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪِي!

    موکِي چوکِي نه ٿئي، اصل اوڇِي ذات؛
    وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنهن ماريا.

    مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين!
    ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟

    مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛
    تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!

    سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
    ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
    تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!

    ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهن وٽِي، عادت سندين اِيَّ؛
    تنين تِڪُون ڏنيون، جُنبِي منجھان جِيَّ؛
    سرو تن سَبِيّ، جَن حاصل ڪيو حال کي.

    موکِيءَ مَٺو نه گُھريا، وِهُ نه وِهاٽيا؛
    سُرڪِيءَ ڪاڻ، سيَّد چئي، اُتي ٿِي آٽِيا؛
    جي ڳالهين ڳَنڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بُٺيون.

    سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪَلالن سين!
    ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ!
    مَرڻان مُنهن مَ موڙ، وَٽِي ٿِي وڌِ لهي!

    وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛
    قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
    اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
    سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَّد چئي.

    ڪلالنئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مون هِنئان!
    روئندي رات وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون!

    وائي
    دوسُ پيهِي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو؛
    ڏِينهين پُڄاڻـؤن آڻي اسان ڪي، مولي مُحب ملايو؛
    ويو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ واريو؛
    هو جَنهِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄ سو آيو؛
    عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، اَچِي عجيبن پاڻ فَضلُ فرمايو.
    http://www.bhurgri.com/bhurgri/sd_shah_yemen.php

    وڌيڪ تفصيل ته موکي متارا ڪير هيا تنهن لاء ملاحظه ڪندا ڪتاب ( سنڌ جي مارئي مصنف محترم اعلي مرتبي سائين گل حسن ڪلمتي ) جو هي آرٽيڪل ۽

    هڪ تحقيقي سوال
    متارا ڪير هئا؟
    گل حسن ڪلمتي

    موکي جي باري ۾ پوءِ تاريخ ۾ ڪجهه نه ڪجهه احوال ملي ٿو پر متارن جي باري ۾ اڃا تائين ڪا تصديق ٿيل ڄاڻ ملي نه سگهي آهي ته اهي ڪير هئا؟ انهن تي متارا نالو ڪيئن پيو؟ اهي ۽ اهڙا ئي ٻيا سوال جن جي تهه تائين پهچڻ ضروري آهي. متارا لفظ سنڌي ٻولي ۾ صحت مند پهلوان لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي به متارا چيو ويندو هو. جيڪي باقاعده سرڪاري عهدن تي مقرر ٿيندا هئا. هن قصي ۾ متارن لاءِ سگهڙن پنهنجي شاعري ۽ سردار، ڏاتار ۽ سري جا سردار وغيره، جهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، جنهن مان معلوم ٿيندو ته اهي حڪومت جي خاص منصب جا مالڪ هئا يا سردار هئا.

    موهت ٿيا مئي تي، سري جا سردار،
    ماريا ڪيف ڪلال جي، مانجهي مڻيادار.

    [​IMG]
    سري جو علائقو اڄ به ٿاڻي بولا خان لڳ ڪوهستان ۾ موجود آهي. سري ڪوهستان ۾ ديهه پڻ آهي، جنهن سيوهاڻي رستي تي موکي جو مئخانو هو، سري به سيوهڻ ويندڙ ان قديم رستي تي آهي. مٿين بيت ۾ شاعر متارن کي انهيءَ علائقي سري جا سردار مان اها معنيٰ ڪڍي آهي ته اتر جا سردار پر ائين ڪونهي. سنڌي لغات ۾ ڪٿي به سري کي اثر جي معنيٰ ۾ ڪو نه ڄاڻايو آهي. حقيقت اها آهي ته سري علائقي جي ڪري انهن کي سري جا سردار ڪوٺيو ويو آهي. جيڪڏهن سري کي اتر جي معنيٰ ۾ سمجهي ته پوءِ به سري ڪوهستان وارو علائقو به مئخاني کان اتر اوڀر پاسي آهي. ان کان سواءِ سري شراب کي به چيو ويندو آهي. سري جا سردار معنيٰ شراب جا سردار مطلب ته وڏا پياڪ.
    ديهه سريءَ جي آس پاس ڏاڍائي، چڱائي توڙي مٺائي، اڳرائي، توڙي ارهه زورائي جي حوالي سان پالاري قبيلو صدين کان وٺي حاوي رهندو آيو. ان کان سواءِ نارا ٿر جبل جي پاسي ”موتي پالاريءَ جي رومي“ آهي جيڪو ڪنهن جنگ ۾ مارجي ويو. ان سلسلي ۾ دوست رخمان گل پالاري سان ڪچهري ٿي جنهن موتي پالاري جي رومي جي تصديق ڪئي ۽ وڌيڪ چيو ته ”متارا ڀلي نه هجون باقي سيوهاڻي تان ساٿ لٽيندڙ جا مهندار ضرور هونداسين“
    اها ڳالهه ڌيان طالبن آهي هن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته متارا پالاري قبيلي جا ته نه هئا؟
    هڪ ٻئي سگهڙ جو بيت هيٺ ڏجي ٿو جنهن ۾ هن متارن جو تعداد اٺ ڄاڻايو آهي، جنهن مان ٻه سما، ٻه سومرا ٻه چنا ۽ ٻه چوهاڻ آهن.

    موکي وٽ مهمان، ايندا هئا اٺ ڄڻا،
    ٻه سما ٻه سومرا، ٻه چنا ٻه چوهاڻ.

    هن ڳالهه کي ان ڪري وزن ڪونهي ڇاڪاڻ ته گهڻن ڪتابن ۽ سگهڙن انهن جو تعداد ڇهه ڄاڻايو آهي. ديوار اندر جيڪي پنج قبرون آهن ۽ انهن تي جيڪي نالا لکيل آهن، حالار حاجي، اسماعيل حاجي، اسحاق حاجي، اسحاق يا اسحبق اسمعيل ۽ آدم روستم، چوديواري اندر ڇهين قبر تي ڪو به نالو لکيل نه آهي ۽ ٻاهر پنج گهاڙي قبرون آهن انهن تي ڪو به نالو لکيل ڪونهي. لکيل نالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن مان ٽي حاجي جا پٽ هئا. چوٿون اسحاق جيڪو اسماعيل جو پٽ آهي، اسماعيل جي قبر به انهيءَ چوديواري ۾ آهي، جنهن جي نالي سان حاجي لکيل آهي. ائين ٿو لڳي ته اهي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا. جيڪڏهن هي متارن جون قبرون آهن ته پوءِ انهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هوندو ۽ اهي حاجي جا پٽ هوندا. هن وقت سنڌ ۾ حاجي پوٽا ذات پڻ آهي يا اهي حج پڙهي حاجي ٿيا هوندا پر ان دور جا حاجي گهٽ ۾ گهٽ مئي خاني جو رخ نه ڪندا هئا يا انهن دوستن جو تخلص حاجي هجي، پر ان ڳالهه کي رد ڪري سگهجي ٿو ته هڪ تخلص صرف هڪ ئي دوست رکي سگهي ٿو.
    سڀني ڳالهين مان هن ڳالهه ۾ وڌيڪ وزن آهي ته متارا سري جا سردار هئا ۽ انهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هو ۽ جيڪڏهن ڪجهه وقت لاءِ هيءَ ڳالهه رد ڪريون ته پوءِ نارا ٿر تي موجود اهي قبرون متارن جون ٿي نٿيون سگهن. جيستائين انهن کي هتي ئي دفن ڪيو ويو هجي، جيڪڏهن اهي متارن جون قبرون آهن ته پوءِ انهن قبرن جي تعمير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي مالدار يا سردار هئا جو انهن جي مرڻ کان پوءِ مائٽن انهن جي قبرن کي پڪو ڪري چوديواري ڏياري آهي. اها ان زماني ۾ ڪنهن غريب جي وس جي ڳالهه نه هئي ڪجهه روايتن ۾ متارن کي بحري قذاق ڄاڻيو ويو آهي جيڪي بندر تي ڦرون ڪرڻ ايندا هئا ۽ رات موکيءَ جي مئخاني ۾ گذاريندا هئا. نارا ٿر تي موجود قبرون جن لاءِ اها ڳالهه مشهور آهي ته اهي متارن جون آهن انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي، متارن جي قبرن کي انهن کان سواءِ ٻئي پاسي به ڳولڻ گهرجي.
    ڪجهه جهونا چون ٿا ته اڳي هر سال ڪوهستان کان ڪجهه ماڻهو ايندا هئا ۽ انهن قبرن تي دعا گهري، اگر بتين جو واس ڏيئي گل چاڙهي ويندا هئا. ان ڳالهه جي تصديق موکي ۽ شاهه مريد جي خدمتگار مرحوم ابراهيم خاصخيلي پڻ ڪئي هئي. هن متارن کي ڪوهستان جا سردار ڄاڻايو ۽ چيو ته اهي واپار سانگي بندر ايندا هئا ۽ رات موکي مئخاني ۾ گذاريندا هئا.
    http://www.awamiawaz.com/2010/March/29th/digest/01.htm

    هي وڊيو سنڌ ٽي وي جي احسانن ساڻ _جوکيو شفيق احمد
    هن وڊيو کي ڏسندا

    موکي متارن تي بيت وڊيو ؟

    موکي ۽ متارن جي باري سنڌي ادبي بورڊ جي هي لنڪ ضرور ملاحظه ڪندا جيڪا هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهي، ان ڪتاب جو نالو آهي ( محبت جي راهه مصنف آهي ع.ق.شيخ ) وڌيڪ تفيصل هن لنڪ تي ڏسندا
    http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Stories/Book24/Book_page16.html
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    محترم سائين جوکيا صاحب، تمام سهڻو ليک ونڊ ڪري موکي ۽ متارن جي تاريخ بابت معلومات مهيا ڪري اوهان ٿورا ڪيا آهن ۔۔۔

    سنڌ جي تاريخ سان تاريخي ناانصافي اسين پاڻ ڪندا رهيا آهيون جو شروع کان سنڌ جي تاريخ لکڻ جو عمل سست يا وري بلڪل نه ٿيڻ جهڙو ٿيندو رهيو آهي، ان ئي سبب اسانکي صدي کان وڌيڪ جي تاريخ ۾ به ڏند ڪٿائن جا آسرا وٺڻا پون ٿا ۔۔۔ پر دنيا جي ٻين قومن ۾ ته ڇا قبيلن ۾ ۽ خاندانن ۾ پڻ خانداني وڻ ٺهيل آهن ۽ کين ستن پيڙيهين جي ماڻهن جا نالا مليو وڃن ۽ تاريخ مليو وڃي ۔۔۔

    هن وقت سنڌ ۾ کوڙ ساتريون جامعات آهن، ٻولي جا ادارا آهن، ثقافتي ۽ ٻيا گهڻا ادارا قائم ٿي چڪا آهن پر افسوس جو سڀ ادارا بجٽ پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ حڪومت وقت کان پئسن ملڻ جي انتظار ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجيون پگهارون پوريون ڪن ٿا ۔۔۔

    جڏهن قومون گهڻي وقت کان غلام هونديون آهن ته انهن جا ادارا به غلامي جو ڏيک ڏيندا اهن ۔۔۔ جيڪو سنڌ ۾ ظاهر ٿئي پيو ۔۔۔

    شابس آهي عام ماڻهون کي يا اسانجي اديبن ۽ ڏاهن کي ته هو شخصي طور پو به ڪجهه ڪري رهيا آهن ۔۔۔

    اوهان جو محنتون به قابل تحسين آهن ۔۔۔

    دعائن ۾ ياد

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    جو يو امين هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    سائين بهترين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي هن تاريخي واقعي کي اوهان ونڊ ڪيو مهربانيون
     
  4. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    سائين بهترين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي هن تاريخي واقعي کي اوهان ونڊ ڪيو مهربانيون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    لک ٿورا سائين شفيق جوکيي صاحب جا جنهن سنڌ جو هي تاريخي قصو اسان سان ونڊ ڪيو

    سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
    ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
    تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!

    لطيف کانپوء اياز ۽ تاجل بيوس به موکيء ۽ متارن تي داستان چيا آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    ادا اوهان جي محنت کي سلام آهي ، ۽ موکي متارن بابت سٺي جانڪاري ملي آهي
    اميد آهي ته اڳتي به اها ڪوشش جاري ۽ ساري رهندي ۔
    مهرباني
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    اڄ سنڌ ٽي وي تي موکي ۽ متارن بابت تفصيلي رپورٽ ڏسڻ لاءِ ملي۔
     
  8. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    سنڌ ٽي وي تي موکي ۽ متارن بابت تفصيلي رپورٽ هن وڊيو ۾

     
  9. ممتاز ڪيهر

    ممتاز ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Malir Khokhrapar Karachi
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    مان ملير کوکراپار ڪراچئ جو رهاڪون آهيان منهنجا گهڻائي خاصخيلي دوست آهن جيڪا ڳڏاپ ٽائون جا رهواسي پڻ آهن انهن ڪڏهن به مونسا ن موکئ ۽ متارن جي باري ۾ ڪو به ذڪر ڪون ڪيو۔۔۔
    مان پاڻ به گهڻا چڪر موکي آيو ويو آهيا ن پر مونکي اها ڄاڻ هي ناهي ته موکي به سنڌ جي تاريخي ماڳ هڪ حصو آهي۔۔۔
    اڄ سنڌ سلامت جي تاريخي ماڳ ۽ مقام وڊيو ڏسي خبر پئي۔۔۔۔
    منهنجي دعا آهي ته الله سائين هميشا سنڌکي شاد وآباد ۽ سدا سلامت رکي آمين۔۔۔۔۔
     
  10. علي رضا جوکيو

    علي رضا جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    working ngoگڏاپ
    ماڳ:
    گڌاپ ڪراڇي سنڌ gaddap
    جواب: موکي متارا ڪير هيا شاهه ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد

    سائين جوکيا صاحب توهان جي ساوش ۽ ڪوشش تمام سٺي آهي اسان جا ماڳ مڪان اوڄاڻ ته مٽجندا پيا وڃن انهن ئي ماڳن تي ڳوٺن جي اڏاوت پئي ٿئي ان ناراٿر جبل جيڪو متارن جو ماڳ ۽ موکي جو ميخانو اڄ ته هو مٽجي پيو ڪير ان تي ڪم ڪندو ڪير ان کي بچائيندو لکڻ لا ته ڪيترائي قلم جي نوڪ سان لکيو لوتيو ۽ لوريو ڇڏين پر هنن جي بچائڻ لا ڪير سمڌرو ٻڌي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاھ سائين جي شاعري جا ڪردار – موکي ۽ متارا

    غلام مصطفيٰ سولنگي

    شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي انهن بيتن ۾ ڪراچيءَ جي قديم لوڪ داستان ”موکي ۽ متارا“ جو ذڪر ملي ٿو. شاهه سائين اهو ذڪر سُريمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڪيو آهي. شاهه صاحب پنهنجي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ڀٽ شاهه کان لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج لاءِ روانو ٿيو ته ڪراچيءَ وٽان لنگهندي موکيءَ ۽ متارن جي ماڳ جو مشاهدو ڪندو پوءِ اڳتي وڌيو هو.

    متارن جي قبرن تي اچڻ لاءِ سپر هاءِ وي ٽول پلازه کان بقائي اسپتال لڳ اتر پاسي گڏاپ ڏانهن چنيسر جوکيو کان چئن ڪلو ميٽرن تي نارا ٿرجبل آهي. ان جبل جي الهندي ڇيڙي تي متارن جون قبرون آهن. نارا ٿر جي انهيءَ چوٽيءَ تي قبرن کي ڏسي شاهه صاحب چيو آهي:

    موکيءَ مَٺو نه گهُريا، وهه نه وهاٽيا
    سُرڪيءَ ڪاڻ سيد چئي، اُتي ٿي آٽيا
    جي ڳالهين ڳڱاٽيا، تن جو بٺن پاسي بٺيون

    هڪ روايت مطابق موکي! اصل ۾ مومل جي خاص ٻانهي، ناتر جي ڌيءَ هئي. جڏهن مومل چکيا چڙهي تڏهن ناتر لڏي هتي اچي ويٺي. پاڻ هيبت خاصخيليءَ سان شادي ڪيائين ۽ کيس اٺ ڏيئرون ڄايون. جن مان هڪ موکي به هئي، جڏهن موکي جوان ٿي ته ڪلاڪو هٽ قائم ڪيائين. جتي پري پري جا پياڪ اچي پهچندا هئا. ڪجهه جوڌا جوان به ٿاڻي بولا خان واري پاسي کان ڪنهن ڏورانهين منزل کان ڪهي هتي منزل هڻي، موکيءَ جو ٺاهيل ڪڪوهه ڪتب آڻي اڳتي هليا ويندا هئا.
    هڪ ڀيري موکيءَ متارن کي پراڻي مٽ جو منڌُ پياريو. متارا روانا ٿي ويا ته وري موٽيائي ڪين. موکيءَ مٽ جا چيو ته ان ۾ زهريلو نانگ مئل هو. موکيءَ ڀانيو ته متارا مري ويا. ٻن ٽن مندن کانپوءِ متارا اوچتو ظاهر ٿيا ۽ چيائون ته ساڳيو منڌُ ڏنو وڃي، موکيءَ کين اصل حقيقت ٻڌائي ته متارا صدمي کان ڊهي پيا ۽ دم ڏنائون ۽ اتي ئي سندن قبرون ٺهيون.

    موکي، چوڪي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات
    وٽيون ڏيئي وات، تنهن متارا ماريا

    موکيءَ جي باري ۾ ته ڪجهه ڄاڻ ملي ٿي، پر متارن جي باري ۾ ڪجهه روايتون ئي ملن ٿيون. متارن جي، تعداد تي پڻ اختلاف آهي. ڪي تاريخدان لکن ٿا ته انهن متارن جو تعداد ڇهه آهي ۽ ڪي وري اٺ ٻڌائين ٿا. هڪ سگهڙ جو بيت آهي ته:
    موکيءَ وٽ مهمان ، ايندا هئا اَٺ ڄڻا
    ٻه سما، ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چوهاڻ

    پر اڪثر ڪتابن ۽ سگهڙن متارن جو تعداد ڇهه ڄاڻايو آهي، ناليوارو اديب ۽ محقق گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“- ۾ لکي ٿو ته :

    متارا لفط، سنڌي ٻوليءَ ۾ صحتمند/پهلوان لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي به متارا چيو ويندو هو. جيڪي باقاعده سرڪاري عهدن تي مقرر ٿيندا هئا. هن لوڪ داستان ۾ متارن لاءِ سگهڙن پنهنجي شاعريءَ ۾ سردار، ڏاتار، سري جا سردار وغيره جهڙا لفظ ڪتب آندا آهن. جنهن مان معلوم ٿيندو ته اُهي حڪومت جي خاص منصب جا مالڪ هئا يا سردار هئا.

    موکيءَ ۽ متارن جو واقعو 1380ع جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو ۽ جيڪڏهن سومرن جي حڪمراني جو آخري سال 1440ع آهي ته پوءِ اهو واقعو 1470ع ڌاري ٿيو هوندو. سومرن جي حڪمرانيءَ جو آخري دور 1351ع وڌيڪ مستند سمجھيو وڃي ٿو. ان حساب 1380ع ۾ سنڌ تي ڄام بابيني بن ڄام انڙ جي حڪومت هئي.ڄام با بيني 1368ع کان 1383ع تائين حڪومت ڪئي.

    1383 کانپوءِ ڄام خيرالدين بن ڄام تماچي تخت تي ويٺو، موکي ۽ متارن جو واقعو ڄام با بيني يا ڄام خيرالدين جي دور جو آهي.

    نارا ٿر جبل تي هڪ ننڍڙي چوديواري ۾ ڇهه قبرون اندر ۽ هڪ قبر ٻاهر آهي. انهن مان ڪجهه قبرن تي متارن جا نالا به لکيل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي حاجي آهن. هڪ قبر تي حاجي حالار لکيل آهي. ٻي قبر تي محمد اسماعيل لکيل آهي. ٽين قبر تي اسحاق خان، چوٿين تي روستم ۽ پنجين تي، يادگار، اسماعيل حاجي لکيل آهي. ٻين قبرن تي نالا ناهن، پر سڀ هڪجهڙيون آهن. چوديواري ۾ هڪ پٿر کي اهڙي طرح تراشي رکيو ويو آهي. جو اهو پيالي جهڙو لڳي ٿو، اهو پٿر اڄڪلهه ٻه-ٽڪر ٿيل آهي.

    متارن جي قبرن تي لکيل نالن مان خبر پئي ٿي ته اهي يا ته هڪ ئي خاندان جون قبرون آهن ۽انهن مان ٽي ڀائر آهن، جيڪي حاجيءَ جا پٽ آهن يا اهي ذات جا حاجي آهن. انهن مان هڪ قبر تي حالار حاجي، اڀريل لکڻي آهي ۽ باقي نالا، پٿر کي کوٽي تراشي لکيا ويا آهن.

    هي قبرون چوڪنڊي اڏاوتي طرز جي اوائلي دور جي نموني تي ٺهيل آهن. اهڙي اڏاوت کي گهاڙي به چون ٿا. جنهن مان مراد آهي گڙيل- هن طرز جون قبرون مڪران جي ساحل کان وٺي ميرپور ساڪري تائين موجود آهن. ڪٿي انهن کي روميون به چون. گهڻو ڪري اهي جوکين ڪلمتين ۽ برفت قبيلن جي ماڻهن جون آهن. متارن جون قبرون به گهاڙي آهن.

    ڄاڻ خاطر اوهان کي اهو به ٻڌائيندا هلون ته نارا ٿر جبل جي اها چوٽي جتي متارن جون قبرون آهن، تنهن جي مٿئين سطح تي چڙهڻ لاءِ اڃا به مٿي وڃبو ته اُتي 12 فوت ڊگهي هڪ قبر آهي. اها قبر ڪنهن جي آهي، ان جي ڪا خبر ڪونهي. هيءَ قبر به عام قبرن وانگر آهي. البت ان تي عقيدتمندن پاران پڙ به چڙهيل آهن.

    ٻي ڳالهه اها ته نارا ٿر جبل جي اتر پاسي تي لانهين ۾ جوکين جو قديمي قبرستان آهي. ان هنڌ تي برفتن ۽ جاکرن جي جنگ لڳي هئي. هتان جي ماڻهن ڪلمتين جي حمايت ڪئي ۽ نومڙين جاکرن جو پاسو کنيو. هن جنگ ۾ جاکرن کي شڪست ملي.

    موکيءَ جي قبر نارا ٿر جبل کان 20 ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ موکيءَ ۾ آهي. جڏهن ته سهراب ڳوٺ کان 18ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. موکيءَ جي قبر، مٽي جي دڙي تي ٻين کان ٿورو مٿي آهي. جنهن نموني متارن جون قبرون گهاڙي آهن. تنهن جي ابتڙ موکي جي قبر بلڪل سادي ۽ عام قبرن وانگر بنا ڪنهن ڪتبي جي آهي. پهرين ان کي چارديواري ڏنل هئي پر تازو ئي مجاور حاجي خان خاصخيليءَ ان کي سيمنٽ سان پڪو ڪرائي مٿان ڇت وجھرائي آهي.

    موکي متارن جو ذڪر رڳو شاهه لطيف ئي نه ڪيو آهي، پر لطف الله قادري ميين ۽ شاهه عنايت جي شاعري ۾ پڻ ان جو ذڪر ملي ٿو. جديد دور جي شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، ابراهيم منشي، ج ع منگهاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي سگهڙن ۽ صوفي فقيرن پڻ هن داستان متعلق شاعري ڪئي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    موکِئ مَٽَ اُپَٽِيا،سَويرا صُبوح

    اُچي جي عبدالطيف چئي،باس ن پُھتَئِي بُوءِ

    ڪَڙو جي ڪَڪُوهِِ،ت ب وَٽِ سِرَ گُھرنِ وَٽِيُون


    وَٽِ سِرَ گُھرنِ وٽيون، ڌَڙُ سُرڪِيَنِ ڌُڄَنِ

    بَدان شِيۡنَ بُشَنۡ،اي پيالو پِرين

    اُچي جي عبدالطيف چئي،وٽي وَڌِ گُھرن

    پِڪِين ن پرچن،مٽ تڪيائون منجهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو