جوکيو شفيق احمد
سينيئر رڪن
@};-موکي متارا ڪير هيا شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي سر يمن ڪلياڻ جي روشنيءَ ۾ _جوکيو شفيق احمد
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اِيئَن!
ليکيا جي لِکَڻ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن؟
هُئڻ ڪيا هِيئَن، وانجيا، پَسُ! وِصال کان.
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ايئن ڪري!
آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳري؛
دوئِي ڌار ڌري، جهُ خُلَّت خنجر آئيو.
ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اَڌَ!
اِيَ تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءِ جا قَوال سين.
قاتلَ ڪمائِي ڪري، وَهُ ماکي جي ڪن؛
وٽان ويهِي تن، پِيجِ ڪي پياليون.
هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
پوڄَ پيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ؛
ته هَٽَ تنهنجي هنڌِ، موکي! ڪو مانُ لهي.
هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛
وٽِي واٽاڙئن کي، تان پياري پَرَکُ؛
سا لِکَ لهي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.
گَھٽَنِ ۾ گُھٽِڪَنِ، وَٽـيُون پِيَنِ وِهَ گاڏيُون؛
بَرخِيز بده ساقِي! پيار کي پِريَن؛
پِڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون مَنجھيان.
آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛
مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو.
وجھج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛
ٿيندي سُڌ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛
پِره جا پياڪَ، جُه سي اَڱڻ آئيا.
جُه سي اَڱڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃ؛
سائِي ٿِيندين اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪِي!
موکِي چوکِي نه ٿئي، اصل اوڇِي ذات؛
وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنهن ماريا.
مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين!
ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟
مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛
تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!
سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ!
تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي!
ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهن وٽِي، عادت سندين اِيَّ؛
تنين تِڪُون ڏنيون، جُنبِي منجھان جِيَّ؛
سرو تن سَبِيّ، جَن حاصل ڪيو حال کي.
موکِيءَ مَٺو نه گُھريا، وِهُ نه وِهاٽيا؛
سُرڪِيءَ ڪاڻ، سيَّد چئي، اُتي ٿِي آٽِيا؛
جي ڳالهين ڳَنڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بُٺيون.
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪَلالن سين!
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ!
مَرڻان مُنهن مَ موڙ، وَٽِي ٿِي وڌِ لهي!
وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛
قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَّد چئي.
ڪلالنئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مون هِنئان!
روئندي رات وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون!
وائي
دوسُ پيهِي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو؛
ڏِينهين پُڄاڻـؤن آڻي اسان ڪي، مولي مُحب ملايو؛
ويو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ واريو؛
هو جَنهِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄ سو آيو؛
عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، اَچِي عجيبن پاڻ فَضلُ فرمايو.
http://www.bhurgri.com/bhurgri/sd_shah_yemen.php
وڌيڪ تفصيل ته موکي متارا ڪير هيا تنهن لاء ملاحظه ڪندا ڪتاب ( سنڌ جي مارئي مصنف محترم اعلي مرتبي سائين گل حسن ڪلمتي ) جو هي آرٽيڪل ۽
هڪ تحقيقي سوال
متارا ڪير هئا؟
گل حسن ڪلمتي
موکي جي باري ۾ پوءِ تاريخ ۾ ڪجهه نه ڪجهه احوال ملي ٿو پر متارن جي باري ۾ اڃا تائين ڪا تصديق ٿيل ڄاڻ ملي نه سگهي آهي ته اهي ڪير هئا؟ انهن تي متارا نالو ڪيئن پيو؟ اهي ۽ اهڙا ئي ٻيا سوال جن جي تهه تائين پهچڻ ضروري آهي. متارا لفظ سنڌي ٻولي ۾ صحت مند پهلوان لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي به متارا چيو ويندو هو. جيڪي باقاعده سرڪاري عهدن تي مقرر ٿيندا هئا. هن قصي ۾ متارن لاءِ سگهڙن پنهنجي شاعري ۽ سردار، ڏاتار ۽ سري جا سردار وغيره، جهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، جنهن مان معلوم ٿيندو ته اهي حڪومت جي خاص منصب جا مالڪ هئا يا سردار هئا.
موهت ٿيا مئي تي، سري جا سردار،
ماريا ڪيف ڪلال جي، مانجهي مڻيادار.
سري جو علائقو اڄ به ٿاڻي بولا خان لڳ ڪوهستان ۾ موجود آهي. سري ڪوهستان ۾ ديهه پڻ آهي، جنهن سيوهاڻي رستي تي موکي جو مئخانو هو، سري به سيوهڻ ويندڙ ان قديم رستي تي آهي. مٿين بيت ۾ شاعر متارن کي انهيءَ علائقي سري جا سردار مان اها معنيٰ ڪڍي آهي ته اتر جا سردار پر ائين ڪونهي. سنڌي لغات ۾ ڪٿي به سري کي اثر جي معنيٰ ۾ ڪو نه ڄاڻايو آهي. حقيقت اها آهي ته سري علائقي جي ڪري انهن کي سري جا سردار ڪوٺيو ويو آهي. جيڪڏهن سري کي اتر جي معنيٰ ۾ سمجهي ته پوءِ به سري ڪوهستان وارو علائقو به مئخاني کان اتر اوڀر پاسي آهي. ان کان سواءِ سري شراب کي به چيو ويندو آهي. سري جا سردار معنيٰ شراب جا سردار مطلب ته وڏا پياڪ.
ديهه سريءَ جي آس پاس ڏاڍائي، چڱائي توڙي مٺائي، اڳرائي، توڙي ارهه زورائي جي حوالي سان پالاري قبيلو صدين کان وٺي حاوي رهندو آيو. ان کان سواءِ نارا ٿر جبل جي پاسي ”موتي پالاريءَ جي رومي“ آهي جيڪو ڪنهن جنگ ۾ مارجي ويو. ان سلسلي ۾ دوست رخمان گل پالاري سان ڪچهري ٿي جنهن موتي پالاري جي رومي جي تصديق ڪئي ۽ وڌيڪ چيو ته ”متارا ڀلي نه هجون باقي سيوهاڻي تان ساٿ لٽيندڙ جا مهندار ضرور هونداسين“
اها ڳالهه ڌيان طالبن آهي هن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته متارا پالاري قبيلي جا ته نه هئا؟
هڪ ٻئي سگهڙ جو بيت هيٺ ڏجي ٿو جنهن ۾ هن متارن جو تعداد اٺ ڄاڻايو آهي، جنهن مان ٻه سما، ٻه سومرا ٻه چنا ۽ ٻه چوهاڻ آهن.
موکي وٽ مهمان، ايندا هئا اٺ ڄڻا،
ٻه سما ٻه سومرا، ٻه چنا ٻه چوهاڻ.
هن ڳالهه کي ان ڪري وزن ڪونهي ڇاڪاڻ ته گهڻن ڪتابن ۽ سگهڙن انهن جو تعداد ڇهه ڄاڻايو آهي. ديوار اندر جيڪي پنج قبرون آهن ۽ انهن تي جيڪي نالا لکيل آهن، حالار حاجي، اسماعيل حاجي، اسحاق حاجي، اسحاق يا اسحبق اسمعيل ۽ آدم روستم، چوديواري اندر ڇهين قبر تي ڪو به نالو لکيل نه آهي ۽ ٻاهر پنج گهاڙي قبرون آهن انهن تي ڪو به نالو لکيل ڪونهي. لکيل نالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن مان ٽي حاجي جا پٽ هئا. چوٿون اسحاق جيڪو اسماعيل جو پٽ آهي، اسماعيل جي قبر به انهيءَ چوديواري ۾ آهي، جنهن جي نالي سان حاجي لکيل آهي. ائين ٿو لڳي ته اهي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا. جيڪڏهن هي متارن جون قبرون آهن ته پوءِ انهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هوندو ۽ اهي حاجي جا پٽ هوندا. هن وقت سنڌ ۾ حاجي پوٽا ذات پڻ آهي يا اهي حج پڙهي حاجي ٿيا هوندا پر ان دور جا حاجي گهٽ ۾ گهٽ مئي خاني جو رخ نه ڪندا هئا يا انهن دوستن جو تخلص حاجي هجي، پر ان ڳالهه کي رد ڪري سگهجي ٿو ته هڪ تخلص صرف هڪ ئي دوست رکي سگهي ٿو.
سڀني ڳالهين مان هن ڳالهه ۾ وڌيڪ وزن آهي ته متارا سري جا سردار هئا ۽ انهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هو ۽ جيڪڏهن ڪجهه وقت لاءِ هيءَ ڳالهه رد ڪريون ته پوءِ نارا ٿر تي موجود اهي قبرون متارن جون ٿي نٿيون سگهن. جيستائين انهن کي هتي ئي دفن ڪيو ويو هجي، جيڪڏهن اهي متارن جون قبرون آهن ته پوءِ انهن قبرن جي تعمير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي مالدار يا سردار هئا جو انهن جي مرڻ کان پوءِ مائٽن انهن جي قبرن کي پڪو ڪري چوديواري ڏياري آهي. اها ان زماني ۾ ڪنهن غريب جي وس جي ڳالهه نه هئي ڪجهه روايتن ۾ متارن کي بحري قذاق ڄاڻيو ويو آهي جيڪي بندر تي ڦرون ڪرڻ ايندا هئا ۽ رات موکيءَ جي مئخاني ۾ گذاريندا هئا. نارا ٿر تي موجود قبرون جن لاءِ اها ڳالهه مشهور آهي ته اهي متارن جون آهن انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي، متارن جي قبرن کي انهن کان سواءِ ٻئي پاسي به ڳولڻ گهرجي.
ڪجهه جهونا چون ٿا ته اڳي هر سال ڪوهستان کان ڪجهه ماڻهو ايندا هئا ۽ انهن قبرن تي دعا گهري، اگر بتين جو واس ڏيئي گل چاڙهي ويندا هئا. ان ڳالهه جي تصديق موکي ۽ شاهه مريد جي خدمتگار مرحوم ابراهيم خاصخيلي پڻ ڪئي هئي. هن متارن کي ڪوهستان جا سردار ڄاڻايو ۽ چيو ته اهي واپار سانگي بندر ايندا هئا ۽ رات موکي مئخاني ۾ گذاريندا هئا.
http://www.awamiawaz.com/2010/March/29th/digest/01.htm
هي وڊيو سنڌ ٽي وي جي احسانن ساڻ _جوکيو شفيق احمد
هن وڊيو کي ڏسندا
موکي متارن تي بيت وڊيو ؟
موکي ۽ متارن جي باري سنڌي ادبي بورڊ جي هي لنڪ ضرور ملاحظه ڪندا جيڪا هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ آهي، ان ڪتاب جو نالو آهي ( محبت جي راهه مصنف آهي ع.ق.شيخ ) وڌيڪ تفيصل هن لنڪ تي ڏسندا
http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Stories/Book24/Book_page16.html