• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

24 feb تي رات جو اٺين وڳي آرٽس ڪائونسل ڪرچيءءَ ۾ مُنعقد ميوزيڪل شو ۾ شرڪت جي دعوت

Sindhi Media

سينيئر رڪن
چو ويهين فيبروري تي رات جو اٺين وڳي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ مُنعقد ميوزيڪل شو ۾ شرڪت جي دعوت

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ توهان سڀني کي خميس چو ويهين فيبروري تي رات جو اٺين وڳي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ مُنعقد ميوزيڪل شو ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿي. هن شو ۾ مهان گلوڪار ۽ گُلوڪارائون جهڙوڪ ديبا سحر، احمد مُغل، تاج مستاني ارشد محمود، صائمه منظور، صادق فقير شازيه ترنم، حنيف لاشاري، نظر سمون، بادل راهي، صوبيه بختاور، شهنيلا علي، ۽ ٻيا گهڻئي شرڪت ڪندا.

هن شو ۾ فنڪارن، اديبن، ليکڪن لاءِ داخلا مُفت هوندي، بشرطيڪه هو پنهنجي سيٽون سنڌ فنڪار ٽرسٽ جي چيئرمين جناب حميد ڀُٽو صاحب سان ڏنل موبائل نمر تي اڳواٽ ريزرو ڪرائيندا ته جيئن سندن شو ۾ اينٽريءَ لاءِ سيٽون مختص ٿي سگهن.
جيئن ته هي شو فنڪارن جي مدد لاءِ آهي ان ڪري هن شو ۾ هر عام ماڻهوءَ لاءِ پڻ سيٽون مُقرر آهن جيڪي ڊونيشن ڏيڻ تي ريزرو ڪري سگهبيون. ڊونيشن جا ڪارڊ، هڪ هزار، پنج سئو ۽ ٻه سئو رُپين ماليت جا هوندا. سڀني سنڌي ڀائرن کي اپيل ٿي ڪجي ته گهڻي ۾ گهڻا شريڪ ٿين ، جلد ئي پنهنجي پُهچ مُطابق هي ڊونيشن ڪارڊ حاصل ڪري شرڪت ڪريو ته اها رقم فنڪارن جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ۾ اچي. سيٽون محدود آهن، فرسٽ ڪم فرسٽ سرو جي بُنياد تي جلد حاصل ڪريو.

۽ جي ڪو فنڪار ، ڪلاڪار، فنڪاره، اديب، ليکڪ، گُلوڪار هن ڀلائي واري ڪم ۾ ٻانه ٻيلي ٿئي ته ، ڊونيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجن دوستن کي ڏيڻ لاءِ مُحترم چيئرمين سڌ فنڪار ٽرسٽ جناب حميد ڀُٽُو صاحب سان جلد رابطي ۾ اچن ۽ سيٽون بُڪ ڪرائين....

sindh fankar welfare trust invite you to join at a musical extravaganza ( sindh cultural show 2011)
sindh my mother .........................skm
prominent singers of Pakistan & will be at their best singers deba saher ,ahmed mughal . taj mastani . arshad mahmood , saima manzoor , saddiq faqir , shazia taranam , haneef lashari , nazer smo , badal rahi, sobia bahktwar ,shahnila ali ,and others
on Thursday 24/ 2/ 2011 at 8 pm at arts council Karachi.
hameed bhutto
chairman
sindh fankar welfare trust
03002427025
 
جواب: 24 feb تي رات جو اٺين وڳي آرٽس ڪائونسل ڪرچيءءَ ۾ مُنعقد ميوزيڪل شو ۾ شرڪت جي د

سائين رزاق صاحب سلام

بهترين عمل آهي۔ سنڌي فنڪارن لاء ڪيل اوهان جون ڪاوشون قابل تعريف آهن۔

انشاء الله جيڪڏهن ڪراچيء ۾ آهيون ته ضرور شرڪت ڪبي
 
جواب: 24 feb تي رات جو اٺين وڳي آرٽس ڪائونسل ڪرچيءءَ ۾ مُنعقد ميوزيڪل شو ۾ شرڪت جي د

سائين رزاق صاحب سلام

بهترين عمل آهي۔ سنڌي فنڪارن لاء ڪيل اوهان جون ڪاوشون قابل تعريف آهن۔

انشاء الله جيڪڏهن ڪراچيء ۾ آهيون ته ضرور شرڪت ڪبي
ادا سُليمان سنڌ سلامت لاءِ هن پروگرام جي ڪوريج ضرور ڪندا۔ مهربانيون ٿينديون۔
 
Back
Top