نثارناز
سينيئر رڪن
سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين کي السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ دوستو ڪجهه ڏينهن پهرين محبتن جي عالمي ڏيهاڙي جي موقعي تي سنڌي ٻولي جِي خوبصورت ۽ بولڊ ترين شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه هڪڙو تمام دل کي لُڀائيندڙ غزل سندس وال تي لڳايو هو، ڪافي ڏينهن کان واندڪائي نه پئي ملي جو انهي غزل جي چترڪاري ڪري توهان سڀني ساٿين سان ونڊ ڪري سگهان، اڄ ڪجهه واندڪائي جا لمحا مليا هي غريباڻي چترڪاري جو رنگ ڏيئي سانئڻ جو هي غزل توهان سڀني ساٿين سان ونڊ پيو ڪريان ٿي سگهي ٿو هن ۾ ڪا صورتخطي جا ڪا غلطي هُجي اهو به انهي ڪري ته سانئڻ زيب جي وال تي اهو غزل رومن سنڌي ۾ تحرير ٿيل هُو۔ اميد ته سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هن خوبصورت ترين غزل تي توهان جا پيار ڀريا ويچار ضرور پڙهڻ لا ملندا۔
توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿِي
غزل
زيب نظاماڻي
غزل
زيب نظاماڻي
