توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين کي السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ دوستو ڪجهه ڏينهن پهرين محبتن جي عالمي ڏيهاڙي جي موقعي تي سنڌي ٻولي جِي خوبصورت ۽ بولڊ ترين شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه هڪڙو تمام دل کي لُڀائيندڙ غزل سندس وال تي لڳايو هو، ڪافي ڏينهن کان واندڪائي نه پئي ملي جو انهي غزل جي چترڪاري ڪري توهان سڀني ساٿين سان ونڊ ڪري سگهان، اڄ ڪجهه واندڪائي جا لمحا مليا هي غريباڻي چترڪاري جو رنگ ڏيئي سانئڻ جو هي غزل توهان سڀني ساٿين سان ونڊ پيو ڪريان ٿي سگهي ٿو هن ۾ ڪا صورتخطي جا ڪا غلطي هُجي اهو به انهي ڪري ته سانئڻ زيب جي وال تي اهو غزل رومن سنڌي ۾ تحرير ٿيل هُو۔ اميد ته سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هن خوبصورت ترين غزل تي توهان جا پيار ڀريا ويچار ضرور پڙهڻ لا ملندا۔
    توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿِي
    غزل
    زيب نظاماڻي​


    [​IMG]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    تمام شاندار وڊيو پيش ڪيا آهن توهان سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي ڪويتائن جا جس هُجي ادا طاهر توکي۔ لکين مهربانيون
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    محترمه زيب نظاماڻي جي خوبصورت شاعري اڳ به نظر مان گذرندي رهي آهي ۔۔۔ تمام سٺو لکندي آهي پر هي غزل لکي ته پاڻ کي واقعي بولڊ ترين ثابت ڪيو اٿن۔۔۔۔ محبوب کي محبت جي ڏينهن محبت ۾ سڀ ڪجهه ارپي ڇڏڻ پيار ڪندڙ جي جذبن جو واضح ثبوت آهي۔۔۔
     
  5. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    ادا نثار ناز توهان جي چترڪاري ۽ محترمه زيب نظاماڻي جي خوبصورت شاعري تمام گهڻي وڻي
     
  6. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    [justify]ادا نثارناز جون مهربانيون آهن جو سنڌ جي نامياري شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي هِي انتهائي خوبصورت ترين شاعري ساري دنيا سان چترڪاري ذريعي ونڊ ڪئي آهي ، جنهن وقت آپا زيب نظاماڻي هي خوبصورت غزل لکي پورو ڪيو مان انهن خوشنصيبن مان آهيان جو سڀ کان پهرين آپا اهو خوبصورت غزل مونسان شيئر ڪيو هو پنهنجي ايس ايم ميسيج ذريعي، ان کان پو سائين نثار ناز منهنجي سامهون انهي غزل جي جواب ۾ پنهنجو هڪڙو آزاد نظم تحرير ڪيو هو منهنجي خيال ۾ ان نظم جو عنوان هو (چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين) جيڪو ادا نثارناز جي شاعري واري شعبي ۾ ڪٿي موجود آهي، هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪندي هلان ته ڪوبه شاعر يا شاعره پنهنجي ڪا تخليق لکي پوري ڪندو آهي يا ڪندي آهي پو انهي جي شاعري ڏات ڌڻي جي حساب سان ته سندس هوندي آهي پر حقيقي طور تي اُها سنڌي قوم جي امانت هوندي آهي، ۽ پيار جو عالمي ڏينهن هُجي هرڪو پنهنجي پنهنجي پريمي کي يا پريميڪا کي گاڙها گُلاب ارپي، اتي زيب ڪجهه اڳتي وڌي ڳاڙهن گلابن سان گڏ چپن جا گُلاب ارپي ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري پنهنجي محبت کي انتهائي بُلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي ۽ محبتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪڙي جدت ڀيٽا جي صورت ۾ ڏني آهي۔ ڳالهه وري به سائين نثار ناز جي محنتن ڏانهن وڃي ٿي ته هو ڪيترا نه سُندر ۽ پيار ڀريا نت نوان موضع سڀني سان شيئر ڪندو آهي۔ الله سائين کيس اڃان به گهڻي همت ڏيس جو هو اڳي کان اڳرو هُجي۔ آمين[/justify]
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    سائين سائڻ جي بهترين شاعري۔۔۽ اوهان جا شاعري کي ڏنل لاجواب رنگ۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    سائين نثار ناز جا بيحد ٿورائتا آهيون جن اهڙي بهترين شاعري اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔۔۔ زيب نظاماڻي صاحبه جي شاعريءَ جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي، پاڻ‌ سادي لفظن ۾ دل جي ڳالهين جي ترجماني ڪرڻ جي فن کي ڀرپور نموني ڄاڻي ٿي۔۔ جيڪڏهن اهو چئجي ته پاڻ هن شعرن سان جوان دلين جي ترجماني ڪئي اٿن ته وڌاءُ نه ٿيندو۔۔ ٻيو ته هر شاعر بهترين شاعر تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ان جي دل کي عشق جي چوٽ لڳندي آهي، بلڪل ايئن جيئن سون تپڻ کان بعد ڪُندن ٿي ويندو آهي۔۔ خبر ناهي زيب نظاماڻي صاحبه کي ڪهڙي چوٽ لڳل آهي جو ايتري بهترين شاعري ڪن پيون.. دعا آهي ته سندن لفظن جو اثر هر دل تي ٿئي....
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    ڪڏهن هوش ۾ نه آڻي توکي
    جان اهڙو شراب ارپيان ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    محترمه زيب نظاماڻي جو ويلنٽائن ڏينهن تي تخليق ڪيل تخيل جنهن جي هر لفظ مان ، هر سٽ مان پيار جي جهلڪ پئي نظر اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ محترمه زيب جون مهربانيون

    ٿورا سائين نثار ناز جا جن هن شاعريء کي سهڻا رنگ ڏئي اسان تائين پهچايو۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    ادا رشيد سمان توهان جا هي ڪامينٽس محترما زيب نظاماڻي صاحبه پاڻ مشاهدو ڪري چُڪي آهي ۔
    ادا شاعر يا شاعره به هن سماج جو حصو هوندا آهن، ڳالهه صرف تخليقي عمل جي آهي ته خوبصورت جذبا ڪيئن اوتجي اچن ۽ اهي لب بام ٿين ۽ پو اها ڪويتا، شاعري، يا ارپنا صرف قومي امانت ٿي ويندي آهي۔ توهان جا ٿورا جو ٻه ٽي لفظ توهان زيب نظاماڻي صاحبه جي هن شاعري ته ٻه ٽي لفظ لکيا۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    ڀيڻ شبانه مونکي ته يقين ئي نٿو اچي ته توهان ايترا سُهڻا ڪامينٽس به لکي سگهو ٿا، لڳي ٿو ته مون مسڪين شاعر جي شاگرد ٿيڻ توهان کي راس اچي ويو آهي، سچ پُڇو ته سنڌ سلامت تي توهان جو فعال ٿيڻ اسان جي سنڌ جي سموري ڀيڻن لا هڪ سنيهو آهي، باقي محترما زيب صاحبه توهان جا هي ڀلا ڪامينٽس پاڻ مشاهدو ڪري چُڪي آهي۔ ادي اسان غريبن جون ڪهڙيون محنتون مڙئي پنهنجي عمر جي هن حصي کي پيا وندرايون ۽ سنڌ سلامت سان پيا ناتو نڀايون۔ مهرباني ڀيڻ شبانه۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    ادا ممتاز بجير لک لائق جو توهان کي منهنجي غريباڻي چترڪاري ۽ سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هي خوبصورت شاعري تمام گهڻي وڻي، ميڊم زيب توهان جا هي ڪامينٽس پاڻ پڙهي چُڪي آهي۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    مهرباني ادا عاشق سولنگي، توهان کي اسان جا غريباڻا رنگ وڻيا، سانئڻ زيب صاحبه شڪر گُذار آهي جو توهان سندس هن شاعري کي بهترين شاعري چيو۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    اسد مست هي نثارناز به تنهنجو تهه دل سان ٿورائتو آهي جو اسان جون موڪليل ونڊون دل سان پڙهين ٿو،باقي زيب نظاماڻي صاحبه توهان جا سادي لفظن ۾ لکيل پر تمام اونچا ويچار پڙهي چُڪي آهي، باقي جوان دلين جي ترجماني ۽ عشق جي چوٽ وارن لفظن واري ڳالهه تي مان گهڻو ڳالهائي پيو سگهان پر جيئن ته هي شاعري محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي آهي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جو زيب صاحبه پاڻ اسان جي ميمبر ٿي انهن لفظن جو جواب ڏي، باقي سُون ۽ ڪندن کان هٽي ڪري ميڊم زيب نظاماڻي صاحبه جي شاعري پارس جيان آهي جو سندس شاعري جنهن کي ڇُهي ان کي سون ڇا پر معطر ڪريو ڇڏي۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    مهربانيون ادا وساڻ توهان جون جن جي لفظن مان پيار جي جهلڪ نظر اچي ٿي يقينن انهن مطلب ته سانئڻ زيب صاحبه يقينن توهان جا اهي خوبصورت ڪامينٽس ضرور پڙهيا هوندا۔ باقي سهڻا وساڻ تنهنجون مهربانيون جو منهنجي غريباڻي رنگن واري پوسٽ کي توهان پسند فرمايو۔
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    [justify]محترمه زيب نظاماڻيءَ جي هن ڪلام تي ڇا چئجي، لفظ آهن جو ساٿ ئي نٿا ڏين ۔۔۔ عشق مجاز جو اهڪ انوکو انداز بيان ڪيو اٿس ۔۔۔ پنهنجا ثواب، پنهنجا چپ، پنهنجي جواني، پنهنجو سڀ ڪجهه محبوب تان نثار ڪرڻ جو سهڻو گيت ڳايو اٿس ۔۔۔

    پيار ٿيڻ کانپوءِ ته هونءَ هر گهڙي ماڻهون ان ئي ڪيفيت ۾ هوندو آهي پر ڪڏهن ڪي لمحا يا ڪي هوائون يا ڪي يادون يا ڪي منظر انسان جي اندر ۾ اڃان به وڌيڪ اڀار آڻي وجهندا اهن ۽ عاشق جي حالت اڀامجندڙ ڪنيءَ جهڙي ٿي پوندي آهي ۔۔۔

    هت پڻ محترمه ائين ئي اڀامي پئي آهي ۽ لفظن جي صورت ۾ اسانکي تباهه ڪري ڇڏيو اٿس ۔۔۔

    بس ادا نثار ناز، شاعر اسانکان زور آهن ۔۔۔ اهڙا ڌڪ هڻي ڪڍن ٿا جو ماڻهون اڦٽ پٽيءَ پئجيو رهي ۔۔۔

    لک ٿورا سائين محترم ۔۔۔ ٽنڊي محمد خان جي سرزمين تي هڪ دفعو اچي چڪر هڻڻو پوندو من ان مٽيءَ جي مجاز جو اثر پاڻ تي به ٿي پوي ۔۔۔

    سلام سائين ناز ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    [justify]
    سائين نثار ناز اوهان جي مهرباني جو سائڻ زيب نظاماڻي تائين اسان ناچيزن جا هي ڪمينٽس پهچايا اٿوَ، مزو تڏهن ٿئي جڏهن سنڌ جي هي برک شاعره پاڻ هن اڱڻ جي ميمبر ٿي اسان جي حقير الفاظن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري۔۔ باقي مون سائڻ زيب نظاماڻي کي سون يا ڪُندن سان تشبيهه نه ڏني هئي، مون ته شاعر جي شاعريءَ ۾ جوهر اچڻ جي بابت پنهنجي ناقص خيالن مطابق هڪ مثال ڏنو هو۔۔۔[/justify]​
     
  18. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: توکي پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيان ٿي(زيب نظاماڻي)

    سائين لاجواب ء تمام پياري ونڊ شيئر ڪئي آهي اوهان .​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو