سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلاف ريلي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ڪالهه بروز آچر 27 فيبروري 2011 تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلاف هڪڙي ريلي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ سنڌ جي سرموڙ مشهور شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي سرواڻي ۾ شهر جي مهراڻ چوڪ کان وٺي پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ۽ اهڙي ظلم خلاف باقائده هڪڙو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي مڙني ساٿين پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ۽ بل جي مسترد ڪرائيندڙ ۽ مسترد ڪندڙن خلاف ڳاٽي ڀڳا نعرا هنيا، ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديمي ٻولين ۾ شمار ٿيندي آهي، انهي ٻولي جو قومي ٻولي طور نه منظور ٿيڻ مطلب ته سموري سنڌ تي راتاهي هڻڻ جي برابر آهي، حُڪمران جيڪي سنڌ ڪارڊ عيوض مُلڪ جي اهم ترين عهدن تي ويٺا آهن انهن کي کپي ته سنڌ امڙ جي ٿڃ جي لڄ ملهائن نه ته سنڌي قوم انهي مجرمن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۔ سنڌ جي تمام خوبصورت جذبن جي مالڪ شاعره محترم زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته اي حُڪمرانو توهان تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ مجرم جي حيثيت سان پاڻ کي ظاهر نه ڪريو پر سنڌ جا حلالي پُٽ بڻجي امڙ سنڌ ڌرتي جي شان کي وڌايو ۽ فوري طور سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي وري پيش ڪري ان کي پاس ڪريو جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته سنڌي قوم جيڪا توهان کي اکين تي ويهاري سگهي ٿي وري توهان کي پيرن جي ٺوڪرن سان ٻاهر به ڪڍي سگهن ٿا، انهي سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز نارائڻ شيام جي انهي لازوال بيت
    الا ائين مَ هو جو ڪتابن ۾ پڙهجي
    هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي​

    واري حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته غيرن جو ڏک ته ڪو ڏُک ئي ڪونه هوندو آهي پر جڏهن پنهنجا جيجل سنڌ جي پُٺي ۾ خنجر جا وار ڪن ته ڪو هڪڙو ڏُک ڇا پر ڏکن جون ڀريون اسان جي دل تان گُذرنديون آهن سنڌ قوم کي وينتي ڪندي هُن چيو ته پنهنجون اکيون کوليو ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان سمورا سنڌي ريڊ انڊين جيان دربدر زندگي گُذاريندا وتون، جيڪا قوم پنهنجي ٻوليِ کي پنهنجي شايان شان درجو نه ڏياري سگهي اها قوم ڪنهن ڪم جي نٿي ٿي سگهي ان ڪري وستي وستي واهڻ واهڻ گهٽي گهٽي چوڪ چوڪ سڀئي سنڌي گڏ ٿي پنهنجي مٺي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لا اتي کڙا ٿين۔ ان کان علاوه هن ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ مشڪور ڦلڪارو، تاج ٽکڙائي انعام ٽکڙائي ، محمد رفيق آس لغاري ، نوشاد ڀٽي ۽ ٻين پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايا، پيش آهن انهي پر امن ريلي جون تصويري جهلڪيون۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    پرامن ريلي جون تصويري جهلڪيون آواز ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين ٽي وي جا نمائندا ساٿ ساٿ ​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلا

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ڪي ٽي وارن اڳيان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ جي سرموڙ شاعره ۽ ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه پڻ سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل جي مسترد ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز ڀي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    جاکوڙي شاعر مشڪور ڦلڪارو احتجاج رڪارڊ ڪندي۔

    [​IMG]
    محمد رفيق آس لغاري احتجاج ڪندي حُڪمرانن کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته فوري طور تي سنڌي ٻولي کي مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه جيڪو ڪي ٽي اين ضلع ٽنڊو محمد خان جو مين ڪئميرا مين پڻ آهي پنهنجو آفيشل ذمينواريون سرانجام ڏيندي۔

    [​IMG]
    سنڌ جو ڀلوڙ شاعر انعام ٽکڙائي به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    نوجوان شاعر نوشاد ڀٽي به احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ۾ پيش پيش هو

    [​IMG]
    محمد خان غني ادبي فورم جو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو جهونو شاعر تاج ٽکڙائي پنهنجو احتجاج محترم غلام نبي ڪيريو ڪي ٽي اين ٽنڊو محمد خان ضلعي جي نمائندي آڏو رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جا ساٿي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو پنهنجي هٿن ۾ کنيو بيٺا آهن۔​
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلا

    شاباس آهي ٽنڊو محمد خان جي ”سنڌي ادبي سنگت“ کي ۽ ان جي مڙنئي ميمبرن کي، جيڪي ايتري قدر فعال آهن ۽ ڪرنٽ افيئرز تي پڻ تڪڙو ردِ عمل ڏيکاري رهيا آهن۔۔ الله ڪندو ته سنڌي ٻولي جلد قومي ٻولي طور لکي ۽‌ پڙهي ويندي، محترما زيب نظاماڻي کي به شاباس آهي جيڪا خاص حيدرآباد کان اچي هنن تقريبن ۾ شرڪت ڪري ٿي۔۔۔ سنڌسلامت جي جان جهوني سرپرست اعلى سائين نثار ناز جا پڻ‌ ٿورائتا آهيون جيڪو سنڌسلامت سان ايترو نينهن نڀائي رهيو آهي۔۔ جنهن جي تعريف لفظن ۾‌ڪرڻ‌ممڪن نه آهي۔۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو