• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلاف ريلي

نثارناز

سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ڪالهه بروز آچر 27 فيبروري 2011 تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلاف هڪڙي ريلي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ سنڌ جي سرموڙ مشهور شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي سرواڻي ۾ شهر جي مهراڻ چوڪ کان وٺي پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ۽ اهڙي ظلم خلاف باقائده هڪڙو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي مڙني ساٿين پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ۽ بل جي مسترد ڪرائيندڙ ۽ مسترد ڪندڙن خلاف ڳاٽي ڀڳا نعرا هنيا، ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديمي ٻولين ۾ شمار ٿيندي آهي، انهي ٻولي جو قومي ٻولي طور نه منظور ٿيڻ مطلب ته سموري سنڌ تي راتاهي هڻڻ جي برابر آهي، حُڪمران جيڪي سنڌ ڪارڊ عيوض مُلڪ جي اهم ترين عهدن تي ويٺا آهن انهن کي کپي ته سنڌ امڙ جي ٿڃ جي لڄ ملهائن نه ته سنڌي قوم انهي مجرمن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۔ سنڌ جي تمام خوبصورت جذبن جي مالڪ شاعره محترم زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته اي حُڪمرانو توهان تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ مجرم جي حيثيت سان پاڻ کي ظاهر نه ڪريو پر سنڌ جا حلالي پُٽ بڻجي امڙ سنڌ ڌرتي جي شان کي وڌايو ۽ فوري طور سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي وري پيش ڪري ان کي پاس ڪريو جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته سنڌي قوم جيڪا توهان کي اکين تي ويهاري سگهي ٿي وري توهان کي پيرن جي ٺوڪرن سان ٻاهر به ڪڍي سگهن ٿا، انهي سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز نارائڻ شيام جي انهي لازوال بيت
الا ائين مَ هو جو ڪتابن ۾ پڙهجي
هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي​
واري حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته غيرن جو ڏک ته ڪو ڏُک ئي ڪونه هوندو آهي پر جڏهن پنهنجا جيجل سنڌ جي پُٺي ۾ خنجر جا وار ڪن ته ڪو هڪڙو ڏُک ڇا پر ڏکن جون ڀريون اسان جي دل تان گُذرنديون آهن سنڌ قوم کي وينتي ڪندي هُن چيو ته پنهنجون اکيون کوليو ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان سمورا سنڌي ريڊ انڊين جيان دربدر زندگي گُذاريندا وتون، جيڪا قوم پنهنجي ٻوليِ کي پنهنجي شايان شان درجو نه ڏياري سگهي اها قوم ڪنهن ڪم جي نٿي ٿي سگهي ان ڪري وستي وستي واهڻ واهڻ گهٽي گهٽي چوڪ چوڪ سڀئي سنڌي گڏ ٿي پنهنجي مٺي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لا اتي کڙا ٿين۔ ان کان علاوه هن ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ مشڪور ڦلڪارو، تاج ٽکڙائي انعام ٽکڙائي ، محمد رفيق آس لغاري ، نوشاد ڀٽي ۽ ٻين پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايا، پيش آهن انهي پر امن ريلي جون تصويري جهلڪيون۔​

189561_10150115733588216_794048215_6372429_5436931_n.jpg


189565_10150115736883216_794048215_6372480_1172295_n.jpg


190770_10150115742773216_794048215_6372584_282589_n.jpg


188622_10150115743173216_794048215_6372596_3089064_n.jpg


181973_10150115814048216_794048215_6374030_4879575_n.jpg


189847_10150115814888216_794048215_6374043_4119564_n.jpg


184872_10150115819528216_794048215_6374126_926886_n.jpg


189407_10150115821133216_794048215_6374154_7322459_n.jpg


188712_10150115868078216_794048215_6375004_8295587_n.jpg


189923_10150115868443216_794048215_6375008_1005872_n.jpg

پرامن ريلي جون تصويري جهلڪيون آواز ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين ٽي وي جا نمائندا ساٿ ساٿ​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلا

189912_10150115743393216_794048215_6372600_6510972_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ڪي ٽي وارن اڳيان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

190373_10150115744688216_794048215_6372615_2281694_n.jpg

سنڌ جي سرموڙ شاعره ۽ ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه پڻ سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل جي مسترد ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج آهي

189809_10150115793608216_794048215_6373444_1477551_n.jpg


184375_10150115808763216_794048215_6373888_2706695_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز ڀي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔

189022_10150115793268216_794048215_6373432_3706338_n.jpg

جاکوڙي شاعر مشڪور ڦلڪارو احتجاج رڪارڊ ڪندي۔

183770_10150115809048216_794048215_6373899_3647283_n.jpg

محمد رفيق آس لغاري احتجاج ڪندي حُڪمرانن کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته فوري طور تي سنڌي ٻولي کي مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي

189715_10150115812308216_794048215_6374000_4545534_n.jpg

سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه جيڪو ڪي ٽي اين ضلع ٽنڊو محمد خان جو مين ڪئميرا مين پڻ آهي پنهنجو آفيشل ذمينواريون سرانجام ڏيندي۔

180932_10150115815968216_794048215_6374067_1309121_n.jpg

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر انعام ٽکڙائي به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔

190202_10150115818848216_794048215_6374116_7506757_n.jpg

نوجوان شاعر نوشاد ڀٽي به احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ۾ پيش پيش هو

185681_10150115777903216_794048215_6373106_7153627_n.jpg

محمد خان غني ادبي فورم جو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو جهونو شاعر تاج ٽکڙائي پنهنجو احتجاج محترم غلام نبي ڪيريو ڪي ٽي اين ٽنڊو محمد خان ضلعي جي نمائندي آڏو رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جا ساٿي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو پنهنجي هٿن ۾ کنيو بيٺا آهن۔​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلا

شاباس آهي ٽنڊو محمد خان جي ”سنڌي ادبي سنگت“ کي ۽ ان جي مڙنئي ميمبرن کي، جيڪي ايتري قدر فعال آهن ۽ ڪرنٽ افيئرز تي پڻ تڪڙو ردِ عمل ڏيکاري رهيا آهن۔۔ الله ڪندو ته سنڌي ٻولي جلد قومي ٻولي طور لکي ۽‌ پڙهي ويندي، محترما زيب نظاماڻي کي به شاباس آهي جيڪا خاص حيدرآباد کان اچي هنن تقريبن ۾ شرڪت ڪري ٿي۔۔۔ سنڌسلامت جي جان جهوني سرپرست اعلى سائين نثار ناز جا پڻ‌ ٿورائتا آهيون جيڪو سنڌسلامت سان ايترو نينهن نڀائي رهيو آهي۔۔ جنهن جي تعريف لفظن ۾‌ڪرڻ‌ممڪن نه آهي۔۔​
 
Back
Top