نثارناز
سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ڪالهه بروز آچر 27 فيبروري 2011 تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي مسترد ڪرڻ خلاف هڪڙي ريلي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ سنڌ جي سرموڙ مشهور شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي سرواڻي ۾ شهر جي مهراڻ چوڪ کان وٺي پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ۽ اهڙي ظلم خلاف باقائده هڪڙو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي مڙني ساٿين پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ۽ بل جي مسترد ڪرائيندڙ ۽ مسترد ڪندڙن خلاف ڳاٽي ڀڳا نعرا هنيا، ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديمي ٻولين ۾ شمار ٿيندي آهي، انهي ٻولي جو قومي ٻولي طور نه منظور ٿيڻ مطلب ته سموري سنڌ تي راتاهي هڻڻ جي برابر آهي، حُڪمران جيڪي سنڌ ڪارڊ عيوض مُلڪ جي اهم ترين عهدن تي ويٺا آهن انهن کي کپي ته سنڌ امڙ جي ٿڃ جي لڄ ملهائن نه ته سنڌي قوم انهي مجرمن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۔ سنڌ جي تمام خوبصورت جذبن جي مالڪ شاعره محترم زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته اي حُڪمرانو توهان تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ مجرم جي حيثيت سان پاڻ کي ظاهر نه ڪريو پر سنڌ جا حلالي پُٽ بڻجي امڙ سنڌ ڌرتي جي شان کي وڌايو ۽ فوري طور سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل کي وري پيش ڪري ان کي پاس ڪريو جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته سنڌي قوم جيڪا توهان کي اکين تي ويهاري سگهي ٿي وري توهان کي پيرن جي ٺوڪرن سان ٻاهر به ڪڍي سگهن ٿا، انهي سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز نارائڻ شيام جي انهي لازوال بيت
الا ائين مَ هو جو ڪتابن ۾ پڙهجي
هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
واري حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته غيرن جو ڏک ته ڪو ڏُک ئي ڪونه هوندو آهي پر جڏهن پنهنجا جيجل سنڌ جي پُٺي ۾ خنجر جا وار ڪن ته ڪو هڪڙو ڏُک ڇا پر ڏکن جون ڀريون اسان جي دل تان گُذرنديون آهن سنڌ قوم کي وينتي ڪندي هُن چيو ته پنهنجون اکيون کوليو ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان سمورا سنڌي ريڊ انڊين جيان دربدر زندگي گُذاريندا وتون، جيڪا قوم پنهنجي ٻوليِ کي پنهنجي شايان شان درجو نه ڏياري سگهي اها قوم ڪنهن ڪم جي نٿي ٿي سگهي ان ڪري وستي وستي واهڻ واهڻ گهٽي گهٽي چوڪ چوڪ سڀئي سنڌي گڏ ٿي پنهنجي مٺي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لا اتي کڙا ٿين۔ ان کان علاوه هن ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ مشڪور ڦلڪارو، تاج ٽکڙائي انعام ٽکڙائي ، محمد رفيق آس لغاري ، نوشاد ڀٽي ۽ ٻين پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايا، پيش آهن انهي پر امن ريلي جون تصويري جهلڪيون۔هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي










پرامن ريلي جون تصويري جهلڪيون آواز ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين ٽي وي جا نمائندا ساٿ ساٿ