
جڏهن ڪنهن به بادل، ولهاريون وسايون
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
جڏهن چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
جڏهن ڪنهن به ڪوئل اسر ويل ڳايو
تڏهن وِلهه ويتر وڇوڙو وڌايو
جڏهن ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جو ڀڄايون
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
جڏهن کيت ۾ ٻاجهرين سنگ واريا
جڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلاريا
جڏهن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
جڏهن تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو هو
تڏهن ڏور"آڪاش" ڪيڏو رُنو هو
جڏهن جيءَ جهورڻ هي آيون جدايون
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
_______
الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
”اسير امتياز“
انتهائي خوبصورت خيال ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو ڪافي عرصي کان پوء سرمد سنڌي جي آواز ۾ پرسڪون ماحول ۾ رات جي ان لمحي ٻڌڻ ۾ آيو جنهن لمحي خاص طور تي هلڪي ٿڌ، ڏکڻ جي هوا، چانڊوڪي، خاموشي جو خوف ۽ ان سان گڏ اڪيلائپ جو احساس بـ اتساهي رهيو هو. من ۾ مونجھارن جي موسم مري چُڪي هئي ڪوئل جي ڪوڪو سان گڏ ”جڏهن ڪنهن بـ بادل ولهاريون وسايون ، جڏهن ڪنهن بـ ڪوئل اسر ويل ڳايو“ جھڙا ذڪر ٿر جي مورن جھڙيون ٻوليون ٻورائيڻ جو سنهيو ۽ چنڊ جي چلولائين جو چهچٽو چوڌاري هوا سان هٿ ملائي رات جي خاموشي ۾ رقص ڪري رهيو هو تـ تمام گھڻي احساس سان گڏ ” هو“ بـ شدت سان ياد اچڻ لڳي هئي. ” جڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦولاريا“ جو پيغام پهچندو رهيو تـ ان سمي نـ صرف آڪاش جي خيال تي واتان واھ پئي نڪتي پر ان سان گڏ يادن جو طوفان بـ تيز بلڪل تيز اندر جي آسمان تي ڇانيل ئي رهيو. نـ چاهيندي بـ سنڌو جي ڪپ تي المنظر جي ڀر سان وڃايل حسرتن جا گلاب دل جي ڌرتيءِ تي ان مهل ٽڙي بيٺا هئا . درياءَ جي ڇولين جا ڇڇڪا هن جي اکين ۽ هٿن جا اشارا ڪنهن مقصد کان خالي ڪين هئا. گاڏين جي هارونن ۽ دونهي جي بدبوءِ
سان گڏ هن جي زلفن جي سڳند بـ ڪنهن هٺيلي جيان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا ذهن پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهئي هئي هر منظر جي پس منظر ۾ ڄڻ تـ ڪو خواب ڪنوارين اکين سان اسلارن جو ڪو اربيلو ۽ عجيب منظر تـ اهو المنظر پئي لڳو جنهن ڏينهن اتي ڪي جوڙا پئي آيا. ڄامشوري جون يادون هجن يا حسن جون هڳائون، ويڳاڻپ جو وقت هجي يا يونيورسٽي ڏانهن ويندڙ وکون، لمس جي ڏاڪڻن مان چڙهندڙ يا لهندڙ نظر ايندڙ نرسن جا نخرا هجن يا انهن جي هلڻ جي انداز جا عجيب منظر هجن، برف کان وڌيڪـ نازڪـ انهن جا ڳٽا جن تي کلڻ مهل چگھ پوندا هجن. انهن سڀني منظرن کان وڌيڪـ اهو منظر پئي لڳو جيڪو منهنجي اکين آڏو هيو. اکين آڏو هيو بـ ڇا؟ ڪجھ بـ نـ اهو ڪمال تـ انهن سٽن جو هيو جيڪي منهنجي اڳيان اهو منظر کڻي پئي آيون. نيڻن کان ناتو ڇنڻ جو ڏک هجي يا ڪنهن کان گھڻو دور ٿي وڃڻ ۽ ان دوري دوران ان جي جدائي ۾ اکين جا ڳوڙها ڳاڙڻ، مقصد الڳ الڳ ۽ بلڪل مختلف آهن.
سڌ نـ هئي تـ ڪو تصور ۾ بـ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي اڪيلو نـ پر هجومن ۾ شمار سمجھندو آهي، پر ان وقت نـ آءُ اڪيلو هيس نـ ئي هجومن ۾، نـ ڪنهن جو انتظار هيو نـ ئي هو اچڻ جو آسرو ڏئي وئي هئي، نـ ڪو غم هو نـ ئي ڪا خوشي نـ هو سامهو هئي نـ ڪوهين ڏور، نـ ئي چمين جي چپن تي رهجي ويل آلاڻ هئي ۽ نـ ئي چپ خشڪـ هئا نـ ئي مرڪي سگھيو هيس نـ ئي روئي سگھيو هيس نـ ئي ڀڻڪيو هيم نـ ئي آواز اُٿاريو هيم. سڀ ڪجھ سمجھي رهيو هيس پر پوءِ بـ ڪجھ بـ سمجھ ۾ نـ آيو، ڇا اهو ئي تصور هيو؟ تصور انهيءِ کي ئي چوندا آهن، ڪيترو وقت گذري ويو هو پر خبر ئي نـ پئي تـ ڪو وقت بـ گذري ويندو آهي، چانڊوڪي جا کنڀ بـ گسڻ وارا هئا اونداهي آکيرو اڏڻ لاءِ پنهنجو وجود پکيڙي رهي هئي، ڪجھ لمحا ئي مس گذريا هئا پر ڄڻ تـ صديون گذريون هيون، ڪوئل بـ ڪوڪو جا آلاپ وڃائي وڃي سُتي هئي، تارا آسمان جي ارھ تي اُڀري آيا هئا رات پنهنجي جواني گذاري پوڙهائپ جو احساس ڏياري رهي هئي، هن جي ادائن تي سوچڻ سان گڏ هن جي نگاهن تي بـ سوچيو هيم، سوچيو تـ آڪاش جي سٽن تي بـ هيم. ”الئي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون“ جو ان پل هن جون اکيون ياد آيون هيون.
پاڻيءِ جا ڍڪـ نڙيءِ مان لاٿا هيم ڄڻ زهر پيٽ ۾ پلٽيو هيم، ٺيڪـ ٺاڪـ هوندي بـ پنهنجو پاڻ کي لاعلاج محسوس ڪيو هيم ، يادن جو مرض وڪوڙي ويو هيم يا اڪيلائي جي ايڊز ۾ مبتلا هيم برھ جو مدي خارج بخار جسم جي سرحدن ۾ سياري جي ٿڌ وانگي ڪوهيڙي جي شڪل اختيار ڪري سوچن جي صبح کي ڌنڌلو بڻائڻ ۾ مصروف نظر آيو هيم. ڪيترو سوچيو هيم ان رات مون کي خبر نـ هئي تـ سرمد کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪو آئون سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي مرندس. خيالن جي واسينگن جي ور چڙهي ويو هيس. سڄو جسم ڏنگيل، سڄي جسم ۾ رت سان گڏ زهر ڊوڙڻ لڳو هو. ڪجھ لکڻ جو خيال ذهن تي تري آيو پر اهو بـ تڙپي تڙپي مري ويو هئو. پيار پريت واري جذبي تي فخر ڪرڻ لڳو هيس. شايد پوءِ خفا ٿي پيو هيس پنهنجو پاڻ کان، رات جي اونداهيءِ ۾ هر احساس اڌ مئو ٿي پيو هو، نـ ئي هو آئي هئي ۽ نـ ئي ان کي اچڻو هو بس سرمد سنڌيءِ جي آواز ۽ آڪاش انصاريءِ جي شاعري تي پنهنجو پاڻ کي رقص ڪندي محسوس ڪيم. هن کي شاعريءِ ئي سمجھي ٻڌڻ جو وچن ڪري ئي هوش ۾ آيو هيس خبر نـ آهي ڪهڙي ٽائيم نيڻن کي ننڊ پرچايو. ايترو ضرر ياد آهي تـ صبح جو هوش حواس هوندي بـ ڄڻ تـ بيهوش هيس. ذهن تي سرمد جو آواز ٻرندو رهيو موسيقيءِ سان من کي وندرائڻ جو احساس ان رات هن جي يادن جي ڪرامت بنجي مون لاءِ انتهائي خوبصورت اتفاق بيدا ڪيو هو. ۽ هاڻ جو ان کي ٻيو ڪجھ چوڻ بجاءِ موسيقي ئي کيس سڏيندو آهيان. اهو ضروري بـ آهي تـ مان هن جي سليڪشن صرف نظرن، يادگيرين ۽ تصورن ۾ ئي ڪري سگھيو آهيان شايد هو مون کان سواءِ ءِ آئون موسيقي کان سواءِ اڌورو آهيان، اسين اڌورا اڌورا رهڻ نـ ٿا چاهيون تنهن ڪري ئي مون کي ” الئي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.“
سنڌيانه ميگزين جي ويب تان ورتل