آڪاش انصاري الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    آڪاش انصاري

    جڏهن ڪنهن به بادل، ولهاريون وسايون
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
    جڏهن چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    جڏهن ڪنهن به ڪوئل اسر ويل ڳايو
    تڏهن وِلهه ويتر وڇوڙو وڌايو
    جڏهن ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جو ڀڄايون
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
    جڏهن کيت ۾ ٻاجهرين سنگ واريا
    جڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلاريا
    جڏهن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
    جڏهن تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو هو
    تڏهن ڏور"آڪاش" ڪيڏو رُنو هو
    جڏهن جيءَ جهورڻ هي آيون جدايون
    الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
    _______

    الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    ”اسير امتياز“


    انتهائي خوبصورت خيال ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو ڪافي عرصي کان پوء سرمد سنڌي جي آواز ۾ پرسڪون ماحول ۾ رات جي ان لمحي ٻڌڻ ۾ آيو جنهن لمحي خاص طور تي هلڪي ٿڌ، ڏکڻ جي هوا، چانڊوڪي، خاموشي جو خوف ۽ ان سان گڏ اڪيلائپ جو احساس بـ اتساهي رهيو هو. من ۾ مونجھارن جي موسم مري چُڪي هئي ڪوئل جي ڪوڪو سان گڏ ”جڏهن ڪنهن بـ بادل ولهاريون وسايون ، جڏهن ڪنهن بـ ڪوئل اسر ويل ڳايو“ جھڙا ذڪر ٿر جي مورن جھڙيون ٻوليون ٻورائيڻ جو سنهيو ۽ چنڊ جي چلولائين جو چهچٽو چوڌاري هوا سان هٿ ملائي رات جي خاموشي ۾ رقص ڪري رهيو هو تـ تمام گھڻي احساس سان گڏ ” هو“ بـ شدت سان ياد اچڻ لڳي هئي. ” جڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦولاريا“ جو پيغام پهچندو رهيو تـ ان سمي نـ صرف آڪاش جي خيال تي واتان واھ پئي نڪتي پر ان سان گڏ يادن جو طوفان بـ تيز بلڪل تيز اندر جي آسمان تي ڇانيل ئي رهيو. نـ چاهيندي بـ سنڌو جي ڪپ تي المنظر جي ڀر سان وڃايل حسرتن جا گلاب دل جي ڌرتيءِ تي ان مهل ٽڙي بيٺا هئا . درياءَ جي ڇولين جا ڇڇڪا هن جي اکين ۽ هٿن جا اشارا ڪنهن مقصد کان خالي ڪين هئا. گاڏين جي هارونن ۽ دونهي جي بدبوءِ
    سان گڏ هن جي زلفن جي سڳند بـ ڪنهن هٺيلي جيان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا ذهن پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهئي هئي هر منظر جي پس منظر ۾ ڄڻ تـ ڪو خواب ڪنوارين اکين سان اسلارن جو ڪو اربيلو ۽ عجيب منظر تـ اهو المنظر پئي لڳو جنهن ڏينهن اتي ڪي جوڙا پئي آيا. ڄامشوري جون يادون هجن يا حسن جون هڳائون، ويڳاڻپ جو وقت هجي يا يونيورسٽي ڏانهن ويندڙ وکون، لمس جي ڏاڪڻن مان چڙهندڙ يا لهندڙ نظر ايندڙ نرسن جا نخرا هجن يا انهن جي هلڻ جي انداز جا عجيب منظر هجن، برف کان وڌيڪـ نازڪـ انهن جا ڳٽا جن تي کلڻ مهل چگھ پوندا هجن. انهن سڀني منظرن کان وڌيڪـ اهو منظر پئي لڳو جيڪو منهنجي اکين آڏو هيو. اکين آڏو هيو بـ ڇا؟ ڪجھ بـ نـ اهو ڪمال تـ انهن سٽن جو هيو جيڪي منهنجي اڳيان اهو منظر کڻي پئي آيون. نيڻن کان ناتو ڇنڻ جو ڏک هجي يا ڪنهن کان گھڻو دور ٿي وڃڻ ۽ ان دوري دوران ان جي جدائي ۾ اکين جا ڳوڙها ڳاڙڻ، مقصد الڳ الڳ ۽ بلڪل مختلف آهن.

    سڌ نـ هئي تـ ڪو تصور ۾ بـ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي اڪيلو نـ پر هجومن ۾ شمار سمجھندو آهي، پر ان وقت نـ آءُ اڪيلو هيس نـ ئي هجومن ۾، نـ ڪنهن جو انتظار هيو نـ ئي هو اچڻ جو آسرو ڏئي وئي هئي، نـ ڪو غم هو نـ ئي ڪا خوشي نـ هو سامهو هئي نـ ڪوهين ڏور، نـ ئي چمين جي چپن تي رهجي ويل آلاڻ هئي ۽ نـ ئي چپ خشڪـ هئا نـ ئي مرڪي سگھيو هيس نـ ئي روئي سگھيو هيس نـ ئي ڀڻڪيو هيم نـ ئي آواز اُٿاريو هيم. سڀ ڪجھ سمجھي رهيو هيس پر پوءِ بـ ڪجھ بـ سمجھ ۾ نـ آيو، ڇا اهو ئي تصور هيو؟ تصور انهيءِ کي ئي چوندا آهن، ڪيترو وقت گذري ويو هو پر خبر ئي نـ پئي تـ ڪو وقت بـ گذري ويندو آهي، چانڊوڪي جا کنڀ بـ گسڻ وارا هئا اونداهي آکيرو اڏڻ لاءِ پنهنجو وجود پکيڙي رهي هئي، ڪجھ لمحا ئي مس گذريا هئا پر ڄڻ تـ صديون گذريون هيون، ڪوئل بـ ڪوڪو جا آلاپ وڃائي وڃي سُتي هئي، تارا آسمان جي ارھ تي اُڀري آيا هئا رات پنهنجي جواني گذاري پوڙهائپ جو احساس ڏياري رهي هئي، هن جي ادائن تي سوچڻ سان گڏ هن جي نگاهن تي بـ سوچيو هيم، سوچيو تـ آڪاش جي سٽن تي بـ هيم. ”الئي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون“ جو ان پل هن جون اکيون ياد آيون هيون.

    پاڻيءِ جا ڍڪـ نڙيءِ مان لاٿا هيم ڄڻ زهر پيٽ ۾ پلٽيو هيم، ٺيڪـ ٺاڪـ هوندي بـ پنهنجو پاڻ کي لاعلاج محسوس ڪيو هيم ، يادن جو مرض وڪوڙي ويو هيم يا اڪيلائي جي ايڊز ۾ مبتلا هيم برھ جو مدي خارج بخار جسم جي سرحدن ۾ سياري جي ٿڌ وانگي ڪوهيڙي جي شڪل اختيار ڪري سوچن جي صبح کي ڌنڌلو بڻائڻ ۾ مصروف نظر آيو هيم. ڪيترو سوچيو هيم ان رات مون کي خبر نـ هئي تـ سرمد کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪو آئون سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي مرندس. خيالن جي واسينگن جي ور چڙهي ويو هيس. سڄو جسم ڏنگيل، سڄي جسم ۾ رت سان گڏ زهر ڊوڙڻ لڳو هو. ڪجھ لکڻ جو خيال ذهن تي تري آيو پر اهو بـ تڙپي تڙپي مري ويو هئو. پيار پريت واري جذبي تي فخر ڪرڻ لڳو هيس. شايد پوءِ خفا ٿي پيو هيس پنهنجو پاڻ کان، رات جي اونداهيءِ ۾ هر احساس اڌ مئو ٿي پيو هو، نـ ئي هو آئي هئي ۽ نـ ئي ان کي اچڻو هو بس سرمد سنڌيءِ جي آواز ۽ آڪاش انصاريءِ جي شاعري تي پنهنجو پاڻ کي رقص ڪندي محسوس ڪيم. هن کي شاعريءِ ئي سمجھي ٻڌڻ جو وچن ڪري ئي هوش ۾ آيو هيس خبر نـ آهي ڪهڙي ٽائيم نيڻن کي ننڊ پرچايو. ايترو ضرر ياد آهي تـ صبح جو هوش حواس هوندي بـ ڄڻ تـ بيهوش هيس. ذهن تي سرمد جو آواز ٻرندو رهيو موسيقيءِ سان من کي وندرائڻ جو احساس ان رات هن جي يادن جي ڪرامت بنجي مون لاءِ انتهائي خوبصورت اتفاق بيدا ڪيو هو. ۽ هاڻ جو ان کي ٻيو ڪجھ چوڻ بجاءِ موسيقي ئي کيس سڏيندو آهيان. اهو ضروري بـ آهي تـ مان هن جي سليڪشن صرف نظرن، يادگيرين ۽ تصورن ۾ ئي ڪري سگھيو آهيان شايد هو مون کان سواءِ ءِ آئون موسيقي کان سواءِ اڌورو آهيان، اسين اڌورا اڌورا رهڻ نـ ٿا چاهيون تنهن ڪري ئي مون کي ” الئي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.“

    سنڌيانه ميگزين جي ويب تان ورتل
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    سٺي تحرير آهي

    جڏهن جيء جهورڻ هي آيون جدايون
    الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    آڪاش انصاريء جي تمام سهڻي شاعري
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    بهترين سائين سليمان وساڻ صاحب۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    واه لاجوب پسند آهي

    جڏهن جيء جهورڻ هي آيون جدايون
    الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    اک اک سان رکي ياري دل دل سان ڳنڍيو ناتو

    توهان جي چونڊ ء ڊزائين به لاجواب آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    مهرباني سائين
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون


    الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    جڏهن به اکڙين جو ذڪر نڪرندو آهي، نيڻن جي پرچار ٿيندي آهي ته منهنجي حالت به هوبهو ”اسير امتياز“ جهڙي ٿي پوندي آهي ۔۔۔ پولارن ۾ گم ٿي ويندو آهيان، هجوم ۾ اڪيلائي محسوس ڪندو آهيان، اکڙين ذريعي پيتل اهي وهه پيالا ياد ايندا آهن، جڏهن محبوب کڻي کوڙيندو هو ۔۔۔

    سائين آڪاش انصاري به عشق مجاز کي ائين ٿو ڳائي ڄڻ منهنجي هن مريضِ عَشقَ جي دل مان ڪا صدا نڪرندي هجي ۔۔۔

    مٿان وري ادو سليمان الائجي ڪٿان ظالم قسم جي شاعري کڻي اچي اسانجي مرڻ جا سامان ڪٺي ڪري ۔۔۔ پاڻ تي ته الائجي ڪي اثر اٿس الائجي نه پر اسانجا لاهه پٽيو ڇڏي۔

    بس ڙي يارو ۔۔۔ دل ۾ عشق جي باهه به عجيب هوندي آهي نه اي سي جي ڪرڻ سان ڊاڪٽرن کي ڪا خبر پوندي آهي نه طبيبن جي تپاس سان ڪو پتو پوندو آهي، خبر تڏهن پوندي آهي جو همراهه ٿڌو ٿي ويندو آهي ۔۔۔

    يارو! دعا ڪريو ته هن مريض کي به شفا ملي ۔۔۔

    پـــل پـــــل ٿــــي پليانس، پلـــڪ نه رهي پريـــــن ري،
    جئن جهوريکان جهليانس، جهڄيو تئن جهوري پوي۔
    رپ ۔۔۔ لطيف
     
  7. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي
    ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي۔۔۔


    سائين واهه واهه لاجواب تمام بهترين شاعري ۽ ان سان گڏ اوهان جي سڻي ڊزائين۔۔
    اڄ واقعي يادون به تازا ٿي ويون۔۔
    مهربانيون۔۔
    الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون۔۔۔

    سائين نثار چواڻي ته ٿورا ناهن ٿورا۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    ادا عاشق مهرباني

    مان سمجهان ٿو هي ڌاڳو پڙهڻ کانپوء عاشق ته الئي ڪهڙي پولارن ۾ گم هوندا

    آڪاش انصاري به دلين جون ڳالهيون ڪري ويو آهي
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون


    ابا سائين نثار ابڙي جي انهن لفظن تي غور ته ڪر جاني يار ڇو جهونن جي ڪڍ پيو آهين. سائين نثار شڪر آهي ته ادي سليمان کي بس اکيون ياد آيون ۽ اها شئي ونڊ ڪيائين پي اڃا گهڻو ڪجه ياد اچڻ لاء باقي هو اتي ئي اڪتفا ڪيائين اها به سهڻي جي مهرباني ۔۔۔۔۔
     
  10. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    بهترين سائين سليمان وساڻ صاحب۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    مهرباني ادا عرس

    يار استاد ته استاد آهي پر اوهان کي به اهو عرض ته استاد جي سحر کان نڪري سنڌ جي ٻين شاعرن کي به پڙهو ۽ هتي شيئرنگ ڪيو۔ اشتياق انصاري جي واقعي خوبصورت شاعري آهي ۽ ادا رضوان جا ڏنل رنگ به ڪو گهٽ ڪونهن۔

    اياز جون ڪجه سٽون پيش آهن


    اوھانجي اکين جام ميءِ مان نھاريو
    اسان چوٽ کائي کڻي جام ھاريو
    ڪڏھن حسن گل مان ڏسو جھاتي پائي
    ڪڏھن رات جو چنڊ جو روپ ڌاريو
    اچو منھنجا سائين! اچو منھنجا سائين!
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    سائين نثار مهرباني

    ڪجه ڏينهن اڳ منهنجو سي ويو وڃڻ ٿيو هو ۽ موسم به ڪجھ عاشقانه هئي۔ مان پنهنجي خيالن جي پولار ۾ ويٺو هوس ته منهنجي ڀر مان بيٺل ڪار مان ٻه نوجوان سنڌي جوڙا ٻاهر نڪتا ۽ سندن ڪار جي اسپيڪر مان وڏي آواز ۾ سرمد جي آواز ۾ چيل آڪاش انصاريء جو اهو گيت ٻڌم۔

    ڪجه ئي لمحن ۾ اها ڪار ۽ ان ۾ آيل ماڻهو ته هليا ويا پر مان سوچن جي گهري سمنڊ ۾ هليو ويس، سامهون نظر ايندڙ سمنڊ بدران مونکي ان وقت خيرپور جا اهي گرم ڏينهن ياد اچي رهيا هئا جن ۾ مينهن جي پوڻ کانپوء اسان يونيورسٽيء جي ڪلاسن مان نڪري ڪينٽين جو رخ ڪندا هئاسون ۽ چانه ۽ سموسن سان گڏ ڪچهريون ٿينديون هيون۔ وري اتان منهنجون سوچون ٿيڙ کائي ٻيهر ڪراچي جي ساحل تي موجود بنگلن ۽ عاليشن عمارتن ڏانهن کڄي ويون ۽ پوء منهنجي دوست مونکي سڏ ڪري چانھ جو ڪپ هٿ ۾ ڏنو ۽ ان طرح يادن جو سلسلو ٽٽي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پوء گهر پهچي مون هي ٿريڊ لکيو ۽ دوستن سان ونڊ ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔

    رب پاڪ اوهان کي خوش رکي ۽ اوهان کي صحتِ ڪامله عطا ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔آمين ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    مهرباني ادا

    بادل هجن ، يادگيريون هجن ته اهڙا ئي ٻول ٺهندا آهن جهڙا اشتياق انصاري ٺاهيا آهن۔

    سائين رضوان گل جي بهترين ڊزائن ڪيل آهي
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    يار علي سائين نثار جو حڪم اکين تي

    مان اڄ ڪابه شاعري ونڊ ڪونه ڪئي آهي۔ تيستائين ڪونه ڪندس جيستائين سائين نثار پاڻ نه چوي۔

    باقي يار علي اکين ۾ ئي سڀ ڪجه سمايل آهي ۔۔۔۔

    اتي ئي آهين ، جتي اوهان ڇڏيون
    اکيون عبداللطيف چوي ماڳ نه مٽائين
    جي ٻئي در واجهائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    اابا ائين نه ڪر يار ضد تان لهي پئه بابا اوهان استاد جي شاعري کان وٺي هرشاعري شيئر ڪيو بابا مڙي پئه هاڻي لهي وڃ ضد تان باقي سائين نثار کان به اوهان کي چورايون ٿا ۔۔

    ادا سڀ ڪجه اکين ۾ ئي ته آهي ان ڪري اسان ٻن ٻن ڪلو جا چشما پايون ٿا وتو ن . اوهان جي ڳاله بلڪ درست آهي بابا
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    ادا مهرباني

    اوهان کي ليک وڻيو ، اسان ڪامياب ٿياسون
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    يار علي اسان وري ڪهڙي ضد ڪنداسون سا به سنڌ سلامت وارن سان

    سائين شاعري في الحال روڪي ڇڏي آهي جيسين سائين نثار جي دل بلڪل تواني ٿي

    پوء جام شاعري ونڊ ڪبي۔ باقي في الحال بريڪ لڳل آهي يار
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    ابا وتايي فقير جي ڳالهه وانگر جيڪا سنگت جي صلاح ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  19. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    لاجواب سائين
     
  20. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

    ادا وساڻ منهنجي شهر بدين جو آڪاش صاحب صرف هي هڪ خوبصورت شاعر نه پر هڪ محنت ڪش ۽ سماجي تنظيمن سان تعلق رکندي هتي جي ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو