• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڪاش انصاري الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

يار علي اسان وري ڪهڙي ضد ڪنداسون سا به سنڌ سلامت وارن سان

سائين شاعري في الحال روڪي ڇڏي آهي جيسين سائين نثار جي دل بلڪل تواني ٿي

پوء جام شاعري ونڊ ڪبي۔ باقي في الحال بريڪ لڳل آهي يار

پيارا دوست وساڻ، مون سمجهيو ته ڀوڳ ٿو ڪرين، نه يار اوهان شاعري ونڊ ڪريو ۔۔۔ اوهانجي ونڊ ڪيل شاعريءَ ۾ پيار ۽ عشق ۽ محبوب جي انگن اکرن جي شاعري هوندي آهي، جيڪا روح کي راحت ڏيندي آهي ۔۔۔ دل جو ڇا آهي؟ دل ته چري آهي۔ مرضي پويس ته تيز ڌڙڪي مرضي پويس ته نه ۔۔۔

اوهان شاعري ضرور ونڊ ڪريو ۔۔۔

آءُ به چوان ته اڄڪلهه اوهان جا مقالا سٺا ٿيندا وڃن ۔۔۔ مختصر ڪهاڻيون پڻ نکرجنديون وڃن ۔۔۔ جيڪڏهن شاعري بند ڪرڻ سان ائين ٿيو آهي ته سٺو ٿيو آهي ۔۔۔

دوستن جي دوستي تان نثار
 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

سڌ نـ هئي تـ ڪو تصور ۾ بـ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي اڪيلو نـ پر هجومن ۾ شمار سمجھندو آهي، پر ان وقت نـ آءُ اڪيلو هيس نـ ئي هجومن ۾، نـ ڪنهن جو انتظار هيو نـ ئي هو اچڻ جو آسرو ڏئي وئي هئي، نـ ڪو غم هو نـ ئي ڪا خوشي نـ هو سامهو هئي نـ ڪوهين ڏور، نـ ئي چمين جي چپن تي رهجي ويل آلاڻ هئي ۽ نـ ئي چپ خشڪـ هئا نـ ئي مرڪي سگھيو هيس نـ ئي روئي سگھيو هيس نـ ئي ڀڻڪيو هيم نـ ئي آواز اُٿاريو هيم. سڀ ڪجھ سمجھي رهيو هيس پر پوءِ بـ ڪجھ بـ سمجھ ۾ نـ آيو، ڇا اهو ئي تصور هيو؟ تصور انهيءِ کي ئي چوندا آهن، ڪيترو وقت گذري ويو هو پر خبر ئي نـ پئي تـ ڪو وقت بـ گذري ويندو آهي

سائين جهڙو نثر لکيل آهي ان کان به سهڻي شاعري اشتياق انصاري جي

دل خوش ٿي وئي
 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

اکيون آروء ن اکيون اِ لتجائون ، اکيون يار تنھنجون صدين جون صدائون ،
سائين سڄو ڪم اکين ڳورين جو ھوندو آھي ؟ دل سڳوري ته خوامخواه بدنام ھوندي آھي۔
 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

ادا سليمان بهترين احساسن جي لفظي مجموع (شاعري)جيڪا محترم آڪاش انصاري جي تخليق آهي ۽ ان تي محترم اسير امتياز جو تبصرو هن فورم تي پيش ڪري هڪ تعريف جهڙو عمل ڪيو اٿئو۔ڏاهن جي بقول هر انسان جي اندر هڪ ٻار لڪل هوندو آهي پر اسان ان ۾ اضعافو ٿا ڪيون ته ٻار سان گڏ هڪ شاعر به لڪل هوندو آهي جيڪو پنهنجي احساسن جي ترجماني ڪڏهن نثر ۾ ته ڪڏهن نظام ۾ ڪندو آهي ۔نثر واري ترجماني ادب ۾ شمار ٿيندي ۽ نثر واري شاعري ۾۔سدائين خوش رهو۔​
 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

پيارا دوست وساڻ، مون سمجهيو ته ڀوڳ ٿو ڪرين، نه يار اوهان شاعري ونڊ ڪريو ۔۔۔ اوهانجي ونڊ ڪيل شاعريءَ ۾ پيار ۽ عشق ۽ محبوب جي انگن اکرن جي شاعري هوندي آهي، جيڪا روح کي راحت ڏيندي آهي ۔۔۔ دل جو ڇا آهي؟ دل ته چري آهي۔ مرضي پويس ته تيز ڌڙڪي مرضي پويس ته نه ۔۔۔

اوهان شاعري ضرور ونڊ ڪريو ۔۔۔

آءُ به چوان ته اڄڪلهه اوهان جا مقالا سٺا ٿيندا وڃن ۔۔۔ مختصر ڪهاڻيون پڻ نکرجنديون وڃن ۔۔۔ جيڪڏهن شاعري بند ڪرڻ سان ائين ٿيو آهي ته سٺو ٿيو آهي ۔۔۔

دوستن جي دوستي تان نثار

سائين نثار مهرباني

واقعي اوهان جي دل جو خيال پيو ڪيان ته ڪٿي پهرين جهاز ۾ واپس سچل ڳوٺ لاء روانا نه ٿي وڃو۔ تنهنڪري شاعري ونڊ ڪرڻ کان پاسو پيو ڪيان پر ان جي جاء تي ڪجه ڪم وارا ليک لکڻ جي ڪوشش پيو ڪيان۔ اوهان کي اهي ڪوششون وڻيون ، مهرباني۔ ڪوشش ڪبي ته ڪجه بهتر ڪم ڪيون۔

رب اوهان کي خوش رکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعائن ۾ ياد رکجو
 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

ادا سليمان بهترين احساسن جي لفظي مجموع (شاعري)جيڪا محترم آڪاش انصاري جي تخليق آهي ۽ ان تي محترم اسير امتياز جو تبصرو هن فورم تي پيش ڪري هڪ تعريف جهڙو عمل ڪيو اٿئو۔ڏاهن جي بقول هر انسان جي اندر هڪ ٻار لڪل هوندو آهي پر اسان ان ۾ اضعافو ٿا ڪيون ته ٻار سان گڏ هڪ شاعر به لڪل هوندو آهي جيڪو پنهنجي احساسن جي ترجماني ڪڏهن نثر ۾ ته ڪڏهن نظام ۾ ڪندو آهي ۔نثر واري ترجماني ادب ۾ شمار ٿيندي ۽ نظم واري شاعري ۾۔سدائين خوش رهو۔​

سائين ميمڻ صاحب اوهان جا ٿورا

آڪاش جي هي شاعري ئي اهڙي آهي جو ماڻهو سوچن جي ساگر ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ من بي چين ٿي ويندو آهي۔

مونکي تمام گهڻي خوشي ان ڳاله جي آهي ته اوهان ماشاء الله تمام بهترين ۽ ادبي سنڌي لکي رهيا آهيو ، سچ پڇو ته مان گهڻو خوش آهيان۔

لک قرب اوهان جي قيمتي راين ڏيڻ جا
 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

اکيون آروء ن اکيون اِ لتجائون ، اکيون يار تنھنجون صدين جون صدائون ،
سائين سڄو ڪم اکين ڳورين جو ھوندو آھي ؟ دل سڳوري ته خوامخواه بدنام ھوندي آھي۔

اوهان بلڪل سچ فرمايو آهي

پر سائين اکين کي به ته دل ئي آماده ڪندي آهي
 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

ان ئي شاعريء جو وڊيو پيش آهي

شاعري آڪاش انصاري

آواز سرمد سنڌي

 
جواب: الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ساڳي شاعري ديبا سحر جي آواز ۾

 
Back
Top