هاڻ اجتمائي دُعائن پنڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان هاڻ هن ڪرهت آميز، نفسانفسي دئور مان پار اُڪري اچون سنڌين لا هاڻ اجتمائي دُعائن پنڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان هاڻ هن ڪرهت آميز، نفسانفسي دئور مان پار اُڪري اچون، ڇو جو بزرگن جون پيشنگويون "اڙي سنڌُڙي توکي ڪابل کان لوڏو" جون صدائون سچ ويجهو پُهچي رهيون آهن، سنڌ سماج مُعاشي بدحالي ، وڏيرا شاهي،جاگير پرستي ذات پرستي ، ۾زهب پرستي ڪري نسل ڪشي طرف وڌندو وڃي، ۽ ايڏي ته بدحالي اچي چُڪي اهي جو هر ڪنهن جو شڪار پئي ڪري ۽ سنڌ ۾ٻه نوان تبقا پئدا ٿي رهيا آهن هڪڙا اُهي جيڪي امير ترين هُئا آهن ۽ٿيندا وڃن. ٻيا اُهي جيڪي غربت جي سيڪڙو ليول تي پُهچي چُڪا اهن، ماڻهو اولاد کپائڻ ۽ خودڪشين ڪرڻ تي آماده پيو ٿئي، هاڻ جهالت جي دئور ۾ وري داخل ٿيندا وڃن، پٿر جي دئورن ۾ نياڻين کي ڪُچلي ماريندا هُئا ۽ هاڻ ڇا نياڻي پر هر ٻار، ننڍڙو، وڏڙو اولاد کي وڪڻڻ، قتل ڪرڻ يا خودڪشي ڪرڻ تي هيجانيت جو شڪار آهي ۽ سنڌي جي گهر ۾ ته بُک ، لاچاري، مُفلسي، بيروزگاري واڪا پئي ڪري ۽ ڪو درد ڏسڻ وارو يا مرهم رکڻ وارو ناهي، هرڪو هنن جي مجبورين کي چند ڏينهن لا اچي ڪيش ڪري پنهنجي راه تي رڙهندو وڃي۔ وچان وري ٻيو انقلاب جو نعرو پيو اچي ۽ الاهي غيرتمند ۽ غيور سنڌي بيروزگاري، مُفلسي، نا انصافي، ڪري آهستي آهستي اوڏانهن لاڙو ڪندي پيا ڏسجن جتي کين بندوق جي زور تي سهي پر تحفظ جي يقين دهاني پئي ڪرائجي، علم ۽ علم جا ادارا، ڳرين فين ۽ خرچن جي ڪري سنڌي نسل کا موڪلائي رهيا آهن جنهنجا نتيجا جاهليت، غُنڊ گردي، ٻئي جي مال ڦٻائڻ ۾ ڪا به شرمندگي نه هئڻ ۾ وڌي رهي آهي۔ غربت جي وڪجڻ جا دهشت گردن طرفان ٻه نعرا پيا اچن هڪڙا ڪابل کان مذهب جي نالي تي جنهن جي پيشنگوئي ٿيل اهي، ٻيا شهرن ۾ سماجي ورڇ جي نالي تي، ٻنهين جڳهين تي جام پئسو ۽ لالچون ته آهن جيڪو غيور سنڌين کي للچائي راغب ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪي گهٽ قُوت ۽ مُدافعت ۽ گهڻي سماجي بدحالي وارا راغب ٿي به چُڪا اهن ۽ جي پو به سنڌ جا دانشور ۽ ڏاها رنڊڪون وجهڻ لا تيار ناهن ۽ اڃا ڪامورن ۽ وسندي وارن جي پوڇن ۾ لٽڪي اڳتي وڌيا ته سنڌ سموري غرق ٿي سگهي ٿي ۽ ماڻهون ماڻهون ڪي مِرُن وانگر ڇيهو رسائي سگهي ٿو۔ عالمن کان اجتمائي دُعا ضرور گهُرائجو ته جيئن سنڌي ايندڙ مصيبتن ۽ پنهنجي وُجود جي خاتمي کان بچي سگهي۔ (الله ائين ڪڏنهن نه ڪري) آمين ثُم آمين۔
جواب: ماڻهو اولاد کپائڻ۽خودڪشين ڪرڻ تي آماده پيوٿئي ڇا هاڻ جهالت جي دئور ۾ وري داخل ٿ [justify]ادا هي دور نفسا نفسي جو ٿيندو پيو وڃي، هاڻ ڪو به حادثو يا ڪا به ڳالهه انسان هڪ ڪن مان ٻڌي پيو ۽ ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي ٿو، ايتري قدر جو مان اهو رجحان به ڏسان پيو ته پاڙي جي هڪ ئي گهر ۾ فوتگي ٿي وئي جنازو پيو آهي ته وري ٻئي گهر ۾ شادي جون خوشيون، طبل ۽ شادمانا آهن۔۔۔ وڏڙا چون ٿا ته اڳي ورلي ڪو ٻڌندا هئاسين ته ڪو حادثو ٿيو آهي يا ڪو ماڻهو فوت ٿيو آهي، ۽ اهڙي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ماني به نه وڻندي هئي پر اڄ ڪلهه ڄڻاهو هڪ عام رجحان ٿي ويو آهي۔۔ ڪنهن جي فوتگيءَ جو، حادثي جو يا الميئ جو ٻڌون ٿا، ٿوڙي دير افسوس ڪيون ٿا ۽ پنهنجي ڪم کي لڳي وڃون ٿا، اسان سڀني مان اجتماعي حقيقت پسنديءَجو مادو نڪرندو پيو وڃي۔ هاڻي پاڻکي تڪليف اچي ٿي ته سمجهون ٿا سڄو جهان تڪليف محسوس ڪري ۽ جيڪڏهن پاڻخوش آهيون ته چاهيون ٿا ته سڄو جهان خوش ڏسڻ۾اچي ۽ خوشيون ملهائي، اسان ٻئي ڪنهن جو درد ونڊڻجي ڳالهه نه ڪندا آهيون۔۔ ٻئي ڪنهن کي آٿت ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿا سوچون۔۔[/justify]