• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نائين زيرو خيرات وٺڻ نه پر ڪجهه ڏيڻ ويندو آهيان : ذوالفقار مرزا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2nresza.jpg



نائين زيرو خيرات وٺڻ نه پر ڪجهه ڏيڻ ويندو آهيان، وڌيڪ ڏيڻ جي ضرورت پئي ته ويندس:ذوالفقار مرزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته هو نائن زيرو خيرات وٺڻ لاءِ نه ويو هو، پر ڏيڻ ويو هو ۽ وري به ضرورت ٿي ته نائن زيرو وڃي ڪجهه ڏئي ايندس. هن چيو ته سڀن کي خبر آهي ته اهي ڪير هئا جن صدر آصف علي زرداري کي عدالت ۾ پيرن تي هٿ رکي معافي ورتي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سي ايم هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي پي او ڪراچي فياض لغاري کي آءِ جي بڻايو ويندو. ٻن ڏينهن اندر نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پيپلز امن ڪميٽي پوليس سان گڏ لياري ۾ تعاون ڪيو آهي. هو ڀتا خوري ۽ قتل عام ۾ ملوث ناهن. ڪجهه گينگ آهن، جيڪي فون ڪري واپارين کان ڀتا وٺن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي پيپلز پارٽي جو جهنڊو کڻي ويو، جنهن تي سندس ڀرپور استقبال ٿيو، هو پيپلز پارٽي ۾ هو ۽ آهي اميد ٿو ڪريان ته هو پيپلز پارٽي ڇڏڻ جهڙي غلطي نه ڪندو. هن چيو ته جيڪي پارٽي ڇڏي ويا، انهن جو استقبال سڀن ڏٺو آهي. هن چيو ته اسان شهيد ڀٽو جو جهنڊو کڻي نعرو هڻندا آهيون ته ماڻهو چرين وانگر اسان جي پويان ايندا آهن. هن چيو ته شاهي سيد دوست آهي.
 
جواب: نائين زيرو خيرات وٺڻ نه پر ڪجهه ڏيڻ ويندو آهيان : ذوالفقار مرزا

سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته هو نائن زيرو خيرات وٺڻ لاءِ نه ويو هو، پر ڏيڻ ويو هو ۽ وري به ضرورت ٿي ته نائن زيرو وڃي ڪجهه ڏئي ايندس. هن
ادا تمام زبردست
 
جواب: نائين زيرو خيرات وٺڻ نه پر ڪجهه ڏيڻ ويندو آهيان : ذوالفقار مرزا

وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته کيس خيرات ڏيڻ لا۽ به وڃڻو پوي ٿو پر اسان کي خيرات گهربي آهي به نه ٿو ڏئي

باقي انهن کي ڀوتارن کي ته وڃي خيرات ڏئي ٿو اچي

شابس اٿئي ادا

پر هڪ ڳالهه جو وري به کيس سلام آهي ته هر ڀيري سندس طرفان ڪو نه ڪو اهڙو بيان ضرور
هوندو آهي جو ڀوتارن کي ڪاوڙائيندو آهي باقي ٻيا ته ...................

مهرباني وساڻ وساڻ صاحب

سدائين گڏ
 
جواب: نائين زيرو خيرات وٺڻ نه پر ڪجهه ڏيڻ ويندو آهيان : ذوالفقار مرزا

سائين ذوالفقار مرزا سان ويجهو رهندڙن ۾ هڪ منهنجو مائٽ‌ به آهي۔۔۔ سندس چوڻ آهي ته ذوالفقار مرزا نيت جو تمام ڀلو آهي، جيڪو ساڻس چڱي طرح پيش اچي ٿو ان جي لاءِ‌پنهنجي جان به حاضر ڪريو ڇڏي۔۔ پر جيڪڏهن ڪنهن کي غلط ڪم ۾ ملوث ڏسندو ته ان کي رُلائي ماريندو آهي۔۔۔
 
Back
Top