
نائين زيرو خيرات وٺڻ نه پر ڪجهه ڏيڻ ويندو آهيان، وڌيڪ ڏيڻ جي ضرورت پئي ته ويندس:ذوالفقار مرزا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته هو نائن زيرو خيرات وٺڻ لاءِ نه ويو هو، پر ڏيڻ ويو هو ۽ وري به ضرورت ٿي ته نائن زيرو وڃي ڪجهه ڏئي ايندس. هن چيو ته سڀن کي خبر آهي ته اهي ڪير هئا جن صدر آصف علي زرداري کي عدالت ۾ پيرن تي هٿ رکي معافي ورتي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سي ايم هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي پي او ڪراچي فياض لغاري کي آءِ جي بڻايو ويندو. ٻن ڏينهن اندر نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پيپلز امن ڪميٽي پوليس سان گڏ لياري ۾ تعاون ڪيو آهي. هو ڀتا خوري ۽ قتل عام ۾ ملوث ناهن. ڪجهه گينگ آهن، جيڪي فون ڪري واپارين کان ڀتا وٺن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي پيپلز پارٽي جو جهنڊو کڻي ويو، جنهن تي سندس ڀرپور استقبال ٿيو، هو پيپلز پارٽي ۾ هو ۽ آهي اميد ٿو ڪريان ته هو پيپلز پارٽي ڇڏڻ جهڙي غلطي نه ڪندو. هن چيو ته جيڪي پارٽي ڇڏي ويا، انهن جو استقبال سڀن ڏٺو آهي. هن چيو ته اسان شهيد ڀٽو جو جهنڊو کڻي نعرو هڻندا آهيون ته ماڻهو چرين وانگر اسان جي پويان ايندا آهن. هن چيو ته شاهي سيد دوست آهي.