پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري گڏ کيڏي رهيا هئا، ڇوڪري وٽ تمام سهڻا بلور (چدا) هئا ...
    ڇوڪريءَ وٽ ڪجهه سٺا کٽمٽڙا هئا

    ڇوڪري چيو ڇوڪريءَ کي ته هو کيس پنهنجا سڀ بلور ڏئي ڇڏيندو جيڪڏهن هوءَ کيس پنهنجي سموري مٺائي يا کٽمٽڙا ڏيندي ته؟

    ڇوڪريءَ کي اها شرط پسند آئي.

    ڇوڪري ڇا ڪيو جو پنهنجا سهڻا ۽ وڏا بلور لڪائي ڇڏيا ۽ باقي ڇوڪريءَ کي ڏئي ڇڏيا ۽ ڇوڪريءَ پنهنجي سموري مٺائي ڇوڪري کي ڏئي ڇڏي جيئن هُن واعدو ڪيو هو.

    ان رات، ڇوڪريءَ تمام سٺي ننڊ ڪئي

    پر ڇوڪرو ننڊ نه ڪري سگهيو ۽ سڄي رات اها ڳالهه سوچيندو رهيو ته شايد ڇوڪريءَ به سٺيون مٺايون لڪائي ڇڏيون هونديون جيئن هن پنهنجا سٺا بلور لڪائي ڇڏيا هئا ۽ اهو سوچي سوچي کيس سڄي رات ننڊ نه آئي.
    ****************
    اخلاقي سبق
    ***************
    جيڪڏهن اوهان پنهنجن رشتن ۾ سئو سيڪڙو سچائي نه ڏيکاريندا ته هميشه اوهانکي به اهو شڪ رهندو ته اوهان جا رشتيدار پڻ اوهان سان سچا ناهن، بيشڪ اهي اوهانکي سئو سيڪڙو پنهنجي سچائي ڇون ڏيکارن
    ..
    اها ڳالهه اوهانجي سڀني رشتن سان لاڳو ٿئي ٿي، جيئن پيار، نوڪر يا مالڪ جو رشتو يا ڪو به ٻيو رشتو، اوهان سچائيءَ سان سئو سيڪڙو پنهنجي طرفان صاف هجو ۽ سڪون جي ننڊ ڪريو.
    [/justify]
     
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    ادا ابڙا صاحب تمام بهترين سمجهاڻي آهي۔​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    مهرباني سائين نثار

    اسلام ۾ سچائي کي اوليت حاصل آهي، اهو ماڻهو جيڪو پاڻ سچار ناهي ان لاء سموري دنيا ايئن هوندي آهي جيئن هو پاڻ۔ سچائيء جو رستو ڪاميابي ڏانهن ويندو آهي۔ چوندا آهن ته

    سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي پر ٻڏندي ناهي يا وري سچ ته بيٺو نچ ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ

    لک مهربانيون جو اوهان سهڻو ليک ونڊ ڪيو
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    واھ....سائين سهي ۽ حقيقت...ان جو اهو به مطلب آهي ته ماڻهو سٺو پاڻ ٿئي....پوءِ ان ماڻهو کي سڀ دوست رشتيدار....سٺا لڳندا.
    جيڪڏهن ماڻهو پاڻ خراب آهي ته ان کي سڀ ماڻهو پاڻ جهڙا لڳندا.
    سٺي سبق آميز ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ جي مان اوهان جو ٿورائتو آهيان...اُميد ته اهڙيون سبق آميز..ڪهاڻيون ونڊ ڪندا رهندا..جيئن اسان انهن ڪهاڻين مان ڪجھ سبق پرائي سگهون.ٿورائتو
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    [justify]ادا نثار ابڙا تنهنجو هي ليک سون جي مس سان لکي دل ۾ سانڍڻ جهڙو آهي، پر يار هي دنيا وڏي دورنگي آهي ، هن ڪهاڻي ۾ ته ڏيتي ليتي جي ڳالهه آهي پر دوست هتي ته هرڪو ٻي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، بلڪل ائين پيو سوچيندو آهي ته اسان جي مولا پُڄائي ۽ ٻي جِي وٺ ما کي ، هتي ته اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن آئون توهان ڏانهن اچان ته مونکي توهان ڇا ڏيندا ۽ جيڪڏهن توهان مون وٽ آيا ته توهان مونکي ڇا ڏئي ويندا، ڀائو ماٺ اٿئي ڀلي، ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي وئي آهي۔ مهربانيون آهن توهان جون جو مڙئي اکيون کولڻ جهڙيون ڳالهيون اسان اکين پوريل ماڻهن سان ونڊ ڪري منصوري پر مڙئي پارين پيو۔[/justify]
     
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    ابڙا صاحب تمام سٺي سمجهاڻي آهي۔
    پر هتي اسان وٽ رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا۔
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    ادا نثار آبڙو صاحب۔نصحيت ۽ سبق آموز پيغام ڏنو اٿئو۔ريسپڪٽ ۽ سينسيرٽي ريسوپروڪل آهي۔جيڪڏنهن توهان کي ڪنهن شخص کان ڪو ذاتي عناد آهي ته توهان ڏسندا ته هُن ماڻهون کي توهانجي لاء ساڳئي فيلنگ پنهنجي دل ۾ هوندي۔دل جنهن ۾ آلله پاڪ رهندو آهي انکي ڪوڙ ،دوکي،فريب۽ به وجه ڪاوڙ يا غصي سان زنگ نه لڳائي جي۔جنهن جي دل جو آئينو صاف هوندو آهي۔هو پنهنجي منزل کي رسندو آهي۔باظاهر ڪجه مصبيتون کي منهن ڏيندو آهي پر منزل هن جو انتظار ڪندي۔تمام زبردست توهان جا ويچار آهن انهن کي جاري رکو۽ اسان کي پنهنجي دعائون ۾ شامل رکو
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو

    سبحان الله ادا نثار ابڙا صاحب اوهان جي ليک ۾ حقيقت سمايل آهي ، واقعي انسان جئين پاڻ هوندو آهي ته وري ٻين کي به ائين ئي سمجنهدو آهي ، الله تعالا اسان کي مثبت سوچ ۽ فڪر ڏي ۽ سهڻو اخلاق پڻ ۔ مهرباني اهڙي سهڻي ونڊ لا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو