نثارابڙو
نائب منتظم
پنهنجن رشتن ۾ سچائي پئدا ڪريو
هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري گڏ کيڏي رهيا هئا، ڇوڪري وٽ تمام سهڻا بلور (چدا) هئا ...
ڇوڪريءَ وٽ ڪجهه سٺا کٽمٽڙا هئا
ڇوڪري چيو ڇوڪريءَ کي ته هو کيس پنهنجا سڀ بلور ڏئي ڇڏيندو جيڪڏهن هوءَ کيس پنهنجي سموري مٺائي يا کٽمٽڙا ڏيندي ته؟
ڇوڪريءَ کي اها شرط پسند آئي.
ڇوڪري ڇا ڪيو جو پنهنجا سهڻا ۽ وڏا بلور لڪائي ڇڏيا ۽ باقي ڇوڪريءَ کي ڏئي ڇڏيا ۽ ڇوڪريءَ پنهنجي سموري مٺائي ڇوڪري کي ڏئي ڇڏي جيئن هُن واعدو ڪيو هو.
ان رات، ڇوڪريءَ تمام سٺي ننڊ ڪئي
پر ڇوڪرو ننڊ نه ڪري سگهيو ۽ سڄي رات اها ڳالهه سوچيندو رهيو ته شايد ڇوڪريءَ به سٺيون مٺايون لڪائي ڇڏيون هونديون جيئن هن پنهنجا سٺا بلور لڪائي ڇڏيا هئا ۽ اهو سوچي سوچي کيس سڄي رات ننڊ نه آئي.
****************
اخلاقي سبق
***************
جيڪڏهن اوهان پنهنجن رشتن ۾ سئو سيڪڙو سچائي نه ڏيکاريندا ته هميشه اوهانکي به اهو شڪ رهندو ته اوهان جا رشتيدار پڻ اوهان سان سچا ناهن، بيشڪ اهي اوهانکي سئو سيڪڙو پنهنجي سچائي ڇون ڏيکارن
..
اها ڳالهه اوهانجي سڀني رشتن سان لاڳو ٿئي ٿي، جيئن پيار، نوڪر يا مالڪ جو رشتو يا ڪو به ٻيو رشتو، اوهان سچائيءَ سان سئو سيڪڙو پنهنجي طرفان صاف هجو ۽ سڪون جي ننڊ ڪريو.