ڪهڙي به حڪومت اچي هُنن جو ن ته سڀئي آڱريون گيه ۾ هونديون هُيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪهڙي به حڪومت اچي هُنن جو ن ته سڀئي آڱريون گيه ۾ هونديون هُيوڻ ۽ هو هر وقت حُڪومت ۾ هوندا هُئا

    اٽليءِ جي هسپانوي نزاد شهر سسليءَ ۾ هي مافيا سڀ کان پهرين هڪ لساني تنظيم جي شڪل ۾ وُجود ۾ آيو جيڪا هسپانوي نزاد ماڻهن جي سياسي ۽ مُعاشي اقتدار جي خلاف بڻي هُئي . شروع شروع ۾ هن تنطيم جون ڪاروايون خُفيه هُيون پر پوءِ هُنن آهستي آهستي پاڻ کي هڪ سياسي تنظيم طور پيش ڪيو جنهن جي دعوي ا هُئي ته هو سسليءَ جي عوام جي جنگ پيا وڙهن. هُنن ماڻهن جي تنظيم ايتري قدر مضبوط هُئي ۽ اهڙي ته خُفيه ۽ اندرن تهن ۾ جُڙيل هُئي جو ڪو به شخص هُن ۾ اندر نهاري نٿي سگھيو. ۽ هر حُڪومت وقت به اهو معلوم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ته ته ڇا ڳالهه آهي جو ماڻهو به هُن تنظيم سان وفادار رهندا هُئا؟ بس اُنهن کي ٻين وسيلن مان صرف اها خبر ملندي هُئي ته اُنهن فلاڻي فلاڻي کي اغوا ڪيو آ ۽ پوءِ اُن مٿان تشدد ڪري، ماري، سندش لاش تي اُن تنظيم جا نشان کُرچي ڇڏيا هُئا. ۽ اُتي دهشت ڦهلائي اُتي جي ڪاروباري ۽ سرمايه دار تبقي کان تاوان وٺي، تنظيمي ڪمن کي ڦهلائندا رهيا . هُنن پنهنجي صفن ۾ اهڙا خطرناڪ ۽ غنڊا ڀرتي ڪيا هُوا جيڪي وقت تحت حڪومت ، ڪاروباري ۽ سرمائيدار طبقي خلاف استعمال ٿيندا هُئا. اُنهن پنهنجي سرگرمين جو هيڊ ڪُوارٽر هڪ اهڙي وڏي شهر ۾ رکيو هو جيڪو هڪ واپاري مرڪز پڻ هو ۽ اُهو بحريه قُلزم جو هڪ اهم ترين بندر گاه به هو. اُن ڪري هُن لاءِ حُڪومتن کي پنهنجي دٻاءََ ۾ آڻڻ به آسان هو.

    جڏنهن ويهين صديءَ جي شُروع ۾ هڪ تاريخ دان گياپسي پيٽري هُن علائقي ۾ پُهتو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته، اُهي ماڻهو جيڪي پوري دُنيا جي نظرن ۾ دهشت گرد ۽ جرائم پيشه ماڻهُن جو گروه آهن، اُن شهر جا ماڻهو هُن کي پنهنجي علائقي جو نجات هنده ، امن و امان قائم ڪرڻ وارا، مُعاشرتي ذميواري سنڀالڻ وارا، ماڻهُن جا خير خُواه ۽ هڪ آئيڊيل تنظيم سمجھندا هُئا. جڏنهن هُن عام ماڻهُن کان پُڇڻ شروع ڪيو ته ڪوئي به اُنهن جي خلاف ٻڙڪ ڪڍڻ وارو نه هو. بس هرڪو ايترو چئي لنوائي ويندو هو ته، ڇا به آهن پر اسان اُنهن جي ئي ڪري امن و امان جي زندگي گُذاريون پيا، چين ۽ سُڪون سان ڪاروبار ڪريون پيا،، نه پوليس ٿي تنگ ڪري ۽ نه ڪوئي ٻاهران آيل چور يا ڌاڙيل جيڪو اسان جي جمع ٿيل پوري پونجي هٿائي وڃي. بس اسان جو وڃي ڇا ٿو صرف ڀَتو نه..؟ جي اسان پنهنجي آمدنيءَ ۾ هُنن کي ٿوڙو گھڻو ڀتو ڏيون ٿا ته ڇا ٿي پيو، اُن بدلي ۾ اسان کي سُڪون ۽ اطمينان ته ملي ٿو نه.. ته ڇا اهو غلط سودو آ..؟

    هي اُهو دئور هو جڏنهن هُن علائقي ۾ انارڪي، قانون جي عدم موجودگي ۽ حڪومتي اختيارن جي بي بسي نمايان هُئي يعني 1848 کان 1860 جو دئور. هن دئور تائين اءها لساني تنظيم مافيا پاڻ کي سسليءَآ جو بنان شرڪت غيري مالڪ بڻايو ويٺي هُئي، ڪهڙي به حڪومت اچي هُنن جو ن ته سڀئي آڱريون گيه ۾ هونديون هُيوڻ ۽ هو هر وقت حُڪومت ۾ هوندا هُئا. ۽ جڏنهن حڪومت وڃڻ ويجھو هوندي هُئي ته هو طوطي وانگر لمحن ۾ پنهنجون وفاداريون بدلائي ڇڏيندا هُئا. پر جڏنهن اٽليءَ جي فوج هن بد امن علائقي کي ، جيڪو عملي طور تي آزاد ۽ خود مُختيار ٿي ويو هو، ۽ اُتي حڪومت نالي ڪا شي نه هئي ۽ اُتي اُن لساني تنظيم جو مڪمل ضابطو هو، ۽ پوءِ فوجين هڪ ايڪشن ڪري انهن ماڻهن کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو.

    اهڙيءَ طرح جيري بالڊيءَ 11 مئي 1860 ۾ جڏنهن هڪ هزار رضاڪارن سان هن شهر جو گھيرائو ڪيو هو ۽ تڏنهن اها خبر اُن يقين سان ،اُن لساني تنظيم يعني مافيا کي پئي ته ته هاڻ جيري هالڊي کٽي ويندو ۽ سسلي هُنن جي ڪنٽرول کان نڪري ويندو تو هُنن هاريل ماڻهن جيان هڪدم چالاڪيءَ سان پلٽو کاڌو ۽ هالڊي جي فوج سان ملي ويا. فوج جي ساٿ ڪري هاڻ اُها تنظيم ۽ اُنهن جو شهر، اٽليءَ جي حوڪومت جو هڪ ناقابل تنسيخ حصو بڻجي ويو.

    تيستائين پوءِ اُها مافيا ۽ لساني تنظيم هڪ مضبوط معاشره ۽ جيئڻ جو نئون رنگ ڍنگ بنجي چُڪي هُئي. ڇو جو هاڻ هڪ مضبوط مرڪز ۽ سياسي حُڪومت ۾ هو ان طرح سان افراتفري پيدا ڪري پنهنجو مقصد حاصل نٿي ڪري سگھيا. پوءِ اُنهن پنهنجا رنگ ڍنگ بدلائي، پاڻ لاِ نوان قانون ٺاهي، غنڊا ٽيڪس ۽ ڀتي جو نالو مُحافظ ٽيڪس رکي ڇڏيو. هُنن هڪ مضبوط قبضه گُروپ ٺاهي، ۽ جتي به زمين جو مالڪ زمين تي موجود نه هو، يا ڪمزور هو، يا مخالف هو ته فورن هُن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ ڪري يا پنهنجي منظور نظر ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندا هُئا. علائقي جا جج ۽ پوليس آفيسر هميشه اُنهن کا خوفزده رهندا هئا، ججن ۽ پوليس آفيسرن کي ٽارگيٽ ڪلنگ سان مارڻ هُنن جو روزمره جو پيشو ۽ معمول هو. ۽ اُنهن ان خوف ۽ دهشت کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو گُڻ سکي ڇڏيو هو.

    اڪثر اهلڪار خوف ڪري انهن جا ساٿي بڻبا رهيا ۽ پوءِ هو انهن کا باقائدي رشوت وٺي، پنهنجون اکيون ڦيرائي ڇڏيندا هُوا. مافيا جو هڪ ٻيو طريقو زبان بندي به هو، هُنن هڪ قانون اوماٽرا ٺاهيو، جنهن تحت ڪو به شخص مجرم جي نشان دهي ڪونه ڪندو خواه هُن اهو پنهنجي سامهون قتل ٿيندي ڏٺو هوندو ء خواه اهو مقتول ان جو ڀاءُ ڇو نه هُجي، پُٽ، يامُڙس ڇو نه هُجي. اهوئي قانون مافيا جي صفن ۾ اڃا تائين هلندو اچي.

    ڪيمرائن سان مجرمن جون تصويرون ڀلي ميڊيا تي ڇو نه اچن پر ڪو به ماڻهو ان خوف تحت کين شناخت ئي نه ڪندو هو. ڏيڍ سال پهرين جو ٺاهيل هي اوميٽرا نه صرف سسليءَ پر دنيا جي هر اُن شهر ۾ نظر ايندو هو، جتي مافيا ء لساني تنظيم جو راڄ هوندو هو، ڇو ته بقول هُنن جي، هُنن هڪ دفعو مجرمن تي هٿ وجھڻ جي اجازت اگر پوليس کي ڏياري وئي ته پوءِ لوڪل ماڻهن تائين هُن جي رسائي کي ڇيهو رسڻ جو خطرو هو. ان ڪري خواه هُنن جا پنهنجاماڻهو مرن يا ٻين جا هو مجرم جي نشان دهي ڪونه ڪندا هُئا پر بدلو وٺي پنهنجو اسڪور پاڻ ئي پورو ڪندا هُئا.

    هي لساني تنظيم يا مافيا امريڪا ۽ سي آءِ اي جون به منظور نظر هونديون هُيون هنن جا اڪثر جلاوطن رهنما برطانيه يا امريڪا جي شهرن نيو اورلينز ۾ وڃي آباد ٿيندا هُئا جتي اُنُهن سان سي.آءِ. اي جا رابطه مستحڪم ٿي ويندا هُئا. 1972 ۾ سي.آءِ.اي جي فردن جي انڪشافات مُطابق، سسلي شهر جو هي مافيا مشرق بعيد جي ملڪن ۾ هيروئن، ۽ چرس جو ڪاروبار ڪري پاڻ لاِ هڪ بهترين ذريعو مُعائِش ٺاهيندا هُئا جنهن کي جاسوسي زبان ۾ فرينچ ڪنيڪشن چيو وڃي ٿو.French Connection.

    اٽليءَ جي هيءَ مافيا عُمومن هڪ ڪارپوريٽ ڪلچر وانگر مُنظم هوندي هُئي، جنهن ۾ هڪ شخص سان وفاداري ايمان جي حد تحت ڪئي ويندي هُئي. تاريخي طور تي اهري شخص کي Capudi Tutti Capi ڪيپوڊي ٽُٽي ڪيپي يا چئبو هو جيڪو پوري تنظيم يا تحريڪ جو قائد هوندو هو. اڄ ڪله اهڙي قائد کي Capofamiglia يا ڊان چئجي ٿو. هي شخص عمومن پنهنجي تنظيم يا علائقي کا تمام ڏُور ڪنهن ٻئي مُلڪ ۾ ويهندو هو ۽ هڪ ڪميٽي يا ڪائونسل جي ذريعي پوري تنظيم ۽ علائقي تي حڪومت ڪندو هو. هن جو خوف هن جي طاقت هوندو هو. هن جي ڪميٽي ۽ ڪائونسل جي رُڪنن کي به اها خبر نه هوندي هُئي ته انهن مان ڪير ڪنهن وقت ۽ ڪهڙيءَ طرح ڊان کي ڪا خبر ٻُڌائي ڇڏي ۽ پوءِ ڪهڙي وقت هُن جي زندگيءَ جو چرغ اُجھائڻ جو حڪم اچي وڃي.هي صرف اٽليءَ جي علائقي يا سسليِ جي ڪهاڻي ڪانهين پر دنيا جي هر ان شهر جو داستان آهي جتي مافيا ماڻهن جي حقن ۽ حقوقن جي جنگ جي نالي تي ڀُتو وٺي ٿي، ۽ چندو جمع ڪري اڳتي وڌائي ٿي.

    هو عوام جي جذباتن کي اُڀارڻ جي فن مان مڪمل واقف هُئا ان لاءِ هنن هيٺئين طبقي يا مڊل ڪلاس جي بالادستيءَ جي ڳاله ڪري ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ انتقام جي رُجحان کي کي ايترو ته ڀڙاڪائيو جو، جي ڪنهن امير ماڻهوءَ کان تاوان جي رقم حاصل ڪري ، جي واقعي خدمت خلق جي نالي تي اُها انهن ۾ تقسيم ڪجي ها ته ماڻهن ۾ ان جرم سان نفرت به نه هُجي ها. ۽ حونن کي پنهنجو حقيقي نجات هنده سمجھن ها. اهوئي سبب آهي جو جڏنهن امريڪا جي شهر شڪاگو جي مافيا چيف ڪلو سيمو جو جنازو کنيو ويو ته هزارين ماڻهو ان جنازي سان گڏ هُئا.

    1920
    ۾ ڀتي جي ڪري لنڊن شهر اهڙن ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويو جن جا پنهنجا پنهنجا علائقا هُئا ۽ اُهي پنهنجن علائقن مان ڀُتو وٺي امن جي ضمانت ڏيڻ جي دعويا ڪندا هُئا. مافيا ڪڏنهن به پاڻ کي سياست کا علحده نٿي ڪري سگھي، دنيا جي جن به شهرن ۾ مافيه جو راڄ هوندو آهي، اتي جا سينيٽر، اسيمبلين جا رُڪن حته ڪه شهري، ادارن جا سربراه ، پڻ انهن جي آشيرباد سان يا سياسي تنظيمن سان منسلڪ هوندا آهن. شڪاگو هُجي يا نيو اورلينز، سسلي هُجي يا ڪولمبيا، مافيا ڪڏنهن به اپوزيشن ۾ ناهي ويٺي. جڏنهن ماڻهو قتل ٿيڻ لڳندا آهن ۽ ڪو مجرمن کس شناخت ڪرڻ وارو نه هُجي، مظلومن جي آهن ۽ رت جي ڳوڙهن سان سان صرف گھرن جون اونداهيون ئي آباد ٿينديون آهن، ۽ اها جبر ڪبو هو ته ٻاهر ڪا ٻڙڪ ئي نه اچي ته پوءِ الله جو هڪ دستور آهي، تو هو ظالمن کان وري ظالمن کي ئي هلاک ڪرائيندو آ. پوءِ دنيا جو هر مافيا اُن وقت تباهي جي ڪناري تي اچي پُهتو هو ، ايتري قدر جو ، ڀته خوري ۽ لالچ، اقتدار جي جنگ ، انهن کي ٻين جي سامههون آڻي نروار ڪيو، پوءِ ڇا ٿيو؟ ، سسليءِ ۾ وڏا وڏا ڊان رڙيون ڪندا رهيا، اسان جي ٽارگٽ ڪلنگ پئي ٿئي، اسان کي ماريو پيو وڃي، ۽ ماڻهو پوءِ هڪ خاموش تماشائي بڻجي منظر ڏسڻ لڳا، ڇو جو ظلم تي خاموش رهڻ جو دستور اومترا ometra ته هُنن پاڻ ئي ٺاهيو آ نه؟

    ۽ هاڻوڪي سنڌ جو مطلب به مُهاجرستان يا جناح پورآهي ڇو جو وڏيرن ، پيرن، ميرن، شاهن، راشي ڪامورن، رئيسن جاگيردارن جي مدد سان سنڌ جي مڙني وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير حاوي آهن ياوري پٺاڻ ۽ سنڌي پنهنجي ئي صوبي ۾ اوپرا، لاڇار بيوس، ۽ مُهاجر ۽ پٺاڻ هاڻ سنڏ جي سمورن ادارن ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ شهرن تي مُڪمل ڪنٽرول رکندا وڃن، گڏوگڏ ڪن ڇور سنڌين کي ملائي، بڇيل سنڌي ٽيلنٽس کي هڪ خاص پلاننگ ۽ سازش سان ڳولي ڳولي ڇيهو رسائين ٿا، مسلح غنڊا سنڌي يلنٽس کي ڊي گريڊ ڪندا ڪنڊن ۾ ڌڪيلليندا وڃن ٿا، ڇاهي پوءِ انهن ادارن جا هيڊ سنڌي راشي ڪامورا ڇو نه هُجن ۽ چند ڀتا خور سنڌي، خود پسند، خود غرض ۽ وڏيرن، پيرن ميرن، راشي ڪامورن ۽ ايم اين اي، ايم پي اي جي جا سفارشي ڇاڙتا ۽ پاٿاريدار ، به ساڻن ڀائيوار آهن. ۽ اُهي پاڻ کي محفوظ سمجهندا تاڙيون وڄائيندا وتن ٿا ۽ آئينده وقت کان بيخبر هي سنڌي غدار ساڻن هائو ڪاري آهن ڇو جو انهن جي ساٿ سان ئي هي ڪوڙا ڊوميسائيل، ڪوڙيون مارڪ شيٽون، ڪوڙا شناختي ڪارڊ، روينيو کاتن ۾ ردوبدل، ُغيره ۾ مگن آهن. سنڌ جي بقا ڪرڻي آهي ته پهرين گهران شروع ڪجي ۽ انهن راشين ۽ سنڌي غدارن کي اُگهڙو ڪري نروار ڪجي. اهي اسان جي نعرن ۾ به گڏ هوندا، اسان جا جهنڊا به کڻي هلندڙ هوندا، اسان کي ليڊ به ڪندا هوندا. سنڌي هوش ۾ نه آيو ته ايندڙ وقت ڏاڍو ڀوائتو هوندو.

    ۽ هاڻوڪي سنڌ جو مطلب به مُهاجرستان يا جناح پورآهي ڇو جو وڏيرن ، پيرن، ميرن، شاهن، راشي ڪامورن، رئيسن جاگيردارن جي مدد سان سنڌ جي مڙني وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير حاوي آهن ياوري پٺاڻ ۽ سنڌي پنهنجي ئي صوبي ۾ اوپرا، لاڇار بيوس، ۽ مُهاجر ۽ پٺاڻ هاڻ سنڏ جي سمورن ادارن ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ شهرن تي مُڪمل ڪنٽرول رکندا وڃن، گڏوگڏ ڪن ڇور سنڌين کي ملائي، بڇيل سنڌي ٽيلنٽس کي هڪ خاص پلاننگ ۽ سازش سان ڳولي ڳولي ڇيهو رسائين ٿا، مسلح غنڊا سنڌي يلنٽس کي ڊي گريڊ ڪندا ڪنڊن ۾ ڌڪيلليندا وڃن ٿا، ڇاهي پوءِ انهن ادارن جا هيڊ سنڌي راشي ڪامورا ڇو نه هُجن ۽ چند ڀتا خور سنڌي، خود پسند، خود غرض ۽ وڏيرن، پيرن ميرن، راشي ڪامورن ۽ ايم اين اي، ايم پي اي جي جا سفارشي ڇاڙتا ۽ پاٿاريدار ، به ساڻن ڀائيوار آهن. ۽ اُهي پاڻ کي محفوظ سمجهندا تاڙيون وڄائيندا وتن ٿا ۽ آئينده وقت کان بيخبر هي سنڌي غدار ساڻن هائو ڪاري آهن ڇو جو انهن جي ساٿ سان ئي هي ڪوڙا ڊوميسائيل، ڪوڙيون مارڪ شيٽون، ڪوڙا شناختي ڪارڊ، روينيو کاتن ۾ ردوبدل، ُغيره ۾ مگن آهن. سنڌ جي بقا ڪرڻي آهي ته پهرين گهران شروع ڪجي ۽ انهن راشين ۽ سنڌي غدارن کي اُگهڙو ڪري نروار ڪجي. اهي اسان جي نعرن ۾ به گڏ هوندا، اسان جا جهنڊا به کڻي هلندڙ هوندا، اسان کي ليڊ به ڪندا هوندا. سنڌي هوش ۾ نه آيو ته ايندڙ وقت ڏاڍو ڀوائتو هوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو