وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]مرليڌرن جي شهر ڪينڊي ۾ ٿيندڙ اڄوڪي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي با آساني 110 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي۔ اڄوڪي ميچ ۾ پاڪستان پهريان بالنگ ڪندي شروعاتي اورن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري پر وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل جي مايوس ڪن ڪارڪردگي برقرار رهي ۽ هن روس ٽيلر جا مسلسل ٻن بالن تي آسان ڪيچ ڇڏيا جيڪي ٽيلر لاء سالگرھ جو تحفو ثابت ٿيا۔ روس ٽيلر 131 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ، هن پنهنجي انگز دواران 7 ڇڪا ۽ 8 چوڪا لڳايا۔ گپتل 57 رنسون ٺاهيون۔ پاڪستان پاران عبدالرحمان 32 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔ آخري چئن اوورن ۾ نيوزيلينڊ 92 رنسون ٺاهيون ۽ پاڪستاني بالر حيرت انگيز طور اتي ئي بال اڇليندا رهيا جتي نيوزيلينڊ جا رانديگر ڇڪا هڻي رهيا هئا۔

    جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن پنهنجي مايوسڪن فارم کي برقرار رکيو ۽ پاڪستان جا 6 رانديگر صرف 66 رنسن جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا۔ ان موقعي تي عبدالرزاق ۽ عمر گل اسڪور کي ڪجھ عزت واري مقام تائين پهچايو ۽ پوري ٽيم 42 هين اوور ۾ صرف 192 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ عبدالرزاق 62 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ ٽم سائوٿي 3 وڪيٽون ورتيون۔
    [/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو هيرو روس ٽيلر جنهن جي اڄ سالگره پڻ هئي​


    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=zbNmd89uCMw
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

    واھ سائين..واھ.
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

    پاڪستان جي هن حالت تي افسوس کان سواءِ‌ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي۔۔ ڪامران اڪمل ته حد ڪري ڇڏي۔۔ کٽيل ميچ نيوزيلينڊ جي حوالي ڪري ڇڏي
    حد کان ڪريل فيلڊنگ ڏسي مون کي شروع ۾‌ئي يقين ٿي ويو ته پاڪستان نه کٽي سگهندي۔۔ رهندو آخر ۾ راز ٽيلر جي ڇڪن جي برسات پاڪستاني بالرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو۔۔ آخري 5 اوورن ۾ سو جي لڳ ڀڳ رنسون ٺهيون۔۔۔​
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

    پنهنجي 3 بالن ۾ ڪامران اڪمل جي هٿان روز ٽيلر جا 2 آسان ڪيچ ڊراپ ڪرڻ‌کان پوءِ شعيب اختر جي حالت۔۔۔۔​

    [​IMG]
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

    ميچ ته ختم ٿي ويو پر ڪامران اڪمل پاڪستاني ٽيم جي سڀ کان مشهور شخصيت ٿي وئي آهي، هر ايس ايس، سوشل نيٽورڪ تي فقط ڪامران اڪمل جو ئي تذڪرو هلي پيو۔۔۔

    هڪ مزيدار ايس ايم ايس آيو جنهن ۾ لکيل هو 19 تاريخ تي ڪنهن آسٽريلين کيڏاري جي سالگره ته ڪانهي۔؟؟ منجانب ڪامران اڪمل۔۔۔

    [​IMG]

     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

    پاڪستان ٽيم ۽ انهن جي فينس کي ميچ هارائڻ جو ڏک ته ٿيو هوندو پر کين سمجهڻو پوندو ته هي هڪ ڊگهو مقابلو آهي۔۔ جنهن ۾ ڪنهن به ٽيم کي سموريون ميچز کٽڻ تي نه پر ميدان مارڻ واري مقابلي کان پوءِ ئي ڪپ ملندو۔۔۔ ان ڪري کين ڪجهه صبر به ڪرڻو پوندو۔۔
    هن مقابلي ۾ صرف ڪامران اڪمل ئي نه پر شعيب ۽ عبدالرحمان پڻ درست بالنگ نه ڪرائي۔۔ ڪامران ڪيچز ڊراپ ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه نه صرف بالنگ اننگ دوران پر پنهنجي بيٽنگ دوران به وساري نه سگهيو تنهن ڪري سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي ۔۔۔
    جڏهن ته شعيب مڪمل فٽ نه هجڻ ڪري پنهنجا پهرين اسپيل کان پوءِ وارا اوور بهتر نه ٿو ڪرائي سگهي ۔۔۔ ان کانسواءِ يارڪر جهڙو مشڪل بال هلائڻ جي چڪر ۾ فلٽاس ڏئي مخالف بيٽس مين کي ڪٽڪو ڏيڻ جي خاص دعوت ڏئي ٿو۔۔۔

    عبدالرحمان جي بجاءِ جيڪڏهن سعيد اجمل کي وارو ملي ها ته اهو کاٻڙ ۽ ساڄڙ ٻنهي بالرس سهي بال اڇلائي سگهي ها۔۔۔
    پاڪستان ٽيم جيڪڏهن پنهنجي ڪمزورين تي توجهه ڏني ۽ ايندڙ آسان مقابلو زمبابوي سان کٽي ورتو ته سندن مورال کين آسٽريليا کان به کٽرائي سگهي ٿو جنهن کان پوءِ ڪپ کٽڻ ايترو مشڪل نه رهندو ۔۔۔
    پر هي ميچ ڏسي لڳي ٿو پاڪستاني رانديگر به طوطي واري اڳ ڪٿي معلوم ڪري ورتي آهي۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=BBTQ3_IIoo8
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

    ڪامران اڪمل جي لاءِ پاڪستانين جا خيالات ڪي هاڻي سٺا نه آهن۔۔۔ کيس تازو ئي مسز روز ٽيلر جي خطاب سان نوازيو ويو آهي۔۔۔۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو