جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست
پاڪستان جي هن حالت تي افسوس کان سواءِٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي۔۔ ڪامران اڪمل ته حد ڪري ڇڏي۔۔ کٽيل ميچ نيوزيلينڊ جي حوالي ڪري ڇڏي
حد کان ڪريل فيلڊنگ ڏسي مون کي شروع ۾ئي يقين ٿي ويو ته پاڪستان نه کٽي سگهندي۔۔ رهندو آخر ۾ راز ٽيلر جي ڇڪن جي برسات پاڪستاني بالرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو۔۔ آخري 5 اوورن ۾ سو جي لڳ ڀڳ رنسون ٺهيون۔۔۔
جواب: وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپنرن جي مايوس ڪن ڪارڪردگي ۔۔۔ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست
پاڪستان ٽيم ۽ انهن جي فينس کي ميچ هارائڻ جو ڏک ته ٿيو هوندو پر کين سمجهڻو پوندو ته هي هڪ ڊگهو مقابلو آهي۔۔ جنهن ۾ ڪنهن به ٽيم کي سموريون ميچز کٽڻ تي نه پر ميدان مارڻ واري مقابلي کان پوءِ ئي ڪپ ملندو۔۔۔ ان ڪري کين ڪجهه صبر به ڪرڻو پوندو۔۔
هن مقابلي ۾ صرف ڪامران اڪمل ئي نه پر شعيب ۽ عبدالرحمان پڻ درست بالنگ نه ڪرائي۔۔ ڪامران ڪيچز ڊراپ ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه نه صرف بالنگ اننگ دوران پر پنهنجي بيٽنگ دوران به وساري نه سگهيو تنهن ڪري سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي ۔۔۔
جڏهن ته شعيب مڪمل فٽ نه هجڻ ڪري پنهنجا پهرين اسپيل کان پوءِ وارا اوور بهتر نه ٿو ڪرائي سگهي ۔۔۔ ان کانسواءِ يارڪر جهڙو مشڪل بال هلائڻ جي چڪر ۾ فلٽاس ڏئي مخالف بيٽس مين کي ڪٽڪو ڏيڻ جي خاص دعوت ڏئي ٿو۔۔۔
عبدالرحمان جي بجاءِ جيڪڏهن سعيد اجمل کي وارو ملي ها ته اهو کاٻڙ ۽ ساڄڙ ٻنهي بالرس سهي بال اڇلائي سگهي ها۔۔۔
پاڪستان ٽيم جيڪڏهن پنهنجي ڪمزورين تي توجهه ڏني ۽ ايندڙ آسان مقابلو زمبابوي سان کٽي ورتو ته سندن مورال کين آسٽريليا کان به کٽرائي سگهي ٿو جنهن کان پوءِ ڪپ کٽڻ ايترو مشڪل نه رهندو ۔۔۔
پر هي ميچ ڏسي لڳي ٿو پاڪستاني رانديگر به طوطي واري اڳ ڪٿي معلوم ڪري ورتي آهي۔۔۔۔