Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
مونکان ا ڳ جهڙي محبت منهنجي محبوب نه گُهر
مون هي سوچيو هو ته تون آن ته درخشان آ حيات
تنهنجو غم آ ته پو دنيا جي غمن ۾ ڇاهي
تنهنجي صورت ۾بهارن کي حياتي ٿي ملي
تنهنجي نيڻن کان سوا دنيا ۾ رکيو ڇاهي
تون ملي پئين ته پو تقدير جو لکيل ڪجهه ناهي
پر ائين ڪين هو،بس سوچيو هيم ، ائين ٿي پئي
ڏک حياتيءَ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا
راحتون ٻيون به گهڻيون وصل جي راحت کان سوا
جُڳ جُڳاندر کان ئي تاريخ جا ڪارا هي طلسم
ريشم ۽ اطلس ۽ ڪمخواب ۾ اُڻيل ماڻهو
۽ وڪامن ٿا ڏسو ڪيئن سي بازار ۾ جسم
ليٿڙيل خاڪ ۾ ۽ خون ۾ وهنتل ماڻهو
هيءُ نظر تن جو وٺي ٿي جي اثر ڪيئن ڪجي،
اڄ به دلڪش آ سندء ُ حسن مگر ڪيئن ڪجي،
ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،
راحتون ٻيون به گهڻيون وصل جي راحت کان سوا،
مون کان اڳ جهڙي محبت منهنجي محبوب نه گُهر