• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
مونکان ا ڳ جهڙي محبت منهنجي محبوب نه گُهر

مون هي سوچيو هو ته تون آن ته درخشان آ حيات
تنهنجو غم آ ته پو دنيا جي غمن ۾ ڇاهي

تنهنجي صورت ۾بهارن کي حياتي ٿي ملي
تنهنجي نيڻن کان سوا دنيا ۾ رکيو ڇاهي

تون ملي پئين ته پو تقدير جو لکيل ڪجهه ناهي
پر ائين ڪين هو،بس سوچيو هيم ، ائين ٿي پئي

ڏک حياتيءَ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا
راحتون ٻيون به گهڻيون وصل جي راحت کان سوا

جُڳ جُڳاندر کان ئي تاريخ جا ڪارا هي طلسم
ريشم ۽ اطلس ۽ ڪمخواب ۾ اُڻيل ماڻهو
۽ وڪامن ٿا ڏسو ڪيئن سي بازار ۾ جسم
ليٿڙيل خاڪ ۾ ۽ خون ۾ وهنتل ماڻهو

هيءُ نظر تن جو وٺي ٿي جي اثر ڪيئن ڪجي،
اڄ به دلڪش آ سندء ُ حسن مگر ڪيئن ڪجي،

ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،
راحتون ٻيون به گهڻيون وصل جي راحت کان سوا،

مون کان اڳ جهڙي محبت منهنجي محبوب نه گُهر
 
جواب: ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،

مجهه سي ميري محبوب وه پهلي سي محبت نه مانگ۔۔۔۔
 
جواب: ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،

او منهنجا ڀا سومرا صاحب ڪجهه آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيرئي
 
جواب: ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،



ها بلڪل ادا فيض احمد فيض جي اردو شاعري جو ترجمو آهي

ادا سومرا صاحب ائين ته نه ڪر يار پهريان اوهانکي ٻڌائڻو هيو ته هي ترجمو
ٿيل آهي جڏهن آرزو صاحب اردو گيت لکيو ته پو ٿا چئو ته فيض احمد فيض جوگيت آهي
ڪجهه سياڻو ٿي دوست
 
جواب: ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،

مجھ سي پھلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ۔
ادا ان پھرين لائين جو ئي ترجمو درست ٿيل نه آھي۔ اھو به نظم ۾ ،ھر شاعريءَ کي بحر ،وزن رديف ۽ ڪافيا وغيره ٿيندا آھن۔ ڪوشش جاري رکو!
 
جواب: ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،

بهترين سائين تمام بهترين ونڊ آهي
 
جواب: ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،

اصل م هي ترجمو فيس بوڪ تي سائين هدايت بلوچ پيش ڪيو هو۔ مان سمجهان ٿو ته اسان کي شاعري يا ترجمو پيش ڪرڻ وقت ان جي خالق جو نالو ضرور پيش ڪرڻ گهرجي۔

مهرباني سومرا صاحب اميد آئينده ان ڳاله جو ڌيان رکندا۔
 
جواب: ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،

ڏک حياتيءُ ۾ گهڻا ٻيا به محبت کان سوا،
راحتون ٻيون به گهڻيون وصل جي راحت کان سوا،


ادا عبدالواحد صاحب جاري رکجو

سدائين گڏ
 
Back
Top