نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! اڄ جڏهن سنڌ سلامت جي هيٺان ڪيڪ تي نظر پئي ته سليمان وساڻ جي جنم ڏينهن جي خبر پئي ۔۔۔ حقيقت پڇو ته آءُ پاڻ کي روڪي نه سگهيس ته هن دوست جي جنم ڏڻ جي خوشي ملهايان ۔۔۔ سامهون ته آهي ڪون نه ته کوڙ ساترا ڀاڪر پايانس هان ،،، کيس پپيون ڏيان هان ۔۔۔
ڇاڪاڻ جن ماڻهن لاءِ لطيف سرڪار چيو آهي ” اچي بوءِ بهار جي“ هي دوست سچ به ته انهن ماڻهن جي فهرست ۾ آهي ۔۔۔ سليمان وساڻ سنڌ جو هڪ سچو ۽ سهڻو پٽ آهي جيڪو پنهنجي وس آهر سنڌ ۽ صرف سنڌ پڪاريندو آهي ۔۔۔ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌيت ڀريل اٿس ۔۔۔ انڪري سندس دوستيون به سنڌ خاطر ته دشمنيون به سنڌ خاطر هونديون اٿس ۔۔۔ سنڌ سلامت کانسواءِ هر فورم تي هر رستي تي، هر گهاٽ تي سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو ۔۔۔۔
مون وٽ لفظ جواب ڏئي ويا آهن ته آءُ هن سنڌ سلامت جي سرموڙ دوست جي ڪهڙن لفظن ۾ تعريف ڪريان ۔۔۔ سونهن سان، سچ سان، وفائن سان ۽ سورهيائي سان ڀريل انسان جي ڪهڙي تعريف ڪجي ۔۔۔؟؟؟
دعا آهي ته سنڌ هميشه اهڙا سٻاجهڙا ۽ سورهيه پٽ پئدا ڪندي رهي جنهن جي ڪنڌيءَ تي اسانجهڙا ڪانئر به سورهيه ٿي پاڻ ملهائن ۔۔۔
سلام ۔۔۔ لک سلام دوست سليمان ۔۔۔
رب العالمين اوهانکي ڪوسو واءُ نه ڏيکاري ۽ اسان سان سنڌ سلامت سان ۽ سنڌ سان نيهن نڀائڻ جو سلو ڏي ۔۔۔ آمين