سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

'جنم مبارڪ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    دوستن جو دوست ، سنڌ سلامت فورم جي محبتي ۽ محنتي ماڻهو جيڪو هن نفسانفسي جي دور ۾ به سنڌ سلامت ۽ سنڌ جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيندڙ دوست ادا محمد سليمان وساڻ صاحب کي مون فقير پاران دل جي گهرائين سان سالگره مباڪ هجي مون جي دعا آهي ته الله پاڪ محترم سائين محمد سليمان وساڻ صاحب جا هر ڏک دور ڪري الله پاڪ کيس وڏي حياتي ۽ صحت ڪاملا عطا ڪري آمين

    سالگره جو موقعو آهي ۽ آهيون فقير ماڻهو ادا سليمان وساڻ صاحب بس يار فقيراڻه تحفه شل قبول پون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سدائين گڏ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين سليمان وساڻ جي شخصيت جي باري ۾ ڇا لکجي؟؟ پاڻ سنڌ سلامت جا سرواڻ ۽ فيسبوڪ تي سنڌيت جا روح روان هجڻ‌سان گڏوگڏ سماجي زندگي ۾ به هڪ عملي طور جاکوڙيندڙ شخصيت طور سڃاتا وڃن ٿا۔
    مست سندن شخصيت جي ڪهڙي پهلو تي گفتگو ڪري؟؟ سائين سليمان وساڻ سنڌي ادب مان چونڊ‌ شاعريءَ‌کي بهترين رنگن ۽ ڊزائين سان تيار ڪري تصويري صورت ۾ فيسبوڪ تي ۽‌ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندا رهيا آهن، جيڪو ڪم تمام وقت طلب آهي، ان کان علاوه (saaf) سنڌي ايسوسي ايشن آف فيسبوڪ جا پڻ‌ فعال ميمبر آهن۔۔ سنڌ سلامت لاءِ سندن خدمتون پڻ‌ ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن۔۔ سائين سليمان وساڻ سنڌ سلامت جي تمام ذميوارين کي پنهنجي اول ڪم طور ترجيح ڏئي نڀائيندا رهيا آهن۔۔ سنڌ سلامت جو هن سال وارو ڪيلنڊر تيار ڪرڻ ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو آهي۔۔ وڏي ڳالهه ته اسان جهڙن مسڪينن سان رابطي ۾ پڻ‌رهن ٿا جيڪي اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي۔
    کين منهنجي طرفان جنم ڏينهن جي تمام گهڻي مبارڪ هجي ۔۔۔
    معاف ڪجو جو ٿورو نه پر گهڻي دير سان مبارڪ ڏئي رهيو آهيان جو هڪ ته طبيعت ۾‌ڪجهه مزو نه آهي ٻيو وري روزگار جي تلاش ۾ ڦرندا پيا وتون۔۔ ان ڪري اڄ سڄو ڏينهن اوهان کي برٿ ڊي وِش نه ڪري سگهياسين۔۔۔۔ معافي جا طلبگار آهيون ادا۔۔۔​


    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    مهربانيون ادا

    اوهان واڌايون ڏنيون ۽ دعائون ڏنيون جن ۾ اوهان جو پيار ۽ خلوص پيو نظر اچي۔ اهوئي مون لاء سڀ ڪجه آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    اها به حقيقت آهي۔۔۔ اڄ جڏهن مون سنڌ سلامت فورم جو ڊيٽا بيس ڊائونلوڊ ڪيو آف لائين پنهنجي پي سي تي لڳايو ته هيٺ موجود سالگره جو اشارو سليمان وساڻ مليو۔۔۔ پر مون ڪو ٽيڪنيڪل ايرر سمجهيو جو اهڙو اشارو فيس بوڪ يا ٻئي هنڌ نظر نه آيو هو۔۔۔ پر سائين نثار ابڙو پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ان شخص کي ڏني جيڪو ڪنهن جي سالگره اصل نه وساري ۔۔۔
    شابش آهي ادا سليمان وساڻ کي جيڪي پنهنجي نوڪري، سماجي ۽ گهريلو مسئلن کي منهن ڏيندي ڏيندي سنڌ سلامت جي لاءِ خاص ذميداري نڀائي رهيا آهن۔۔۔ سچل ڳوٺ ۾ سنڌ سلامت جي آفيس جتي ڪمپيوٽر ۽ نيٽ لڳائي ايندڙ سمورن سنڌين کي سنڌ سلامت تي رجسٽريشن کان وٺي موضوع موڪلڻ تصويرون لڳائڻ ۽ وڊيوز لڳائڻ سيکاري رهيا آهن۔۔۔
    رڳو ايترو به نه پر سنڌ سلامت لاءِ مختلف پروجيڪٽس ۽ فنانشل ذميدارين کي به احسن طريقي سان نڀائي رهيا آهن۔۔ سندن سالگره تي ڀيٽا ڏيندي استاد بخاري جو هي شعر ارپيندس

    جو قوم جياري اهو جئندو رهندو
    جو عام اجاري سو جئندو رهندو
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
    جو سنڌ سنواري سو جئندو رهندو​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ڀاء مهرباني

    جڏهن اهي لفظ پنهنجي ٻوليء مون هندا آهن ته ڏاڍا مٺڙا ۽ پنهنجائپ وارا لڳندا آهن۔ اميد ته اوهان ايندڙ پوسٽ سنڌي ۾ ئي ڪندا۔ پوء به اوهان جي پيار لاء مهربانيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    فقير جون مهربانيون

    سنڌ سلامت جي دوستن مان فقير اهو دوست جنهن سان به تڪڙو رابطو رهندو آهي۔ فقير اوهان جي پيار ڀري لفظن سان گڏ ڏنل تحفن کي ڏسي اصل واه واه نڪري وئي۔ اوهان جي خلوص ۽ ڏنل پيار لاء اوهان جا لک ٿورا۔ توڻي جو مان فقير سان فون ملائيندين ڊڄندو به آهيان ته متان فقير ڪو شعر ٻڌائي تنهنڪري آهستي هيلو ڪندو آهيان جيئن سمجهي ته طبيعت ۾ مزو نه اٿس ۽ اها شاعري هتي ذڪر نه ٿئي۔

    دوستن جو پيار اڻ ميو ۽ اڻ کُٽ آهي۔ مهربانيون دعائن ڏيڻ جون پڻ۔ شال اوهان به سدائين خوش رهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا اسد مست لک ٿورا

    جڏهن اوهان جهڙا دوست هجن ته پوء هي ته سنڌ سلامت آهي پر اسان ته سندرو ٻڌي ميدان ۾ به لهي پونداسون۔ سليمان وساڻ پاڻ اڪيلي سر ڪجه به ته ڪونهي ، اهو اوهان جو پيار، ٻڌي، پنهنجائپ ئي آهي جو سنڌ سلامت هڪ ڪڙي وانگر ڪڙي رکيو آهي۔ جيئن لطيف سائين فرمايو آهي :

    ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جِيئَن لُهارَ لَپيٽِيو؛
    مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگھو ڪَيو.

    اوهان دوستن جهڙي نموني سهڻا ۽ رنگ برنگي ڪارڊ ٺاهي موٽ ڏني آهي سچ پڇو ته مان ان جي لائق ناهيان پر سنڌ سلامت جي دوستيء تي مونکي فخر آهي ته مان پنهنجو وقت سجايو پيو ڪيان۔

    اوهان ڀائرن جو احساس آهي ۽ مان ادا رشيد سان به ان مسئلي تي ڳالهايو آهي ته ڇو نه سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڪي پروجيڪٽس شروع ڪجن جيئن دوست گهر ويٺي ڪجه ڪمائي سگهن۔ انشاء الله جلد ان تي به سوچينداسون ۽ ڪا راھ ڳولي وٺنداسون۔

    رب اوهان کي سدائين خوش رکي ۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا سليمان وساڻ توهان کي اسانجي طرفان به دل جي گهرائين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔ادا ڪجهه سرڪاري مصروفيتن جي ڪري اسان شهر کان ٻاهر هئاسين جنهن جي ڪري اوهان کي مبارڪ ٿورو دير سان ڏيئي رهيا آهيون ان لاء معذرت ۔توهان جي شفيق طبيعت ۽ محنتون هن فورم کي چار چاند لڳائي ڇڏيو آهي۔اسان اهو ابزير ڪيو آهي ته توهان جو شمار انهن آڻٿڪ ۽ محنتي ميمبرن مان آهي جن هن فورم کي تمام گهڻو پروجيڪٽ ۽ پروموٽ ڪيو آهي۔توهان جي لاء صرف ايترو چئي سگهجي ٿو۔ته هو آيا۔هن ڪم ڪيو ۽ هن فتح ڪيو۔الله پاڪ شل نئين سال ۾ اوهان کي ڪنهن ڏکئي امتحان ۾ نه وجهي ۔توهان جي هر ان اردي جي تڪميل ڪري جيڪو توهان جي دل ۾ آهي۔لکڻ ته گهڻو ڪجهه پيا چاهيون توهان جي محبتن ۽ رهنمائين جي باري ۾ پر انهن سٺن الفاظن جنهن جا توهان مستحق آهيو جي اسان وٽ فقدان آهي،مطلب ته اسان وٽ اهي الفاظ نه آهن جيڪي توهان جي صحيحي تعريف ڪرڻ جو حق ادا ڪري سگهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا رشيد مهرباني

    اوهان دوستن سالگره جو واڌايون ڏنيو آهن ۽ کوڙ ساريون دعائون ڏنيو آهن پر ان کان به وڌيڪ قيمتي آهي اوهان جهڙن پيارن جي دوستي۔ اڄ جڏهن سنڌ سلامت جي آفيس ۾ جيڪا ساڳي وقت ، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي ۽ سگا جي به اوطاق آهي اتي فيس بوڪ ۽ سنڌ سلامت کوليم ته دوستن جان اڻ کُٽ پيغام مليا جيڪي دوستن به ويٺي ڏٺا ۽ گهڻو خوش هئا۔ سنڌ سلامت جو جيڪو ٻوٽو اوهان پوکيو هئو اهو هاڻي وڌي وڏو وڻ ٿي ويو آهي۔ مان ته ڪجھ ناهي ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خاص ڪري مان جڏهن پنهنجي ڀيٽا اوهان سان ڪندو آهيان ته پاڻ کي صفا جيتامڙو سمجهندو آهيان۔ سنڌ سلامت ڪنهن هڪ جي ڪري نه پر سمورن دوستن جو ميڙ آهي۔ شايد سڀني کان وڌيڪ اوهان کي مان ئي تنگ ڪندو آهيان، هر روز فون ڪندس ته هيئن ڪيو ، هيئن ڇو ٿيو وغيره پر اوهان جي صبر ۽ معاملن کي سلجهائڻ تي حيرت ٿيندي آهي ۽ وڏي ڳاله ته اوهان کي ڪڏهن ڪاوڙ ڪانه ڏٺي آهي۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جون مهربانيون جو مصروف گهڙين مان مونکي مبارڪباد لاء اوهان وقت ڪڍيو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا نثار صاحب اوھان فڪر نه ڪريو اوھان پاران آءً ھتي جو ويٺو آھيان ، جيڪي به قرب ڀريا
    ڪيڪ ،بريانيون۽ مٺايون آيون ڪچھريءَ ۾ ويٺل سندس دوستن ۾ وراھيندو رھيس۽ ڀاڪرن ۾ ڀڪيڙِي اوھان مھربانن پاران پري کان موڪليل مٺيون پھچائيندو رھيس سندس ڳلئي ڳاڙھا ٿي ويس ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين عبدالڪريم صاحب! حقيقت ۾ اوهانجا ٻول پڙهي اصل کل بيهي ئي نٿي ۔۔۔ همراهه جا ڳل ڳاڙها ڪري ڇڏيا اٿوَ ۔۔۔ اوهان به ڀلا موقعي ۽ مهل جي تاڙ ۾ هيا ڇا ۔۔۔؟

    سليمان ماڻهون ئي اهڙو آهي جو ڀاڪر پيا پائجنس ۽ مٺيون پيون ڏجنس ۔۔۔ ها ها ها
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب لک مهربانيون

    سائين اوهان جو خلوص ئي سڀ ڪجه آهي۔ سنڌ سلامت سهڻا دوست ڏنا آهن ۽ ان سان گڏ ڄاڻ جو خزانو مهيا ڪيو آهي، شال اهو سلسلو سٺي نموني سموري سنڌ ۾ هلي پئي ۽ دوستن جي هڪ ڪڙي ٺهي پوي۔ اوهان جو پيار ، اوهان جي پنهنجائپ ۽ اوهان جون دعائون اسان لاء گهنو ڪجه آهن۔ باقي سائين سليمان وساڻ اڪيلو ڪجه ناهي ، اها سنڌ سلامت ۽ دوست آهن جو اسان کي هي مان ۽ مرتبو مليو آهي۔

    الله اوهان کي خوش رکي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين چانڊيو صاحب ۽ سائين نثار واه جو ڪم ٿيو

    مٺايون ، ڪيڪ ۽ بريانيون دوست کائي ويا ۽ اوهان واري ڏس تي هلي اسان کي ڀاڪر پائي اصل پاسريون ڀڃي وجهن ها ۽ ڳل ڳاڙها ڪري وجهن پر شاباس آهي صاف وارن کي جن جي آن لائن سيمينار سبب ٿڪل هجڻ ڪري گهر وڃي سمهي پياسين۔ لڳي ٿو هي جهونا ڪي ان انتظار ۾ هئا ته ڪو دوست اهڙو اشارو ڏي۔ لڳي ٿو گهر مان مڙئي تنگ آهن يا هن عمر ۾ ٻاهريان پاسا ڏيندا ٿا وتن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير وري به پنهنجا آهن سندن پيار ۽ پنهنجائپ لاء سندن لک ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا اسان جي طرفان به توهان جنم ڏينهن جو لک لک واڌايون .
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين نثار واها واه۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جو خيال رکو بابا

    هي چانڊيو صاحب به ٻروچ آهي سوبه غيبي ديري جو ۔۔۔۔۔۔۔ اصل موقعي جي تاڙ ۾ ويٺو رهندو آهي

    اوهان دوستن ۽ وڏڙن جون خاص مهربانيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان دوستن جي پيار ۽ خلوص جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    منهنجي تجربي مطابق، مارچ ۾ پئدا ٿيندڙ انسان محبتي، پيار ڪرڻ وارا ۽ سونهن پرست هجن ٿا ... ان جي تصديق مونکي تڏهن ٿي، جڏهن سنڌ سلامت ۽ سنڌي انٽرنيٽ ۽ سنڌي فيسبڪ جي سڄاڻ دوست سليمان وساڻ سان ملاقات ٿي.

    سليمان وساڻ ۾ اهي مٿيون خوبيون هجڻ کان علاوه به اڻ ڳڻيون خوبيون آهن، جنهن ۾ حب الوطني، سچ جو ساٿي، دوستن کي مان ڏيڻ ، دوستيون نڀائڻ ۽ عملي انسان پڻ آهي.

    ڪي ماڻهون ايترا ته مٺڙا ۽ سهڻا ٿين ٿا جو انهن جي تعريف ۾ لفظ گهٽ پئجي وڃن ٿا ... سليمان وساڻ پڻ اهڙو ئي سنڌي نوجوان آهي جنهن جي تعريف ڪرڻ وقت لفظن جي ڪمي محسوس ڪندو آهيان.

    سليمان وساڻ، پنهنجي سڀني صلاحيتن سان پنهنجي آس پاس کي سهڻي ڪرڻ جا جتن ڪندو رهندو آهي ... فيسبڪ ۽ سنڌ سلامت تي سنڌ دوستن، سنڌي سورهين، سنڌي ڏاهن ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت جي اظهار ۾ انهن جا ڄم ڏينهن ۽ ورسيو ڪڏهن ناهي وساريندو ۽ پنهنجي پيار جا گل نڇاور ڪندو رهندو آهي.

    سنڌ سلامت ۽ فيسبڪ جي سموري سٿ کي سندس دوستيءَ تي فخر آهي ۽ مون لاءِ سندس دوستي ڪنهن پارس کان گهٽ ناهي.

    سهڻا دوست! اوهانکي اوهانجي سموريءَ سونهن جون واڌايون، اوهانکي سٻاجهي ۽ سچي طبيعت ماڻڻ جون واڌايون، سنڌ ۽ سنڌيت سان نڀائڻ جون واڌايون، سنڌي ٻوليءَ لاءِ پتوڙڻ جون واڌايون، سنڌ جي حقن لاءِ هر ميدان ۾ عملي طور شامل ٿيڻ جون واڌايون

    مون سي ڏٺا ماءِ، جن ڏٺو پرينءَ کي.

    رب العالمين اسانجي هن دوست کي نظر بد کان بچائي ۽ صحت ڪامله واري زندگي عطا ڪري ... آمين​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    شآه صاحب جي ڳاله وانگر ته ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بوء بهار جي سو اسان جو دوست سليمان وساڻ به انهن دوستن منجهان هڪ آهي جيڪو دوستن جو دوست يارن جو يار ۽ هر ڪنهن جو همدرد خاص ڪري سنڌي قوم جي ڪنهن به حق جي ڳالهه هجي ته اسان جو هي يار سڀ کان پهريان سنڌي ٻڌي ميدان ۾ لهي پوندو آهي مان ان کي سنڌ جو سچو عاشق سان تعبير ڪندو آهيان جتي عشق هوندو آهي اتي ئي هر دم ماڻهون پاڻ کي اڳيان ڪندو آهي بس اهو عشق به اسان جو هي دوست ننڍپڻ کان پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهي بنا لوث دوستن جي مدد ڪرڻ به ڪو هن کان سکي سنڌ سلامت ڊآٽ ڪام لاء اسان جي هن دوست جون جيڪي خدمات آهين اهي به ڪنهن کان ڳجهيون نه آهين جتي ويهبو سنڌ سلامت ۽ سنڌ جي ڳاله ضرور ڪبي اهو ئي سنڌ جي هڪ سپاهي جو ڪم آهي جيتوڻيڪ مان پاڪستان ايندو آهيان ته سليمان وساڻ سان ملڻ کان بنا ڪڏنهن به ناهيان ويندو ڇو ته هي دوست (ڀلي ايئر پورٽ نه به اچي هههه) پر پاڪستان پهچڻ سان فون ضرور ڪري پڇا ڪندو آهي ته بابا سنڌ ڌرتي تي خوش آمديد ۽ پوء جيڪو پهريون سوال هوندو اهي ته ابا ڪڏنهن سان اسان وٽ اچو ...بس پوء ادي جي ڳالهه ۾ پيار پهنجائپ سڪ محبت ۽ اڪير ايتري هوندي آهي جو نه جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿي ان ڪري هر بار اسان کي ادي سليمان سان ملي ڪري اهو احساس ٿيندو آهي ته اسان جي سنڌ ۾ اهڙآ جوڌا به موجود آهين جيڪي هر دم سنڌ لاء ڪوشان آهين اسان جي هن دوست لاء دل سان اها ئي دعا آهي ته پهنجي زندگي جون هزارين بهارون ماڻي شل آباد هجي سکيو هجي شل نه ڪو ڪوسو واء لڳيس آمين اسان جي طرفان اڃ جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون مبارڪون قبول هجن​
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    سائين اسان جي طرفان پڻ سليمان وساڻ صاحب جن کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون قبول هجن۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا اوهان کي جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون مبارڪ قبول هجن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ٻيلي ڪجهه اسان لا به ڇڏيو، اسان به نظرون اڙائي ويٺا آهيون ته سهڻن دوستن جا سهڻا گفتا ختم ٿين ته اسان به ونڊ ڪيون، مون وٽ جيڪي لفظ آهن اهي ايترا اهميت جوڳا شايد نه هجن ڇو ته جتي ايتري چاهه سڄڻن جي ظاهر ٿئي اتي منهنجا لفظ ڪا معني ا نٿا رکن پر سڪ ۽ اڪير جو اظهار ڪرڻ لا لفظن جو ئي ته سهارو هوندو آهي، محبوب سان محبت جو اظهار ڪرڻ لا جڪڏهن لفظ نه هجن ته محبوب کي خبر ئي نه پوي ته ڪو ايترو چاهه اندر منجهه آهي، پر ڪٿي ڪٿي لفظ به ساٿ ڇڏي ويندا آهن ته اتي احساس جو ڇُها سڀ ڪجهه بيان ڪري ويندو آهي، اهڙي ريت مون وٽ به اهي سڀ سهڻا احساس موجود آهن جيڪي هڪ سهڻي ۽ من مهڻي دوست بابت انسان وٽ هوندا آهن، زندگي جي وهڪري ۾ وهندي کوڙ سارا دوست ملن ٿا پر ڪي اهڙا آهن جيڪي دل تي اجرڪ جي ڦلڙين جيان چٽسالي ڪري زندگي کي سهڻو ڪري وجهندا آهن۔ دوست زندگي جو عظيم سرمايو هوندو آهي اهڙي ريت مان هميشه دوستن جي خزاني کي ڪڏهن وڃائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، اهڙي ريت سنڌ سلامت تي اچڻ سان مونکي سنڌ توڙي سموري دنيا ۾ دوستن جو بي بها خزانو هٿ اچي ويو آهي۔ جنهن ۾ گهڻن سان ويجهڙائي ان ڪري به ٿي آهي جو مها مهي ميل ميلاپ ٿيڻ ڪري دوستي جو ڳانڍاپو ويت مظبوط بڻجي چڪو آهي۔ سنڌ سلامت تي محترم سليمان وساڻ اهو پهريون دوست آهي جنهن سان مون پهريون ڀيرو ڪچهري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسان جي ملاقات به ٿي هئي۔۔۔سنڌ سلامت جي سونهن ۾ جيڪي ستارا چمڪن ٿا انهن مان هي سهڻو ۽ نفيسڙو ستارو به هڪ آهي۔ کيس جي سنڌ سلامت ۽ سنڌي ٻولي سان ايڏي چاهه تي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ سندس جي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا، شل جوانيون ماڻي، سدائين مُرڪندا ۽ مهڪندا رهن۔ سليمان وساڻ اهو واحد شخص آهي جيڪڏهن ڪنهن بابت ڪا شڪايت به بيان ڪندو آهي ته پو به مُرڪ چپڙن تي وکريل هوندي آهي۔ ڪڏهن غور ڪري ڳالهيون ٻڌوس اوهان کي به سائين جي مُرڪ جو اندازو ٿي ويندو۔ وڏو خوشنصيب آهي اهو ماڻهو جيڪو سائين سليمان وساڻ سان وير رکي ٿو ۽ پو به ان کي وير وٺڻ جي بدلي ۾ سائين سليمان وساڻ جي مُرڪ نصيب ٿئي ٿي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو