ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب
ڪراچي (رپورٽ: مجاهد شاهه) ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب، 300 ڪلو ڪوئلي مان 742 واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. ڪوئلي مان ڊيزل پيدا ڪرڻ لاءِ پي سي ون تيارين هيٺ. 898 ملين رپيا خرچ ٿيندا، دنيا جي ڇهين نمبر وڏي ڪوئلي جي ذخيري ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تجرباتي بنيادن تي زير زمين بجلي پيدا ڪئي وئي آهي. پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ جي نگراني هيٺ فيول ريسرچ سينٽر ۾ اهڙو تجربو ڪيو ويو، تجربي لاءِ 6 فوٽ ڊگهو ۽ 2 فوٽ ويڪرو انڊر گرائونڊ ڪول بيڊ (ڪوئلي جو تهه) تيار ڪيو ويو، جنهن کي مختلف مرحلن ذريعي پروسيس ڪري گئس ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ان مان 742 واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. اهڙي ڪامياب تجربي جو معائنو پاڪستان جي نامياري سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ ڪيو ۽ تجربو ڪندڙ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون، تجربي بابت فيول ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر گلزار حسين جهتيال ڪاوش کي ٻڌايو ته هاڻي)يو سي جي) انڊر گرائونڊ ڪول گئسيفڪيشن) جي ڪاميابي کان پوءِ اسان کي ان مان لڪوئيڊ فيول ٺاهڻو آهي، جنهن تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. هوڏانهن ذريعن موجب ٿر ڪول مان ڊيزل ۽ ٻيو لڪوئيڊ فيول تيار ڪرڻ لاءِ پي سي ون تيار ٿي رهي آهي. جنهن ۾ پلاننگ ڪميشن کان 989.382 ملين رپيا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ڪامياب تجربي باوجود اپريل تائين باضابطا طور بجلي پيدا ٿيڻ ناممڪن بڻيل آهي. ذريعن موجب، ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪري اسٽور ڪرڻ لاءِ گهربل ڪمپريسر ئي ناهن پهتا، جڏهن ته ٽارگيٽ ڪيل ايريا ۾ 42 هولن (کوهن) مان اڃا تائين رڳو 24 هول تيار ڪيا ويا آهن.