• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب

ڪراچي (رپورٽ: مجاهد شاهه) ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب، 300 ڪلو ڪوئلي مان 742 واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. ڪوئلي مان ڊيزل پيدا ڪرڻ لاءِ پي سي ون تيارين هيٺ. 898 ملين رپيا خرچ ٿيندا، دنيا جي ڇهين نمبر وڏي ڪوئلي جي ذخيري ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تجرباتي بنيادن تي زير زمين بجلي پيدا ڪئي وئي آهي. پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ جي نگراني هيٺ فيول ريسرچ سينٽر ۾ اهڙو تجربو ڪيو ويو، تجربي لاءِ 6 فوٽ ڊگهو ۽ 2 فوٽ ويڪرو انڊر گرائونڊ ڪول بيڊ (ڪوئلي جو تهه) تيار ڪيو ويو، جنهن کي مختلف مرحلن ذريعي پروسيس ڪري گئس ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ان مان 742 واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. اهڙي ڪامياب تجربي جو معائنو پاڪستان جي نامياري سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ ڪيو ۽ تجربو ڪندڙ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون، تجربي بابت فيول ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر گلزار حسين جهتيال ڪاوش کي ٻڌايو ته هاڻي)يو سي جي) انڊر گرائونڊ ڪول گئسيفڪيشن) جي ڪاميابي کان پوءِ اسان کي ان مان لڪوئيڊ فيول ٺاهڻو آهي، جنهن تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. هوڏانهن ذريعن موجب ٿر ڪول مان ڊيزل ۽ ٻيو لڪوئيڊ فيول تيار ڪرڻ لاءِ پي سي ون تيار ٿي رهي آهي. جنهن ۾ پلاننگ ڪميشن کان 989.382 ملين رپيا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ڪامياب تجربي باوجود اپريل تائين باضابطا طور بجلي پيدا ٿيڻ ناممڪن بڻيل آهي. ذريعن موجب، ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪري اسٽور ڪرڻ لاءِ گهربل ڪمپريسر ئي ناهن پهتا، جڏهن ته ٽارگيٽ ڪيل ايريا ۾ 42 هولن (کوهن) مان اڃا تائين رڳو 24 هول تيار ڪيا ويا آهن.​
 
جواب: ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب

سائين محترم وساڻ صاحب خبر ته واڌائين ڏيڻ جهڙي آهي پر افسوس جو دلي دور است جيئان سنڌ جي معدنيات ۽ سنڌ جي وسائل کي استعمال ڪرڻ ۽ سنڌ جي خوشحالي تي خرچ ڪرڻ سان پاڪستان جي انتظاميه کي بخار چڙهي ٿا وڃن ۔۔۔ الائجي ڇو اها ٻه اکيائي ڪئي ٿي وڃي، چاهي حڪومت سنڌي نمائندن جي هجي يا نه،

سنڌ گاڏي وارو ڍڳو پير پيران ۔۔۔ ڍڳي جو ملهه هزار، ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔

لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا

ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي ۔۔؟
 
جواب: ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب

ادا خبر ته تمام زبردست آهي پر جڏهن عملي طور تي اها شئي سنڌ ۾ لاڳو ٿئي ته پوءِ‌ ان کي اسان سنڌ جي لاءِ فائدي مند چونداسين۔۔۔ سنڌ جا ڪيترائي وسيلا هينئر تائين ڌاريا لٽيندا پيا وتن۔۔ الله ڪري هن وسيلي کي سنڌي قوم جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو وڃي۔۔ ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي جيڪڏهن صحيح استعمال ڪئي وڃي ته ٿر دبئي جهڙي شهر ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو۔۔​
 
جواب: ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪامياب

ادا مست توهانجي ڳاله بلڪل سهي آهي جيسي عمل نه ٿيندو تيسي ڪجه به ٿيندو
 
Back
Top